مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

امازون جي پراسرار دنيا ۽ جديد دنيا جا ماڻهو

هي اسرارن سان ڀريل هڪ دلچسپ دنيا آهي. زمين هجي يا آسمان ماڻهو ڪنهن هڪ نڪتي تي نه ٿو بيهي سگھي. هو گھڻين ڪوششن جي باوجود به ان جي انت تائين نه پهچي سگھيو آهي ۽ شايد پهچي به نه سگھي.
زمين تي گھڻيون اهڙيون جايون آهن جيڪي انسان جي لحاظ کان غير آباد آهن ۽ جيڪڏهين اتي ڪا آبادي آهي به ته ان جو جديد دنيا سان ڪو لاڳاپو ۽ واسطو ناهي.
لاطيني آمريڪا جي امازون جھنگل کي اهڙين جاين ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. اهو گھڻن ملڪن تي ڦهليل هڪ وسيع جھنگل آهي. اهو هر قسم جي وسيلن ۽ جيوت سان مالامال آهي. دنيا جي وڏن دريائن، آبشارن ۽ چشمن سان گڏوگڏ پکين، جانورن ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جا سوين قسم هتي موجود آهن. انهن مان گھڻا دنيا جي ٻين حصن ۾ ختم ٿي چڪا آهن پر هتي جديد دنيا جي انسان جي دخل اندازي گھٽ هئڻ ڪري اهي اڃا تائين باقي آهن. تخليقي ذهن جي حوالي سان ڏسجي ته هتي انسان جا اهڙا قسم به آهن جن جو مڪمل طور ارتقاء نه ٿي سگھيو آهي ۽ اهي سوين بلڪ هزارين سالن کان ساڳي حالت ۾ موجود آهن.
هڪ لحاظ کان اهو جھنگل قدرت جو ڪرشمو آهي پر نفعو، لالچ ۽ لوڀ سڀني قدرن ۽ فطرت جي سونهن تي حاوي ٿي ويئي آهي. هن وقت امازون هڪ وڏي خطري کي منهن ڏيئي رهيو آهي. مختلف طريقن سان جھنگل کي ختم ڪيو پيو وڃي. هتي سون جي کاڻين ۽ سون جي ذخيرن ۽ ٻين قيمتي ڌاتن جي هئڻ واري ڳالھه ته گھڻي پراڻي آهي ۽ ان لاءِ گھڻا مهم جو جوکم کڻي هتي ايندا رهيا آهن. پر هاڻي باقاعدي منظم نموني سان اهو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لاڳاپيل ملڪن جون حڪومتون، خاص طور آمريڪا جون گھڻ قومي ڪمپنيون ۽ مقامي مافيا شامل آهن. پنهنجي ڪم کي سولو ڪرڻ لاء جھنگل جي وچ مان هائي وي ٺاهيو پيو وڃي. مختلف وقتن تي عدالتن پاران منع نامي جي باوجود اهو ڪم جاري رهيو آهي. ان ڪم ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ هتي صدين کان رهندڙ ماڻهو به آهن جن کي مختلف طريقن سان اتان لڏائڻ ۽ مارڻ جا طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. ان سڄي صورتحال کي ڏسندي اهو خدشو هاڻي پڪ ۾ بدلجي ويو آهي ته ڪجھ عرصي کانپوء امازون جي جھنگل واري حيثيت ختم ٿي ويندي جنهن جا اثر پوري دنيا جي ماحوليات تي پوندا.
ان سڄي صورتحال کي ناول نگار آئيزيبل آلندي پنهنجي ناول City of Beast ۾ مختلف ڪردارن وسيلي نهايت سهڻي نموني پيش ڪيو آهي. اها ڳالھه مشهور ٿئي ٿي ته جھنگل ۾ هڪ اهڙو وحشي جانور آهي جيڪو ماڻهن ۽ ٻين جانورن کي ماري ٿو پر ان کي ڪنهن ڏٺو نه ٿو هجي. هو جتان گذري ٿو اتي گھڻي وقت تائين سندس بو رهي ٿي جنهن سان ماڻهو ۽ جانور بيهوش ٿي وڃن ٿا.
