مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

ادب ۽ سياست

ادب ۽ سياست

جيتوڻيڪ سائمن بوليوار جو لاطيني آمريڪا کي متحد ڪرڻ جو خواب پورو نہ ٿي سگھيو، پر هتان جا ملڪ ۽ ماڻهو پنهنجي ٻولي، ثقافت، ادب ۽ سياست وغيره جي لحاظ کان ڄڻ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. هڪ ملڪ جو ماڻهو ٻئي ملڪ ۾ سولائي سان وڃي سگھي ٿو ۽ ان کي ان ۾ ڪا اوپرائپ محسوس نہ ٿي ٿئي. ماريو ورگاس لوئس پيرو ۾ جنم ورتو. پر سندس آتم ڪٿا A Fish in the Water مان اها ڳالهہ پڌري ٿئي ٿي تہ سندس خاندان جي مختلف فردن جو هڪ پير پيرو ۾ تہ ٻيو بوليويا يا علائقي جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو هو. هو ائين انهن ملڪن ۾ اچ وڃ ڪندا هئا، ڄڻ تہ هڪ ئي ملڪ ۾ هجن.
لاطيني آمريڪا جي ليکڪن جي خاص ڳالهہ اها آهي تہ سياست ۽ صحافت وغيرہ سندن لاءِ ڪا اوپري شيءِ ناهي، پوءِ ڀلي اهو گارشيا مارڪيز هجي يا ماريو ورگاس. هيءَ آتم ڪٿا ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ليکڪ جي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي آهي ۽ ٻي سندس سياسي زندگي.
سندس ذاتي زندگي ڏکيائين، تڪليفن ۽ جدوجهد سان عبارت آهي. هو اڃا پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هجي ٿو تہ سندس پيءُ، جنهن سان سندس ماءُ پيار ۾ شادي ڪئي هجي ٿي، انهن کي ڇڏي ڏئي ٿو. سندس ننڍپڻ پنهنجن ناناڻن جي گھر ۾ گذري ٿو، جتي کيس تمام گھڻو پيار ملي ٿو. وٽس اهو ئي تاثر هجي ٿو تہ سندس پيءُ گذاري ويو آهي، پر هڪ ڏينهن سندس ماءُ کيس سندس پيءُ سان ملاقات لاءِ وٺي وڃي ٿي ۽ کيس تاڪيد ڪري ٿي تہ ان ڳالهہ جي گھر ۾ ڪنهن کي خبر نہ پئي. اهڙي ريت بهاني سان ٻيئي ماءُ پيءُ کيس ٻئي شهر وٺي وڃن ٿا ۽ اتي هڪ ڌار گھر ۾ رهن ٿا.
پيءُ هڪ سخت گير طبيعت جو مالڪ هجي ٿو ۽ هروقت کيس ۽ سندس ماءُ کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ مارڪٽ ڪندو رهي ٿو. سندس چوڻ هجي ٿو تہ ناناڻن ۾ رهي ان جون عادتون خراب ٿي ويون آهن، جن کي صحيح ڪرڻو پوندو. هو گھڻو ڪري هيسيل ۽ پيءُ کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. گھڻا ڀيرا هو ۽ سندس ماءُ گھر ڇڏي هليا وڃن ٿا، پر پيءُ وري کين پرچائي وٺي اچي ٿو. هو حيران هجي ٿو تہ انهن سڀني زيادتين جي باوجود سندس ماءُ پنهنجي مڙس سان ڇو رهڻ چاهي ٿي. هوءَ دراصل ساڻس گھڻي محبت ڪري ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي تہ هو خراب ماڻهو ناهي، بس هو اسان جي بهتري چاهي ٿو.
سندس پيءُ کيس چوڏنهن پندرنهن سالن جي عمر ۾ اسڪول سان گڏ ان اخبار ۾ بہ نوڪري وٺي ڏئي ٿو، جنهن ۾ پاڻ نوڪري ڪري ٿو. ڪجھ عرصي ۾ کيس باقاعدي هڪ صحافي جو ڪارڊ ملي وڃي ٿو. هو پنهنجن سينيئر صحافي دوستن سان گڏ اهي سڀ ڪم ڪري ٿو، جيڪي اهي ڪن ٿا، يعني بار ۾ وڃي شراب پيئڻ، چڪلي ۾ وڃڻ ۽ رات جو دير تائين موج مستيون ڪرڻ. اها ڳالهہ سندس پيءُ کي پسند نہ ٿي اچي. هو اتان نوڪري ڇڏي پنهنجي مامي وٽ ٻئي شهر هليو وڃي ٿو، جتي پڙهائيءَ سان گڏ هو هڪ مقامي اخبار ۾ پڻ ڪم ڪري ٿو. ساڳي وقت ان عرصي ۾ هو ڪهاڻيون ۽ شعر پڻ لکندو رهي ٿو. پيرو سماجي، سياسي ۽ معاشي لحاظ کان هڪ پٺتي پيل ملڪ آهي ۽ ان جي حالت ذري گھٽ پاڪستان جهڙي آهي، پراها هڪ مثبت ڳالهہ آهي تہ اتي ليکڪ کي محنت جو اجورو ملي ٿو ۽ اهو ضروري ناهي تہ هو ڪو وڏو ليکڪ هجي. اهڙي ريت هو مختلف طريقن سان پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪندو رهي ٿو.
