اسرائيل ۽ آفريڪا جا پناهگير
ايليٽ گندر گوشن اسرائيل جي اهم ليکڪا آهي. سندس ناول Waking Lions 2018 ۾ شائع ٿيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ آهي ته اسرائيل جي عوام جي گھڻائي ساڄي ڌر جي پاسي آهي جيڪي خاص طور فلسطينين جي حوالي سان هڪ نسل پرست پاليسي تي عمل ڪن ٿا، پر اسرائيلي ليکڪن جي گھڻائي کاٻي ڌر جي پاسي آهي، جيڪي هڪ محب وطن هئڻ ناتي اسرائيل جي باقي رهڻ جي حق کي مڃيندي ان ڳالهہ جي به حمايت ڪن ٿا ته فلسطينين کي سندن حق ملڻ گھرجن.
هن ناول جو مک ڪردار تل ابيب جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ايٽان گرين آهي. هو هڪ ايماندار ۽ محنتي شخص آهي. کيس پنهنجي سينيئر پروفيسر ذڪئي جي بدعنواني جي خبر پئي ٿي. هو ان کي مٿي رپورٽ ڪري ٿو پر بجائي ان جي ڪا شنوائي ٿيڻ جي کيس ئي سزا طور هڪ ريگستاني علائقي بير شيبا جي اسپتال ۾ بدليل ڪيو وڃي ٿو. هو ان بدعنواني کي پريس ۾ کڻي وڃڻ چاهي ٿو پر سندس زال، جيڪا پاڻ هڪ پوليس آفيسر آهي، کيس ان کان منع ڪري ٿي ته ائين ڪرڻ سان جيڪڏهين سندس نوڪري هلي ويندي ته پوء گھرجو خرچ ڪيئن هلندو ۽ ٻارن جي اسڪول جي في وغيره ڪيئن ڀري سگھبي. هو سندس ان ڳاله کي مڃيندي پنهنجي بدلي کي قبول ڪري ٿو ۽ نئين جاء تي هليو وڃي ٿو.
هڪ ڀيري هو رات جو دير سان اسپتال مان موٽندي سوچي ٿو ته ڇو نه پنهنجي نئين ايس يو وي گاڏي ۾ ريگستان جو چڪر هنيو وڃي ۽ چانڊوڪي رات جو مزو وٺجي. هو گانا ٻڌندو تيزرفتاري سان پنهنجي ڌن ۾ وڃي رهيو هجي ٿو ته اوچتو هڪ همراه جي سندس گاڏي سان ٽڪر ٿي وڃي ٿي. هوگاڏي مان هيٺ لهي ڏسي ٿو ته ان همراه کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل هجي ٿو پر هو اڃا جيئرو هجي ٿو. ڪافي دير تائين هو سوچيندو رهي ٿو ته ڇا ڪري. مختلف خيال سندس ذهن ۾ اچن ٿا ۽ نيٺ هو ان همراه کي اتي ئي ڇڏي هليو وڃي ٿو.
اهو ڄڻ سندس زندگي جو هڪ اهم موڙ ثابت ٿئي ٿو. هو سڄي رات ان اڻ تڻ ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهي ٿو ته آيا کيس ان شخص کي ائين رڻ ۾ ڇڏي اچڻ کپندو هو جڏهين ته هو اڃا جيئرو هو ۽ هو کيس اسپتال کڻي وڃي سگھيو ٿي. پر وري اهو سوال ته ممڪن آهي ته هو واٽ تي مري وڃي ها ۽ پوء کانئس پڇا ڳاڇا ٿئي ها. ٻئي ڏينهن صبوح سوير جڏهين سندس ٻار اسڪول ۽ زال پنهنجي آفيس وڃي چڪي هجي ٿي ۽ هو پاڻ به اسپتال وڃڻ لاء تيار هجي ٿو ته در تي گھنٽي وڄي ٿي. هو درکولي ٿو ته هڪ ڪاري رنگ جي عورت بيٺل هجي ٿي. هو کيس سندس ٻٽون ڏيئي ٿي جيڪو حادثي واري جاء تي ڪري پيو هو. کيس ٻڌائي ٿي ته سندس نالو سرڪت آهي ۽ هو ان شخص جي زال آهي جيڪو رات تنهنجي ڪار جي ٽڪر سان مري ويو. هو کيس رات جو هڪ جاء تي ملڻ لاء چئي ٿي. هو سمجھي ٿو ته شايد ان عورت کي پئسا ڏيڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو. بينڪ مان هڪ وڏي رقم ڪڍائڻ کانپوء هو رات جو ان مقرر جاء تي پهچي ٿو جيڪا هڪ ويران گيراج هجي ٿي ۽ جيڪا هاڻي استعمال ۾ نه ٿي هجي. اها عورت کانئس رقم ته وٺي ٿي پر ساڳي وقت کيس ميز تي ليٽيل هڪ شخص جي مرهم پٽي ۽ علاج ڪرڻ لاء چئي ٿي. ساڳي وقت هو کيس چئي ٿي ته کيس هتي ماڻهن جي علاج لاء روز اچڻو پوندو.
