پابلو نرودا ۽ اسپين جي گھرو ويڙه
لاطيني آمريڪا جي ماڻهن جو اسپين سان ويجھو ناتو رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهي هڪ ڊگھي عرصي تائين اسپين جي نوآبادي رهيا آهن ۽ پنهنجي آزادي لاء انهن ڊگھي ويڙه ڪئي آهي پر انهن ۾ ٻولي، ثقافت ۽ ادب وغيره جي حوالي سان گھڻيون هڪجهڙايون آهن. ان ڪري پابلو نرودا کي 1932 ۾ سيلون ۽ ڏور اوڀر جي مختلف ملڪن مان وطن موٽڻ کانپوء جڏهين ڪجھ عرصو ارجنٽائين وغيره ۾ تعياتي کانپوء اسپين موڪليو ويو ته اهو سندس لاء هڪ خوشي جو موقعو هو. هو جڏهين اتي پهتو ته سندس ڪائونسل جنرل کيس چيو ته اوهان هڪ ليکڪ ۽ شاعر آهيو ۽ اوهان جي لاء اسپين جي گادي جو هنڌ ميڊرد وڌيڪ مناسب آهي جتي اوهان کي اهو سڄو ادبي ماحول ملندو.
ميڊرڊ ۾ سندس اسپين جي گھڻن ليکڪن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقات ۽ واقفيت ٿي. انهن ۾ اهم فريڊرڪ لورڪا هو جنهن سان اڳ ئي سندس واقفيت ۽ دوستي هئي ۽ انهن لاطيني آمريڪا ۾ گڏيل پروگرام به ڪيا هئا. سندس مقرري جي ٿوري ئي عرصي کانپوء اسپين جي فوج جي جنرل فرانڪو جمهوري حڪومت خلاف بعاوت شروع ڪري ڇڏي.
اسپين گھرو ويڙه ۽ انارڪي جو شڪار ٿي ويو. نرودا، لورڪا ۽ سندن سٿ جي ٻين شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جمهوري حڪومت جي حمايت ٿي ڪئي. لورڪا فاشزم خلاف هڪ مضبوط آواز هو جيڪو ڪنهن به ريت فرانڪو ۽ ان جي ساٿين کي پسند نه هو. هڪ شام انهن ٻنهي کي ڪنهن جاء تي وڃڻو هو پر ان کان اڳ لورڪا کي فرانڪو جا فوجي کڻي ويا ۽ ان کي گريناڊا ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. سندس لاش جو ڪو پتو نه پيو. نرودا جوچوڻ آهي ته لورڪا کي اڳ ئي پنهنجي ان انت جي خبر پئجي ويئي هئي. هن کيس ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري هو پنهنجي طائفي سان گڏ ڪٿان پروگرام ڪري موٽي رهيو هو ۽ انهن رات هڪ رڻ پٽ ۾ ئي گذاري. کيس ننڍ نه ٿي آئي ۽ هن ڀنڀرڪي مهل پنهنجي خيمي مان نڪري ٻاهر چڪر پئي هنيو. هن هڪ ننڍي رڍ کي ڏٺو جيڪا شايد بکايل ۽ اڃايل هئي ۽ کاڌي ۽ پاڻي جي ڳولها ۾ هئي. ايتري ۾ اتي ڪجھ سور ظاهر ٿيا جن ان رڍ کي چيري ڦاڙي ڇڏيو. اهڙي ريت کيس پنهنجي انجام جو اندازو ٿي ويو هو.
گھرو ويڙه ۾ جمهوري قوتن جي پوئتي هٽڻ ۽ انهن جي شڪست ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندي ٿي ويئي ۽ فاشسٽ قوتون حاوي ٿي رهيون هيون. چلي جي سفارتّخاني پاران فرانڪو جي حامين کي سفارتخاني ۾ پناه ڏني ٿي ويئي. فرانڪو جي سوڀ وقت جڏهين ڪجھ جمهوريت پسندن، جن ۾ نرودا جا ڪجھ دوست به شامل هئا، سفارتخاني ۾ پناه وٺڻ چاهي ته انهن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو ويو. ساڳي وقت نرودا جي ڪائونسل جي نوڪري ان بنياد تي ختم ڪئي ويئي ته هن گھرو ويڙه ۾ جمهوري حڪومت جي حمايت ڪئي هئي.
