حسين بن منصور: عشق جو شهيد
سلطنتون جڏهين ڪمزور ٿينديون ۽ زوال ڏانهن وينديون آهن ته ان جو مثبت پاسو اهو هوندو آهي ته ثقافتي، علمي ۽ نظرياتي حوالي سان رياست جي گرفت ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ مختلف خيالن ۽ نظرين کي وڌڻ ويجھڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. جيتوڻيڪ عباسي حڪمران هونئن به عقيدي جي حوالي سان گھڻا سخت نه هئا پر مرڪز جي ڪمزوري هڪ انارڪي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. هڪ پاسي مختلف سردارن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ خودمختيار حڪومتون قائم ڪري ڇڏيون هيون ۽ ٻئي پاسي نوان مذهب، عقيدا ۽ نظريا ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا هئا جيڪي سلطنت جي مک نظرئي ۽ مذهب کان مختلف هئا. مختلف علائقن ۾ باغين زور ورتو هو ۽ مصر ۾ فاطمين ۽ ايران ۾ بوئدين جون حڪومتون قائم ٿي ويون هيون. شاهراهون محفوظ نه هيون ۽ قافلن جو لٽجڻ عام هو. گھڻا قافلي وارا پاڻ سان هٿياربند جٿا به گڏ کڻي هلندا هئا.
ان دور جي حوالي سان حسين بن منصور هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو ساڳي وقت حافظ قرآن، شاعر۽ صوفي هو. سندس نعرو هو ته آئون سچ آهيان. هن جڏهين ان وقت جي هڪ وڏي صوفي حضرت جنيد بغدادي سان پنهنجي اندرجي ڳالھہ ڪئي ته هن کيس چيو ته احتياط ڪر، مون کي تنهنجي لاء رت نظر اچي پيو.
جميلا هاشمي جو ناول دشت سوس حسين بن منصور جي زندگي ۽ سندس شهادت جي حوالي سان آهي . هي ناول ڄڻ ته هڪ جامع ۽ گھڻي تحقيق ڪيل دستاويز آهي. ريشم جو ڪاروبار ڪندڙ حسين جو ڏاڏو آتش پرست هو جنهن عباسي سلطنت ۾ هڪ ويراني دشت ۾ اچي پنهنجو گھر ٺاهيو هو جتي هر وقت گرم هوائون ۽ واچوڙا لڳندا رهندا هئا. سندس گھر ۾ آتش ڪده هو جنهن ۾ هر وقت باه ٻرندي رهندي هئي. حسين جي پي منصور جي قرآن ۽ اسلامي تعليم ۾ دلچسپي هئي ۽ هو پاڻ مسلمان ٿي ويو هو ۽ پي کان گھڻو پري وڃي رهڻ لڳو هو.
گھڻا قافلي وارا بغداد ۽ ٻين مختلف شهرن ڏانهن ويندي ڪجھ آسيس وٺڻ ۽ رات رهڻ لاء حسين جي ڏاڏي جي گھر ۾ رهندا هئا. انهن ۾ حڪومت جا مخالف باغي ۽ مختلف نظرين ۽ مذهبن جا ماڻهو به هوندا هئا جيڪي انهن علائقن ۽ ماڻهن جا حال احوال ٻڌائيندا هئا جتان سندن گذر ٿيو هو. انهن جي ڳولها ۾ ايندڙ سپاهي حسين جي گھر وارن کان اچي آڏي پڇا ڪندا هئا.
حسين جي پيءُ کي شروع ۾ سندس ذهانت جو اندازو ٿي ويو هو. سندس خيال هو ته حسين کي مذهبي تعليم ڏيارجي. پر حسين جي طبيعت ۾ قرار نه هو. ڪنهن هڪ مدرسي ۽ ڪنهن استاد وٽ هو گھڻو عرصو نه ٽڪي سگھندو هو ۽ نه ئي سندس خيالن سان ٺهڪي هلي سگھندو هو. هو پنهنجن استادن کان گھڻو مختلف ۽ ڌار سوچيندو هو. دراصل کيس ڪنهن شي جي ڳولها هئي جنهن کيس هڪ جاء تي ٽڪڻ نه ٿي ڏنو. ان جي لاء هو لاڳيتو سفر ۾ رهندو هو ۽ مختلف ماڻهن سان ملندو هو. هڪ ڀيري بصره ويندي قافلي ۾ سندس ملاقات هڪ عيسائي عورت ۽ سندس ڌي اغلول سان ٿئي ٿي. هو ڄڻ اغلول جي نيڻن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. قافلي تي ڦورن جو حملو ٿئي ٿو ۽ اغلول ٻين عورتن سان گڏ باندي بڻجي وڃي ٿي. کيس بغداد جي بازار ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
عباسي خلافت جو هڪ وزير حماد بن عباس کيس خريد ڪري ساڻس شادي ڪري ٿو جڏهين ته حسين جي لاء زندگي هاڻي ڄڻ اغلول جي ڳولها جو نالو بڻجي وڃي ٿي. هو مڪي ۽ مديني ۾ ويندو رهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هن ٽي حج ڪيا هئا. هڪ ڀيري اتي سندس ملاقات اغلول سان ٿئي ٿي ۽ اغلول جي ٻانھي سندن لاء هڪ رابطي جو ذريعو هجي ٿي. اغلول بيمار هجي ٿي ۽ مڪي ۾ ئي سندس وفات ٿئي ٿي. حماد پنهنجي زال سان گھڻي محبت ڪندو هو. کيس سندس وفات جو گھڻو افسوس ٿئي ٿو ۽ هو اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿو ته نيٺ مڪي ۾ ڇا ٿيو هو. کيس اغلول جي ٻانھي کان حسين ۽ اغلول جي تعلق جي خبر پئي ٿي.
