مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڏتڙيل ماڻهن جي پناه گاه

ارون دتي رائي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ لکيل پنهنجي ٻئين ناول The Ministry of Utmost Happiness ۾ هڪ لحاظ کان ڀارت جي مختلف علائقن جي صورتحال ۽ اتان جي ماڻهن جي جدوجهد کي ڄڻ ته دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڪردار سماج جي مک ڌارا کان ڌار، باغي ۽ منفرد آهن ۽ سندن واسطو گھڻو ڪري اهڙن گروهن ۽ علائقن سان آهي جيڪي رياستي ڏاڍ جو شڪار آهن. ناول جي شروعات دهلي ۾ آفتاب جي جنم کان ٿئي ٿي جنهن جو جسم ۽ مزاج ساڳي وقت نسواني خاصيتون پڻ رکن ٿا ۽ جيڪو نيٺ انجم جي روپ ۾ تبديل ٿي کدڙن جي مڏي خوابگاه ۾ شامل ٿئي ٿو. پر اهو هڪ عام ماڻهو نه ٿو هجي. هڪ ته ان ڪردار جي وسيلي دهلي ۾ سرمد شهيد جي مزار ۽ ان جي ڪردار جي اهميت کي واضح ڪيو ويو آهي جنهن کي دهلي گھمندڙ ماڻهو گھڻي اهميت نه ڏيندا آهن. ٻي ڳالھه ته اهو ڪردار ساڳي وقت هڪ همدرد دل پڻ رکي ٿو ۽ جامع مسجد جي ڏاڪڻين تان مليل ٽن سالن جي ٻار کي پنهنجي ڌي وانگر پالي ٿو. ان ٻار جي بيماري جي سلسلي ۾ ئي هو مليل ڏس تي اجمير شريف خواجه غريب نواز جي مزار تي وڃي ٿي، جتان احمد آباد هڪ ٻي مزار تي ويندي هو گجرات ۾ شروع ٿيل فسادن جي وڪوڙ ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ ساڻس گڏ آيل ذاڪر ميان مارجي وڃي ٿو ۽ هو رڳو ان ڪري بچي وڃي ٿي ته فسادي ٽين جنس جي فرد کي مارڻ بدشگوني سمجھن ٿا. زينب انجم جي ڀيٽ ۾ خوابگاه جي هڪ ٻي عورت سعيده سان وڌيڪ مانوس ٿئي ٿي جيڪا ڳالھه انجم لاءِ مايوسي جو باعث هجي ٿي ۽ هو خوابگاه ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿي. سڀ اهو ئي سمجھن ٿا ته اهو ڪو پائدار فيصلو ناهي ۽ هو وري موٽي خوابگاه ۾ ايندي. پرهو هڪ ويران قبرستان ۾ پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ٿي جيڪو اڳتي هلي جيڪي به رانده درگاه هجن ٿا انهن جو ٺڪاڻو بڻجي وڃي ٿو. هتي قبرن جي وچ ۾ ڪمرا ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ان کي جنت گيسٽ هائوس جو نالو ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪنهن کي رهڻ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اختيار مڪمل طور انجم وٽ هجي ٿو.
ان دوران دهلي ۾ ڪجھ ٻيا واقعا ٿين ٿا. ناول ۾ ليکڪا ڪردارن ۽ خاص ڪري اهم سياسي شخصيتن کي سندن اصلي نالا نه ٿي ڏئي جيئن هو گجرات جي فسادن جي حوالي سان مودي کي گجرات جي لالا جي نالي سان ياد ڪري ٿي. اهڙي ريت هو ڀارتي پارليامينٽ جي ويجھو جنتر منتر وٽ انا هزاري جي ڪرپشن جي خلاف ڌرڻي جو ذڪر ڪندي ان جي سڄي شخصيت کي بيان ڪري ٿي پر ان جو نالو نه ٿي وٺي. ميڊيا وغيره پاران انا هزاري کي گھڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ ماڻهن جو هڪ هجوم سندس چوڌاري اچي گڏ ٿئي ٿو. پنهنجي ان اهميت کي ڏسندي هو پنهنجي ايجنڊا کان ٻاهر وڃي بيان ڏيڻ شروع ڪري ٿو. ٻيا گھڻا گروپ پنهنجين گھرن کي ماڻهن آڏو آڻڻ لاء ان موقعي مان فائدو وٺڻ چاهين ٿا ۽ ان علائقي ۾ پنهنجا ڪئمپ قائم ڪن ٿا. پر اهو طئي هجي ٿو ته انهن کي يا ته پوليس ذريعي هٽايو وڃي يا انهن کي گھڻي اهميت نه ڏني وڃي. ان ڪري سرمايا دارن جي ميڊيا گروپن پاران اهو طئي ڪيو وڃي ٿو ته سڄي توجھ انا هزاري تي مرڪوز ڪئي وڃي ته جيئن سياستدانن جي ڪرپشن کي فوڪس ڪري سرمائيدارن جي ڪرتوتن کي لڪايو وڃي. اهو جيئن ته ڪانگريس جي حڪومت جو دور هجي ٿو ۽ بي جي پي لاء به ان مان فائدو وٺڻ جو موقعو هجي ٿو ان ڪري اڳ جيڪو ان تحريڪ جو انتظام غيرسياسي اين جي اوز وغيره جي ڪارڪنن جي هٿ ۾ هجي ٿو ان تي آهستي آهستي گجرات جي لالا جا پوئلڳ قبضو ڪندا وڃن ٿا ۽ سڄي شو کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻي ڇڏين ٿا. هتي آزاد ڀارتيا نالي جو هڪ جھونو ڪارڪن چوويه ڪلاڪ موجود هجي ٿو ۽ گھڻو ڪري بک هڙتال تي رهي ٿو. سندس واسطو انجم جي دوستن ۽ ٻين اهڙن احتجاج ڪندڙن سان هجي ٿو جن کي ميڊيا وغيره پاران گھڻي اهميت نه ٿي ڏني وڃي.