ان دوران هو هڪ وڏي مهم جوئي ڪري ٿو. کيس پنهنجي چاچيءَ جي ڀيڻ جوليا جنهن کي هو آنٽي جوليا چوندو هو، جيڪا بوليويا ۾ پنهنجي مڙس کان ڌار ٿي اچي، پنهنجي ڀيڻ وٽ رهي ٿي، سان عشق ٿي وڃي ٿو. اها عمر ۾ کانئس گھڻي وڏي هجي ٿي. معاملو ميل ملاقات کان وڌي اچي شادي تائين پهچي ٿو. ان شادي جي سندس خاندان ۽ خاص طور پيءُ پاران مخالفت ڪئي وڃي ٿي، پر هو پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ٿو. هو پنهنجو ڌار گھر وٺي ٿو ۽ پڙهائي سان گڏ گذاري لاءِ گھڻيون ننڍيون نوڪريون ڪندو رهي ٿو.
ان دوران سندس ادبي سرگرميون جاري رهن ٿيون. سارتر کي هو پنهنجو گرو سمجھي ٿو. کيس پيرس ڏسڻ ۽ سارتر سان ملڻ جو شوق هجي ٿو. پيرس جي هڪ رسالي پاران ڪهاڻين جو مقابلو ڪرايو وڃي ٿو، جنهن جو پهريون انعام پندرنهن ڏينهن جو پيرس جو ٽوئر هجي ٿو. هو ان مقابلي ۾ پنهنجي ڪهاڻي موڪلي ٿو ۽ کيس اهو انعام ملي ٿو. هو هڪ مهيني لاءِ پيرس وڃي ٿو. اتي آرٽ گيليريون ۽ ٿئيٽر وغيره ڏسي ٿو. هو سارتر سان ملڻ جي گھڻي ڪوشش ڪري ٿو، پر سارتر جو سيڪريٽري کيس هر ڀيري ٽاري ڇڏي ٿو ۽ نيٺ هو ان ڳالهہ تان هٿ کڻي وڃي ٿو. باقي سندس هڪ ٿئيٽر جي ٻاهران البرٽ ڪاميو سان هڪ مختصر ملاقات ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو ساڻس هٿ ملائي ٿو ۽ ٻہ ٽي رسمي ڳالهيون ڪري ٿو.
آتم ڪٿا جو ٻيون اهم حصو ليکڪ جو سياسي پاسو آهي. يونيورسٽي ۾ هوندي هو ڪميونسٽن سان لاڳاپي ۾ اچي ٿو ۽ تنظيمي طور انهن سان ڪم ڪري ٿو. اڳتي هلي هو ڪرسچين ديموڪريٽڪ پارٽي جو رڪن ٿئي ٿو. هو ڪيوبا جي انقلاب ۽ فيڊل ڪاسٽرو جو حامي هجي ٿو ۽ ڪرسچين ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران ان جي حمايت نہ ڪرڻ جي ڪري ان کان ڌار ٿي وڃي ٿو. آتم ڪٿا ۾ جيئن آنٽي جوليا متعلق خبر نہ ٿي پئي تہ ان جي ليکڪ سان عليحدگي ڪهڙن ڪارڻن جي ڪري ٿي، تيئن ان ڳالهہ جي پڻ وضاحت ناهي تہ ان جا ڪاسٽرو جي ڪهڙين پاليسين سان اختلاف ٿيا ۽ هو ڇو ان جو سخت مخالف ٿي ويو. باقي اها ڳالهہ تہ واضح آهي تہ هو انهن سڀني مرحلن مان گذري هڪ لبرل نڪتہ نظر اختيار ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ سندس واضح موقف ان وقت سامهون اچي ٿو جڏهين ملڪ جي صدر ايلن گارشيا، جيڪو پاپولسٽ سياست ۽ پاليسين جو حامي هجي ٿو، پاران بينڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن وغيره کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. هو پنهنجي ليکي اهو سمجھي ٿو تہ اها پاليسي ملڪي معيشت ۽ ماڻهن جي مفاد ۾ ناهي ۽ ان جي مخالفت ۾ ميدان ۾ ٽپي پئي ٿو. سندس زال پيٽريشيا، جيڪا سندس ماروٽ بہ هجي ٿي، کيس سمجھائي ٿي تہ ائين ڪرڻ سان هو سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو ۽ سندس لکڻ پڙهڻ جو ڪم متاثر ٿيندو. پر هو کيس چئي ٿو تہ اها رڳو هڪ جلسي جي ڳالهہ آهي. پر ائين نہ ٿو ٿئي ۽ هو ان ۾ اڳتي وڌنڌو وڃي ٿو. پنهنجن هم خيال ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ باقاعدي سياسي تنظيم قائم ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ ايندڙ صدارتي چونڊن کي نظر ۾ رکندي ٻين هم خيال سياسي جماعتن ۽ گروپن سان اتحاد ڪري ٿي. کيس ان اتحاد پاران ايندڙ چونڊن لاء صدارتي اميدوار نامزد ڪيو وڃي ٿو. هو هڪ منظم نموني سان پنهنجي چونڊن جي مهم هلائي ٿو ۽ پروگرام ڏئي ٿو.