ڏٺو وڃي ته بغداد ۽ عباسي سلطنت جي ان وقت جي صورتحال ۾ حسين جو اناالحق جو نعرو ڪا وڏي اهميت نه پيو رکي. ڇاڪاڻ ته مختلف نظرين جا حامل سوين فرقن جا ماڻهو کلي عام ملڪ ۾ پيا هلندا هئا ۽ مٿن ڪنهن به قسم جي ڪا روڪ ٽوڪ ۽ پابندي نه هئي. حسين جي لاء اصل معاملو اغلول سان تعلق هو جنهن جي ڪري وزير حماد ڪنهن به صورت ۾ کيس بخش ڪرڻ لاء تيار نه هو ۽ حسين کي به اها ڄاڻ هئي ته سندس اڃ رڳو ان وقت اجھندي جڏهين هو ڪنهن بيگناه ۽ معصوم جو رت پيئندو ۽ اهو بيگناه ۽ معصوم هو پاڻ هو. حسين جي حيثيت ته اها هئي ته خليفي پاران پاڻ کيس دربار ۾ گھرائڻ ۽ اعلا مرتبي تي فائز ڪرڻ جي باوجود کيس اطمينان نه ٿيندو هو ۽ هو اهو سڀڪجھ ڇڏي پنهنجي واٽ وٺي هليو ويندو هو. پر هو روحاني لحاظ کان هڪ وڏي مقام تي پهتل هو ۽ چيو ويو ٿي ته سندس دعائن کي قبوليت جو درجو حاصل هو. سندس اها حيثيت ۽ دربار ۾ سندس اهميت ان وقت جي گھڻن صوفين ۽ مذهبي عالمن کان سٺي نه ٿيندي هئي.
هو مختلف موقعن تي گرفتاري کان بچڻ لاء بغداد مان هليو ويندو هو. پر شهادت کان نو سال اڳ کيس شاهي محل جي تهخاني ۾ قيد ڪيو ويو هو. اتي خليفي جي ماء سندس مريد ٿي ويئي هئي. خليفي تي سندس ماء جو زور هو ته ڪنهن به ريت حسين کي قتل ڪرڻ جي منظوري نه ڏئي. ان ڪري خليفو ان کي ٽاريندو آيو. پر دربار جي مذهبي عالمن، صوفين، اميرن ۽ وزيرن جو خليفي تي دٻاء هو ته جيئن ته حسين مسلمان نه پر قرمتي فرقي سان واسطو رکي ٿو جيڪي ڪعبت الله کي ڊاهڻ چاهين ٿا ان ڪري سندس قتل ضروري هو. انتهائي مجبوري جي حالت ۽ زور دٻاء کانپوء خليفي کي نيٺ ان جي منظوري ڏيڻي پئي.
حسين کي قيد خاني مان فرار لاء به چيو وڃي ٿو ۽ اها آڇ به ڪئي وڃي ٿي ته هو اناالحق جي نعري تان هٿ کڻي ته کيس آزاد ڪيو ويندو. پر هو آزاد ٿيڻ جي هر اهڙي ڪوشش کي رد ڪري ڇڏي ٿو. سندس سڄي جستجو پنهنجي محبوب سان ملڻ لاء هئي ۽ آخري ساه تائين اناالحق سندس انگ انگ مان گونجندو رهيو. کيس انتهائي اذيت ڏيئي ماريو ويو. پهرين جلاد سندس چهري تي ڌڪ هنيا، پوء کيس ڦٽڪا هنيا ويا، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويئي ۽ جسم جا ڳترا ڳترا ڪيا ويا.
حسين کي ان وقت جي صوفين صوفي جو درجو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پر اڳتي هلي انهن جي لاء هو هڪ رهنما بڻجي ويو. هو ان عشق جو شهيد ٿي ويو جنهن کي اناالحق جو نالو ڏنو ويو آهي. حسين جي شاعري کي اعلا مقام حاصل آهي. سندس خيالن ۽ شاعري جو اثر عربي، فارسي، سنڌي، اڙدو ۽ ٻين گھڻين ٻولين تي پيو آهي.
هن ناول کي اڙدو جي ڪلاسڪ لٽريچر ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. پر اها حيرت جي ڳالھہ آهي ته ليکڪا کي اها مڃتا نه ملي سگھي آهي جيڪا اڙدو جي ٻين وڏن ليکڪن کي ملي آهي. ان جو ڪارڻ هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڄاڻايو آهي ته شهرت ۽ مڃتا لاء پبلڪ رليشنز جي ضرورت آهي جنهن جي وٽس کوٽ آهي. ڏٺو وڃي ته اها ساڳي صورتحال پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ليکڪن سان پڻ آهي. بهرحال هي ناول سندس سڃاڻپ آهي.