گھڻن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، گھڻن کي گرفتار ڪري جيلن ۽ ايذاء گھرن ۾ واڙيو ويو ۽ لکين جن ۾ نرودا به شامل هو سرحد پار ڪري فرانس هليا ويا. پر فرانس جي حڪومت پاران گھڻن کي ڪيمپن ۽ جيلن ۾ رکيو ويو. نوڪري ختم ٿيڻ کانپوء نرودا جي آمدني جو ڪو ذريعو نه هو. سندس پير ۾ ڦاٽل جوتا پيل هوندا هئا ۽ کاڌي جو حصول سندس لاء ڏکيو هوندو هو. هن خاص طور ادبي محاذ تي جمهوري حڪومت جي حمايت ۾ اديبن ۽ شاعرن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندس چوڻ آهي ته ان وقت هٽلر جي عروج ۽ ٻين مهاڀاري جنگ جا امڪان واضح ٿي رهيا هئا. پر اها ڳاله پنهنجي جاء تي هئي ته سڄي دنيا جي شاعرن ۽ اديبن ۾ اسپين جي گھرو ويڙه جيڪو اتساه ۽ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو هو اهو ٻين مهاڀاري جنگ نه ڪري سگھي هئي. فرانس ۾ مختلف سرگرمين سان گڏوگڏ هن اسپين جي شهر ميڊرڊ، جتي اڃا جمهوري حڪومت جي موجودگي هئي، ۾ شاعرن ۽ اديبن جو هڪ ميڙ ڪوٺائڻ جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاء نرودا کي جمهوري حڪومت پاران ڪجھ فنڊ ڏنا ويا ته جيئن دنيا جي مختلف ملڪن مان جيڪي ليکڪ اچن انهن جي خرچ پکي جو بندوبست ڪري سگھجي. کيس اهي فنڊ ڏيڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته جيئن ته جمهوري حڪومت جي حمايت جي ڪري کيس پنهنجي نوڪري کان محروم ٿيڻو پيو هو ان ڪري سندس پنهنجي به ڪجھ سهائتا ٿي سگھي. پر هن پنهنجن دوستن جي چوڻ جي باوجود انهن پئسن کي پنهنجي ذات تي خرچ ڪرڻ نه ٿي چاهيو. سڄي دنيا جا شاعر، اديب ۽ ليکڪ پيرس ۾ گڏ ٿيا جتان اهي گڏجي ريل رستي ميڊرد لاء روانا ٿيا جتي انهن ڪانفرنس ۾ اسپين جي جمهوري حڪومت سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
نرودا جڏهين پنهنجي وطن موٽيو ته اتي ڪجھ عرصي کانپوء هڪ سوشلسٽ صدر چونڊجي آيو. هن نرودا سان ملاقات ڪري کيس چيو ته هو فرانس وڃي ۽ اتي اسپين جا جيڪي به پناهگير رهيل آهن انهن کي چلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري. هو هتي انهن سڀني لاء گنجائش پيدا ڪندو. فرانس پاران اسپين جي پناهگيرن کي جيلن، ڪئمپن ۽ ٻين مختلف جاين تي نهايت خراب حالتن ۾ رکيو ويو هو. نرودا ان ڳاله کي خوشي سان قبوليو ۽ هو پنهنجي مشن تي روانو ٿي ويو. مسئلو اهو هو ته چلي ۾ ته هڪ ترقي پسند حڪومت اقتدار ۾ آئي هئي پر پيرس جي سفارتخاني ۾ اهي ئي ساڳيا پراڻي حڪومت جا نمائندا موجود هئا. اهي ڪنهن به ريت کيس ۽ سندس ان مشن کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا. انهن سندس ڪم ۾ هر طرح جون رڪاوٽون وڌيون. کيس گھربل سهولتون نه ڏنيون ويون. ان جي باوجود هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. ساڳي وقت چلي ۾ صدر تي اهو دٻاء هو ته ان مشن کي ختم ڪيو وڃي. ان ڪم لاء هڪ ته اهڙي ماڻهو کي سندس مدد لاء موڪليو ويو جيڪو هڪ رجعت پرست هو پر سوشلسٽن جي ڪاميابي ڏسي پاڻ کي ترقي پسند ۽ سوشلسٽ ظاهر ڪرڻ لڳو هو. اهو ماڻهو بجائي سندس مدد ڪرڻ جي اڃا سندس لاء هڪ مسئلو بڻجي ويو. سندس ڪم سهڻين عورتن سان تعلق رکڻ ۽ پئسا هٿ ڪرڻ هو. آخر ۾ هو اسپين جي ڪجھ مزدور اڳواڻن کي اهو ڊپ ڏياري ته نرودا گسٽاپو جو ايجنٽ آهي جيڪو کين انهن جي حوالي ڪندو سندن هڪ وڏي رقم کڻي هڪ سهڻي ڇوڪري سان پيرس مان غائب ٿي ويو.
اهو مسئلو اڃا اتي ئي هو ته هڪ ڏينهن سفارتخاني پهچڻ تي کيس صدر پاران آيل هڪ ٽيليگرام ڏنو ويو جنهن ۾ ان مشن کي جتي هو اتي ختم ڪرڻ لاء چيو ويو هو. اها ڳاله سندس لاء گھڻي پريشان ڪندڙ هئي. هن مختلف جاين کان اسپين جي سوين ماڻهن کي پيرس آندو هو ۽ انهن کي چلي موڪلڻ لاء بحري جهاز جو بندوبست ڪيو هو. وٽس هاڻي هڪ واٽ ته اها هئي ته هو ان سڀڪجھ کي جتي هو اتي ڇڏي ڏئي. پر ان صورت ۾ سندس لاء مسئلو اهو هو ته اسپين جي اڳواڻن ۽ ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيندو جن سان هن ڳالهہ ٻولهہ ڪئي هئي ۽ انهن کي هتان وٺي وڄڻ جو چيو هو. ٻي صورت اها هئي ته ان منع ڪرڻ جي باوجود ماڻهن کي جهاز ۾ چلي وٺي وڃي ۽ پوء جيڪو ٿيندو سو ڏٺو ويندو. هن صدر جي آفيس ۾ ڳالهايو ۽ کين ٻڌايو ته سندس لاء ان موقعي تي ان سڀڪجھ کي ڇڏڻ ممڪن ناهي ۽ هو جهاز ۾ ماڻهن کي وٺي ايندو. نيٺ صدر پاران کيس ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ هن اسپين جي جلاوطن ٿيل ماڻهن جو سامونڊي جهاز ڀري چلي موڪليو.