انٽرنيشنل جاگرافڪ مئگزين پاران هڪ ٽيم ٺاهي وڃي ٿي جنهن جو ڪم ان جانور جي ڳولها ۽ ان بابت لکڻ هجي ٿو. ان ٽيم ۾ علم الانسان جو هڪ ماهر، ٻه ٽي وي جا فوٽو گرافر، مئگزين جي هڪ ليکڪا ۽ سندس پوٽو اليگذينڊر، هڪ ڊاڪٽر، گائيڊ ۽ سندس ڌي ناديا شامل هجن ٿا. اها ٽيم جڏهين امازون ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان لاء ڄڻ ته دنيا ئي نئين هجي ٿي. هو دنيا جي ٻئين نمبر وڏي دريا امازون ۽ ٻين ننڍن دريائن ۾ ٻيڙين تي سفرڪن ٿا. اهو هڪ ڊگھو ۽ وڏو سفر هجي ٿو جنهن دوران اهي پنهنجي کاڌي لاء جانورن ۽ پکين جو به شڪار ڪن ٿا ۽ نانگ بلائون به کائين ٿا. اهي گھڻي ڀاڱي برازيل جي علائقي ۾ هجن ٿا جڏهين ته ڪٿي ان جي سرحد وينزويلا سان به ملي ٿي. هتي مختلف جاين تي حڪومت پاران مقامي ماڻهن جي حفاظت لاء فوج مقرر هجي ٿي. ٽيم جي ملاقات هڪ اهڙي فوجي ڪمانڊر سان ٿئي ٿي. پر ان ڪمانڊر جو علائقي جي اهڙن ماڻهن سان ڳٺ جوڙ هجي ٿو جن جو مقصد امازون جي دولت ۽ هتان جي ماڻهن کي ختم ڪرڻ هجي ٿو.
ٽيم جيئن دريا ۽ جھنگل ۾ اڳتي وڌي ٿي تيئن ان لاءخطرا وڌنڌا وڃن ٿا. کين ائين لڳي ٿو ته مٿن نظر رکي پيئي وڃي. پر کين ڪو نظر نه ٿو اڇي. سندن ڪو ڪو ماڻهو اوچتو غائب ٿي ٿو وڃي ۽ پوء ان مان ڪن جو خراب حالت ۾ لاش ٿو ملي. هڪ فوٽو گرافر کي دريا ۾ هڪ وڏو ازدهو وڪوڙي ٿو وڃي. ان کي ان مان آجو ته ڪيو وڃي ٿو پر سندس سڄو جسم چچرجي وڃي ٿو.
انٿراپولوجسٽ جيڪو اڳ امازون ۾ مقامي ماڻهن سان رهي ويو هو ۽ دنيا ۾ علائقي جي ماهر طور ڄاتو ويندو هو ان جو هتان جي ماڻهن متعلق ڪو چڱو رايو نه هو. سندس چوڻ هو ته اهي وحشي ۽ آدمخور آهن ۽ مٿن ڪنهن به ريت ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي ۽ ان ڪري ٽيم کي واپس موٽڻ گھرجي. جڏهين ته گائيڊ ۽ سندس ڌي، جيڪي هڪ ڊگھي عرصي کان هتي رهيل هئا ۽ نه رڳو سندن هتان جي ماڻهن سان واسطو هو پر اهي انهن جون ڪجھ ٻوليون به ڳالھہائيندا هئا، بلڪل مختلف رائي جا هئا. ٽيم جي ٻين ميمبرن جو به اهو ئي خيال هجي ٿو ته سفر جاري رهڻ گھرجي ۽ جنهن وحشي جانور جي ڳولها ۾ نڪتا آهيون ان کي پورو ٿيڻ گھرجي.