جنتر منتر واري جاء تي هڪ واقعو ٿئي ٿو. هڪ عورت پنهنجو نئون ڄاول ٻار اتي ڇڏي غائب ٿي وڃي ٿي. هرڪو ان اڻتڻ ۾ هجي ٿو ته ان ٻار جو ڇا ڪجي ته هڪ عورت اوچتو ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان ٻار کي کڻي غائب ٿي وڃي ٿي. انجم سان قبرستان ۾ رهندڙ صدام حسين هڪ ٻئي همراه سان گڏ ان عورت جي پويان وڃي ٿو. اهي ان عورت جي فليٽ تي پهچي اتي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڇڏي اچن ٿا. اها عورت ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکندڙ ٽلو هجي ٿي جيڪا دهلي ۾ آرڪيٽيچڪر جي شاگردياڻي هجي ٿي. سندس واسطو هڪ ڪشميري موسا يسوي، بپلاڀ داس گپتا ۽ ناگراج هريهرن سان هجي ٿو جيڪي سندس دوست هجن ٿا ۽ هڪ ڊرامي ۾ گڏجي ڪم به ڪن ٿا. هتان ناول ڄڻ ڪشمير جي صورتحال ڏانهن مڙي وڃي ٿو. انهن ڪردارن جو مختلف طريقن سان ان صورتحال سان تعلق بڻجي ٿو. موسا يسوي آزادي جي تحريڪ سان لاڳاپيل هجي ٿو جڏهين ته داس گپتا ڪشمير ۾ اينٽيليجينس جي هڪ اهم عهدي تي فائز هجي ٿو ۽ گورنر جي ٽيم جو رڪن هجي ٿو. ناگراج صحافت سان لاڳاپيل هجي ٿو ۽ ساڳي وقت ڀارتي اينٽيلينجينس لاء پڻ ڪم ڪري ٿو. انهن ٽنهي جي ٽلو ۾ دلچسپي هجي ٿي پر هو موسا سان وڌيڪ لاڳاپيل هجي ٿي. موسا جي ڪشمير وڃڻ کانپوء به ٽلو سان سندس لاڳاپو رهي ٿو ۽ هو کيس مختلف شيون ۽ نياپا پنهنجن ماڻهن وسيلي موڪليندو رهي ٿو. هڪ ڀيري هو کيس ڪشمير اچڻ لاء چئي ٿو. هو جمون جي رستي ڪيترين فوجي چوڪين ۽ تلاشين کانپوء سري نگر پهچي ٿي جتي موسا جا ماڻهو کيس هائوس بوٽ شاهين تائين پهچائين ٿا.هتي موسا کي ساڻس ملڻو هو. موسا ڪمانڊر گلريز جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو جيڪو ان ٻيڙي جو انتظام وغيره سنڀاليندڙ سندس دوست جو نالو هجي ٿو. موسا کيس ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي ريت سرينگر ۾ جنازي جي جلوس تي ڪيل فوج جي فائرنگ ۾ گھر جي بالڪني ۾ بيٺل سندس زال عارفه ۽ ڌي مس جبين پهرين مارجي ويون هيون. موسا جي اتان لڪي نڪرڻ کانپوء جڏهين هو اتان واپسي لاء نڪرڻ واري هجي ٿي ته فوج امريڪ سنگھ جي اڳواڻي ۾ ڪمانڊر گلريز کي گرفتار ڪرڻ لاء ٻيڙي تي ڇاپو هڻي ٿي. موسا ته کين نه ٿو ملي پر اهي سندس دوست گلريز ۽ ٽلو کي گرفتار ڪري وڃن ٿا. رستي ۾ ٻيڙي بيهاري گلريز کي هڪ جاء ۾ وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي انعام جي رقم وٺڻ لاء پنهنجن آفيسرن کي اهو ڏيکارين ٿا ته انهن ڪمانڊر گلريز کي ماري ڇڏيو آهي ۽ ٽلو کي پڇا ڳاڇا لاء هڪ سينيما ۾ قائم ڪيل پڇا ڳاڇا واري موڪز ۾ وٺي وڃن ٿا. کانئس پڇا ڳاڇا شروع ٿئي ٿي. کيس چيو وڃي ٿو ته جڏهين هو ڪشميري