اهي اريٽيريا کان غير قانوني طور آيل پناهگير هجن ٿا جيڪي پڪڙي پوڻ جي ڊپ کان سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاء نه ٿا وڃن. ڊاڪٽر سمجھي ٿو ته سرڪت اهو سڀڪجھ انهن ماڻهن جي همدردي ۾ڪري رهي هئي. پر ائين نه ٿو هجي. هو ان جي عيوض انهن ماڻهن کان پئسا وٺي ٿي. انهن ۾ مختلف قسم جا ماڻهو هجن ٿا. ڪي غريب، ڪي امير، ڪي اسمگلر ته ڪي نشي جو واپار ڪندڙ. اهي سوڊان ۽ مصر کان ٿيندا مختلف رڪاوٽن کي منهن ڏيندا اسرائيل پهچن ٿا. مريضن جي بدبو ۽ گندگي کي منهن ڏيڻ سان گڏ ڊاڪٽر کي هتي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. کيس هتي ننڍا وڏا آپريشن ڪرڻا پون ٿا جن جي لاء گيراج ۾ سوائي هڪ ٽٽل ڦٽل ميز جي ٻيو ڪجھ نه ٿو هجي. کيس دوائون اسپتال مان چوري ڪرڻيون پون ٿيون ۽ انيسٿيسيا جي مشين لاء اسپتال ۾ پنهنجي دوست جي مدد وٺڻي پئي ٿي. سرڪت ڄڻ ته سندس باس بڻجي وڃي ٿي ۽ کيس پنهنجي حڪم هيٺ هلائي ٿي. اهڙي ريت سندس سڄي زندگي ڄڻ ته هيٺ مٿي ٿي وڃي ٿي. هو رات جو دير سان گھر پهچي ٿو ۽ ڪڏهين سڄي رات گھر نه ٿو اچي. ساڳي ريت اسپتال ۾ هو باقاعدي پنهنجي ڊيوٽي نه ٿو ڪري. ڪڏهين غيرحاضر ٿو رهي ته ڪڏهين دير سان اچي ٿو ۽ جلدي هليو ٿو وڃي. سندس گھر ۽ اسپتال ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورت پيدا ٿي وڃي ٿي. کيس اهو ئي ڊپ هجي ٿو ته جيڪڏهين سرڪت سندس راز کولي ڇڏيو ته پوء هو جيل هليو ويندو. سندس نوڪري به هلي ويندي ۽ پوء سندس زال ۽ ٻارن جو ڇا ٿيندو.
سرڪت سان گڏ ڪم ڪندي شروع ۾ ته انهن جو ڳالهائڻ بس ڪم تائين محدود هجي ٿو پر پوء هو کيس وڻڻ لڳي ٿي. مٿس آهستي آهستي سندس شخصيت جا راز کلڻ لڳن ٿا. هو هڪ پراعتماد ۽ مضبوط عورت هجي ٿي. پر سندس مڙس اسم کيس مارڪٽ به ڪري ٿو ۽ ساڻس اهڙو ئي ورتاء ڪري ٿو جيڪو سندن ملڪ ۾ ٻيا مڙس ڪندا آهن. اهي ٻيئي هڪ هوٽل ۾ صفائي جو ڪم ڪندا هئا. حادثي واري ڏينهن هوٽل جو مالڪ اسم کي منشيات جي هڪ پيڪيٽ آڻڻ لاء موڪلي ٿو ۽ هو پنهنجي زال کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو. حادثي وقت هو لڪي وڃي ٿي ۽ ڊاڪٽر کي نظر نه ٿي اچي. ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوء هو اسم مٿان پيشاب ڪري ڄڻ آزادي جو ساه کڻي ٿي ۽ اهو پيڪيٽ کڻي اچي لڪائي ڇڏي ٿي.