بهرحال کين اهو محسوس ٿئي ٿو ته مٿن نظر رکي پيئي وڃي پر ڪير کين نظر نه ٿو اچي. هڪ رات اليگزينڊر ۽ ناديا جيئن رات جو چڪر لاء نڪرن ٿا ته نظر نه ايندڙ قبيلي جي ماڻهن جي هٿان اغواء ٿي وڃن ٿا. هن قبيلي جي ماڻهن جي اها خاصيت هجي ٿي ته اهي جڏهين چاهين تڏهين ائين غائب ٿي سگھن پيا جو ڪنهن کي نظر نه اچن. اهي کين مٿي جبل تي ٺهيل پنهنجي ڳوٺ ۾ وٺي ٿا وڃن. منجھن عورت ۽ مڙد ۾ ڪا تفريق نه ٿي هجي. سردار جي مرڻ کانپوء سندس زال قبيلي جي سردار ٿئي ٿي ۽ اليگذينڊر ۽ ناديا کي اها ذميواري ڏني وڃي ٿي ته اهي انهن نظر نه ايندڙ ماڻهن جا ٻي دنيا سان رابطي لاء نمائندا هوندا. جادوئي حقيقت پسندي جي انداز ۾ لکيل هن ناول ۾ انهن ٻنهي ۾ جانورن جون خاصيتون هجن ٿيون جيڪي سندن مختلف معاملن ۾ رهنمائي ڪن ٿيون. اليگذينڊر ۾ جھنگلي ٻلي ۽ ناديا ۾ عقاب جون خاصيتون هجن ٿيون. ساڳي وقت ناديا جي انهن ماڻهن جي بزرگ ولي مائي، جنهن جو سندن خدائن سان رابطو هجي ٿو، سان پڻ دوستي هجي ٿي. ولي مائي انهن ٻنهي کي جبلن ۽ غارن جي اهڙي پراسرار سلسلي مان وٺي وڃي ٿو جتي هزارين سالن کان ڪنهن انسان پير نه پاتو هو. هو اهڙي جاء تي پهچن ٿا جتي کين لڳي ٿو ته هر شي سون جي ٺهيل آهي پر اهو سون نه هو ۽ اهي شيون مختلف ڪيميڪل وغيره جي ڪري ائين نظر آيون ٿي. اتي انهن ٻنهي کي هڪ نه پر يارنهن ٻارنهن اهي جانور نظر اچن ٿا جنهن جي ڳولها ۾ ان ٽيم امازون جو اهو ڏکيو سفر ڪيو هو. ولي مائي کين ٻڌائي ٿو ته اهي اسان جا خدا آهن. اهي بلڪل نظر نه ايندڙ قبيلي جي ماڻهن جيان ڳالھہائي رهيا هئا. ولي مائي انهن کي اليگذينڊر ۽ ناديا متعلق ٻڌائي ٿو ته سردار جي مري وڃڻ کانپوء نئين سردار انهن کي ٻاهرين دنيا سان رابطي لاء نمائندو مقرر ڪيو آهي. ولي مائي ڄڻ ان قبيلي جي ماڻهن ۽ خدائن وچ ۾ رابطو هو ۽ انهن کي سڀني خبرن کان آگاه رکندو هو. اهڙي ريت انهن کي هر ڳالھہ جي خبر هوندي هئي. ولي مائي ٻڌائي ٿو ته انهن خدائن جي سوين سال عمر آهي ۽ انهن جو هلڻ چلڻ ۽ ڳالھہائڻ ٻولهائڻ آهستگي سان هوندو آهي.
سڄي پراسرار دنيا گھمڻ کانپوء اهي جڏهين موٽن ٿا ته کين مٿي جبل تي نظرنه ايندڙ ماڻهن جي ڳوٺ وٽ هڪ هيلي ڪاپٽر بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو اليگذينڊر ۽ ناديا جي ڳولها ۾ اتي پهتو هو پر ساڳي وقت قبيلي جا ماڻهو غائب ٿي وڃن ٿا. گھڻي انتظار کانپوء جڏهين هو نه ٿا موٽن ته ڊاڪٽر ناديا ۽ اليگذينڊر کي چئي ٿي ته اهي انهن کي موٽڻ لاء قائل ڪن ته جيئن هو پنهنجو ويڪسين هڻڻ وارو ڪم مڪمل ڪري. هو اهو ڪم ته ڪن ٿا پر ان دوران کين اها خبر به پئي ٿي ته ڊاڪٽر جو ان همراه سان ڳٺ جوڙ آهي جنهن جي علائقي جي وسيلن تي نظرآهي ۽ جيڪو هتان جي ماڻهن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽرجون اهي ويڪسين دراصل بيمارين کان محفوظ رهڻ جي بجائي بيمارين کي ڦهلائڻ لاء هيون ۽ عين وقت تي ڊاڪٽر جي اهڙي ڪوشش کي ناڪام بڻايو وڃي ٿو.
پنهنجي ان سڄي تجربي سان گڏ اها ٽيم واپس موٽي ٿي. جيتوڻيڪ ان قبيلي وارن ۽ سندن خدائن کي في الحال ته ڪو ضرر نه ٿو پهچي ۽ اهي محفوظ رهن ٿا پر اها ڳالھہ ته پنهنجي ليکي آهي ته امازون جي وسيلن تي جن ماڻهن ۽ قوتن جي نظر آهي انهن کان اهو سڀڪجھ گھڻي عرصي تائين محفوظ نه رهي سگھندو.