به ناهي ته پوء هو هتي ڇو آئي آهي ۽ سندس دهشت گردن سان ڪهڙو تعلق آهي. کيس پنو ۽ پين ڏنو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ان تي جيڪي لکڻ چاهي ٿي لکي. هو ان تي رڳو بپلاپ داس گپتا جو ڊرامي نارمن، جيڪو ڪڏهين اسٽيج ٿي نه سگھيو، ۾ ادا ڪيل ڪردار جو نالوگارسن هوبرٽ لکي ٿي ۽ اهو گپتا کي پهچائڻ لاء ڏئي ٿي. گپتا پنهنجي ۽ ٽلو جي دوست ناگراج، جيڪو ان وقت سري نگر ۾ موجود هجي ٿو، کي کيس وٺي اچڻ لاء موڪلي ٿو جنهن سان هو پوء شادي ڪري ٿي. ٽلو ناگراج سان گھڻو عرصو نه ٿي رهي سگھي ۽ هڪ فليٽ، جيڪو گپتا جو هجي ٿو، مسواڙ تي وٺي ان ۾ رهڻ لڳي ٿي. پر ڪجھ عرصي کانپوء کيس محسوس ٿئي ٿو ته پوليس ان ٻار، جنهن کي هو جنتر منتر تان کڻي آئي هئي ۽ جنهن کي هن مس جبين ٻئين جو نالو ڏنو هو، جي ڳولها ۾ آهي ۽ ڪنهن وقت به سندس فليٽ تي ڇاپو لڳي سگھي ٿو ۽ هو گرفتار ٿي سگھي ٿي. هو ان سلسلي ۾ آزاد ڀارتيا سان صلاح ڪري ٿي جيڪو کيس جنت گيسٽ هائوس ۾ منتقل ٿيڻ لاء چئي ٿو. هو پنهنجو ضروري سامان ۽ موسا جون موڪليل گھڻيون شيون کڻي صدام حسين ۽ سندس هڪ دوست جي مدد سان جنت گيسٽ هائوس منتقل ٿي وڃي ٿي.
هتي هڪ نئون انڪشاف ٿئي ٿو. آزاد ڀارتيا هڪ خط کڻي اچي ٿو جيڪو مس جبين ٻئين جي ماء ڪامريڊ ريواتي جو لکيل هجي ٿو جنهن ۾ اها ٻڌائي ٿي ته هو آندرا پرديش جي گوداوري ضلعي ۾ مائو نواز گوريلن سان ڪم ڪندي رهي آهي. هڪ ڀيري گرفتار ٿيڻ کانپوء ساڻس اجتماعي زنا ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ اها ڇوڪري پيدا ٿي جنهن جو نالو هن ادايا رکيو هو. پر جيئن ته ان کي سنڀالڻ سندس لاء ممڪن نه هو ان ڪري کيس ٻار کي جنتر منتر تي ڇڏڻو پيو ۽ هاڻي سندس حياتي پڻ پوري ٿيڻ واري آهي.
ساڳي ريت موسا به ڪجھ وقت جنت گيسٽ هائوس ۾ گذاري ٿو ۽ ٽلو کي ٻڌائي ٿو ته هاڻي هو جنهن ڪم لاء وڃي ٿو ان ۾ سندس جيئرو موٽڻ ممڪن ناهي. زينب ۽ صدام حسين جي شادي ٿئي ٿي ۽ ناول خوش اسلوبي سان پڄاڻي تي پهچي ٿو.
جيتوڻيڪ ناول جو وڏو حصو ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان آهي پر ان ۾ ٻين مختلف سماجي ۽ سياسي لاڙن کي پڻ مختلف ڪردارن وسيلي سمويو ويو آهي. هڪ لحاظ کان ڄڻ اهو ڀارت جي صورتحال جو هڪ Bird’s Eye view آهي. اهو ناول ان ڳالھہ کي پڻ ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهين ناول جي جمالياتي ۽ فني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ٿو ته پوء ان ڳالھہ سان ڪو فرق نه ٿو پئي ته ناول جو موضوع سياسي آهي يا ڪو ٻيو آهي. هتي ان ڳالھہ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ۽ ڪٿي به اهو پروپئگنڊا واري ڪيفيت جو شڪار نه ٿيو آهي.