هوٽل جي مالڪ کي اهو شڪ هجي ٿو ته اهو پيڪيٽ ضرور سرڪت وٽ ئي هونڌو.هو هڪ ڀيري بندوق کڻي گيراج ۾ اچي ٿو ۽ سرڪت سان گڏ هڪ ٻئ عورت کي به مارڪٽ ڪري ٿو.ِ ان جھيڙي ۾ سرڪت کيس پيٽ ۾ ڇرو هڻي ماري ڇڏي ٿي. ان دوران ڊاڪٽر اتي پهچي ٿو ۽ ان قتل ٿيل شخص کي ڏسي ٿو. سرڪت کيس چئي ٿي ته ان متعلق ڪنهن کي به ٻڌائڻو ناهي ۽ اهڙي ريت تنهنجو منهنجو حساب برابر ٿي ويو ۽ هاڻي تون آزاد آهين. سرڪت پنهنجن ماڻهن سان گڏجي لاش کي دفن ڪري ڇڏي ٿي پر ان پيڪيٽ جي ڳولها جاري رهي ٿي ۽ ان گروه سان لاڳاپيل ڪجھ ماڻهو وري گيراج ۾ سرڪت وٽ اچن ٿا ۽ کيس مارڪٽ ڪري وڃن ٿا. ڊاڪتر کي سندس مرهم پٽي لاء گھرايو وڃي ٿو ۽ ان دوران اهي ماڻهو وري اچن ٿا ۽ ڊاڪٽر سميت سڀني کي مارڪٽ ڪن ٿا. ڪنهن ريت ڊاڪٽر سرڪت سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ اتان نڪرڻ چاهي ٿو پر هڪ همراه پنهنجي گن سان سندس گاڏي آڏو اچي بيهي ٿو. هو گاڏي ان جي مٿان چاڙهي ڇڏي ٿو. پوليس جي موقعي تي اچڻ ڪري سڀ گرفتار ٿي وڃن ٿا ۽ ڊاڪٽر کي هڪ رات لاڪب ۾ گذارڻي پئي ٿي. سرڪت سميت اريتيريا جي غير قانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ موڪلڻ لاء هڪ ڪمپائونڊ ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر اتي آخري ڀيرو سرڪت سان ملي ٿو ۽ اهڙي ريت اهو معاملو ختم ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽرجي وري معمول جي زندگي شروع ٿئي ٿي.
سڄي دنيا جي يهودين کي اسرائيل آڻڻ جو سلسلو شروع کان جاري رهيو آهي. ان ۾ يورپ ۽ آمريڪا وغيره جي ماڻهن جي ته هڪ مراعات يافته حيثيت آهي جڏهين ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مان آيل ماڻهن کي روزگار ۽ ٻين سهولتن جي لحاظ کان هڪ گھٽ حيثيت ڏني وڃي ٿي. خاص طور اهي ماڻهو جيڪي غيرقانوني طور اچن ٿا اهي اڃا وڌيڪ ويل ۾ ٿا هجن. هڪ ته هو سرڪار جي ڪا سهولت استعمال نه ٿا ڪري سگھن ۽ هر وقت پوليس جي ڊپ ۾ رهن ٿا. ٻيو انهن کي سستي پورهئي طور ۽ منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين غير قانوني ڪمن وغيره لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ريت اسرائيل ۾ جيڪي فلسطيني رهن ٿا اهي جيتوڻيڪ اتان جا قانوني طرح شهري آهن پر انهن سان ٻئين ٽئين درجي وارو ورتاء ڪيو وڃي ٿو. هو صحرا ۾ جھوپڙين ۽ خيمن ۾ رهن ٿا، بيرا گيري ۽ چوڪيداري وغيره جهڙا ننڍا ڪم ڪن ٿا ۽ يا وري منشيات جي ڪمن وغيره ۾ ملوث آهن.
هڪ لحاظ کان هن ناول مان انهن تضادن جي ڄاڻ ملي ٿي جيڪي اسرائيل جي سماج ۾ موجود آهن.