صنعتن کي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ، گڏيل پوک جي سرشتي کي ختم ڪرڻ، ننڍن واپارين ۽ ننڍن آبادگارن جي حوصلي افزائي ڪرڻ سندس منشور جا اهم نڪتا هجن ٿا. ان سان گڏوگڏ هو تعليم ۽ سماجي شعبي لاءِ پڻ پنهنجو پروگرام ڏيئي ٿو. کيس ماڻهن پاران چڱي موٽ ملي ٿي.
وڏي ڳالهہ اها هجي ٿي تہ کيس روايتي سياست جي طور طريقن جي ڄاڻ نہ ٿي هجي ۽ هو پنهنجن آدرشن جي بنياد تي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. پر کيس حڪومت، فوج ۽ پنهنجي اتحادين جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. سندس خلاف ٽئڪس چوري ۽ ٻيون انڪوائريون شروع ڪيون وڃن ٿيون. ان سلسلي ۾ دلچسپ ڳالهہ اها هجي ٿي تہ هو سمجھي ٿو تہ آمريڪا رڳو سوشلسٽ ملڪن ۽ سوشلزم جو مخالف آهي، جڏهين تہ اهو سندس لبرل منشور جي حمايت ڪندو. ان سلسلي ۾ هو آمريڪا جي دوري دوران اتان جي اڳواڻن کي پڻ پنهنجي پروگرام کان آگاه ڪري ٿو. پر اها سندس غلط فهمي هجي ٿي. آمريڪا هر ان اڳواڻ ۽ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي ملڪ لاءِ آزاد پاليسي اختيار ڪرڻ چاهين ٿا. ان ڳالهہ کان کيس برازيل جو نئون چونڊيل لبرل صدر پڻ آگاه ڪري ٿو. سي آئي اي جي سندس مخالفت ۾ رپورٽ ڇپجي ٿي ۽ پيرو ۾ آمريڪي سفير پاران پڻ ان جي درست هئڻ جي تصديق ڪئي وڃي ٿي.
ان مهم ۾ اهم موڙ ان وقت اچي ٿو، جڏهين هڪ غيراهم اميدوار جپاني ماءُ پيءَ جو پٽ فيوجي موري غريبن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي هڪ اهم نمائندي طور سامهون اچي ٿو. هو پنهنجن حامين جي دٻاءَ جي باوجود سندس خلاف نسلي ڪارڊ استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ اهو موقف رکي ٿو تہ ڪنهن بہ قسم جي نسلي ۽ مذهبي مت ڀيد کان قطع نظر سڀ برابر پيرو جا شهري آهن، جڏهين تہ سندس خلاف هڪ يورپي ۽ گوري هئڻ جي ناتي سان پروپئگنڊا ڪئي وڃي ٿي. چونڊن جي پهرئين رائونڊ ۾ کيس توقع کان گھٽ برتري حاصل هجي ٿي ۽ هو سمجھي ٿو تہ ٻئي رائونڊ ۾ هو ڪامياب نہ ٿيندو. ان ڪري هو فيوجي موري جي حق ۾ هٿ کڻڻ چاهي ٿو پر گھڻي سوچ ويچار۽ صلاح مشوري کانپوء هو ٻئين رائونڊ ۾ بيهي ٿو ۽ توقع مطابق هارائي وڃي ٿو.
اها ڳالهہ ثابت ٿئي ٿي تہ فيوجي موري کي صدر ايلن گارشيا ۽ فوج جي حمايت حاصل هجي ٿي. اٽڪل ويهہ مهينن کانپوءِ ھو ڪانگريس ٽوڙي ملڪ ۾ مارشل لاء لاڳو ڪري ڇڏي ٿو ۽ هڪ آمر طور حڪومت ڪري ٿو. سندس انهن قدمن کي مڪمل طور فوج جي حمايت حاصل هجي ٿي. پنهنجي ان ٽن سالن جي سياسي سرگرمي کانپوءِ هو ملڪ ڇڏي يورپ هليو وڃي ٿو. ان عرصي ۾ هن لکڻ پڙهڻ جو ڪوبہ ڪم نہ ڪيو هو. اها آتم ڪٿا هو جرمني ۾ لکي ٿو ۽ پنهنجي ان سڄي تجربي کي پنهنجي ايندڙ ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ڪم آڻي ٿو.