ڪانگريس ۽ مذهب جي سياست
ورهاڱي کانپوء ڪانگريس تي مذهبي انتها پسندن جو دٻاء وڌي ويو هو. نهرو جي شخصيت جي اثر جي ڪري انهن کي گھڻي ڇوٽ نه ٿي ملي. پر ان جي باوجود به انهن پنهنجو ڪم ڪيو ٿي. آزادي کانپوء شروعاتي ڏينهن ۾ ئي هڪ پوليس آفيسر گھرو وزير جي آشير واد سان بابري مسجد ۾ مورتيون رکرائي ڇڏيون ۽ اتي باقاعدي پوڄا ٿيڻ لڳي. بابري مسجد ۽ رام مندر واري معاملي تي نهرو جو موقف اهو هو ته ان جاء جي رام مندر هئڻ متعلق ڪا تاريخي ثابتي ناهي ان ڪري ان کي پنهنجي موجوده حيثيت ۾ ئي رهڻ ڏجي. ان سلسلي ۾ هن جڏهين گھرو وزير کان پڇا ڪئي ته هن پنهنجي اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو ۽ سڄو ڏوه ۽ سزا جو بار پوليس آفيسر کي کڻڻو پيو.
ڏٺو وڃي ته بابري مسجد جو تنازعو مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ ارڙهين صدي کان هلندو اچي. 1949 ۾ اتي مورتين رکڻ جي واقعي کانپوء ان کي ڪلف لڳايو ويو ۽ مسلمان ۽ هندو ٻنهي کي ان ۾ داخل ٿيڻ کان منع ٿيل هئي. هندو انتها پسندن پاران گھڻا ڀيرا بابري مسجد کي ڊاهڻ ۽ مندر ٺاهڻ لاء ڪوششون ورتيون ويون. وشوا هندو پريشاد جي آشير واد سان بي جي پي جي اڳواڻ آڏواڻي جي 1990 ۾ رٿ ياترا کانپوء دسمبر 1992 ۾ مسجد کي ڊاهڻ لاء ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ايوڌيا ويو. هن ڀيري جڏهين هو ان ۾ ڪامياب ٿيا ته رياست جي حڪومت پاران ان متعلق ڪي قدم نه کنيا ويا جڏهين ته ان وقت مرڪز ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي ۽ نرسمارائو وزير اعظم هو. ليکڪ ٻڌائئ ٿو ته بجائي ان سڀڪجھ کي روڪڻ ۽ ان ياترا ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪو قدم کڻڻ جي هو پوڄا لاء ويهي رهيو ۽ اها هدايت ڪيائين ته جڏهين مسجد کي ڊاهڻ جو ڪم پورو ٿي وڃي ته کيس ٻڌايو وڃي ۽ هن ٺيڪ ان وقت پنهنجي پوڄا ختم ڪئي جڏهين کيس ان ڪم پوري ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو. ان واقعي جي ڪري نه رڳو ڀارت پر پوري ننڍي کنڊ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، ملڪيتن جو نقصان ٿيو ۽ ڪيترا ماڻهو مري ويا. ان جو سياسي فائدو بي جي پي ۽ جن سنگھ پريوار کي ئي پهتو جڏهين ته ڪانگريس سياسي طور به وڃايو ۽ سندس سيڪيولر ڪردار کي پڻ نقصان پهتو.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته نهرو پنهنجي ديهانت تي مذهبي رسمن وغيره ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. پر اندرا گانڌي پاران باقاعدي اهي سڀ رسمون ڪرايون ويون، بنارس مان پنڊت گھرايا ويا، گنگا جل گھرايو ويو ءَ جاپ ڪرايا ويا. هن نهرو جي بيمار هئڻ وقت هڪٻئي ڪانگريسي اڳواڻ گلزاري لال سان گڏجي جاپ به ڪرايا هئا. نهرو جي ڀيڻ لڪشمي پنڊت جو چوڻ هو ته اهو سڀڪجھ اندرا گانڌي جي چوڻ تي ٿيو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته شايد نهرو جو پنهنجن آخري ڏينهن ۾ مذهب ڏانهن رويو ڪجھ تبديل ٿي ويو هو. نهرو جي ديهانت کانپوء گلزاري لال جو چوڻ هو ته بيماري دوران جاپ ڪرائڻ سان سندس زندگي ۾ ڪجھ وقت جي واڌ ٿي هئي ۽ جيڪڏهين هو پنهنجي ڪابينا ۾ هڪ همراه، سندس مراد لال بهادر شاستري سان هئي، کي نه کڻي ها ته اڃا ڪجھ عرصو وڌيڪ جيئرو رهي ها.
اندرا گانڌي جو مذهب متعلق هڪ منجھيل رويو هو.سندس چوڻ هوندو هو ته ملڪ جا سڀ مذهب سندس لاء اهم آهن ۽ انهن جي اهميت سياست کان وڌيڪ ڪلچر سان آهي. ذاتي طور تي سندس گھر ۾ پوڄا جو ڪمرو هو جتي مورتيون وغيره رکيل هيون. هو مختلف ڪمن جي ڪرڻ جي لاء شگن ڏسندي هئي. نهرو جي وزيراعظم طور تين مورتي ۾ منتقل ٿيڻ جو ڏينهن ۽ وقت به هن پنڊتن جي صلاح سان طئي ڪيو هو. نهرو جي بيماري ۽ ديهانت وقت مذهبي رسمن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي جن ۾ اندرا جو وڏو هٿ هو. اندرا جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته سندس سيڪيولرازم جي حوالي سان ڪا واضح پاليسي نه هئي. هو پنهنجي سياسي ضرورتن آهر مختلف مذهبن جو استعمال ڪندي هئي. سندس ان پاليسي جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ هم آهبگي پيدا نه ٿي سگھي بلڪ منجھن اختلاف ۽ ويڇا اڃا وڌي ويا جنهن جو سياسي فائدو بي جي پي، جنهن جي اڳ پارليامينٽ وغيره جي حوالي سان ڪا حيثيت ئي نه هئي، کي مليو.
ڪانگريس جي اڳواڻن پاران مذهب جي سياسي مقصدن لاء استعمال هڪ پاسي ڀارت جي سيڪيولر ڪردار کي متاثر ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي ملڪ ۾ فرقيواريت کي وڌائڻ ۽ مذهبي فسادن جي همت افزائي ڪئي آهي. ان صورتحال ڀارت جي گھڻن خيرخواهن کي مايوس ڪيو آهي.
ليکڪ پنهنجي ڪابل جي دوري دوران اتي خان غفار خان سان ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو اتي نهايت سادي زندگي گذاري رهيو هو. ليکڪ سوچي ٿو ته هي ماڻهو جيڪڏهين ڀارت ۾ هجي ها ته ڪيڏي نه شاندار زندگي گذاريندو هجي ها. پر ڏٺو وڃي ته اهو سرحدي گانڌي جو زندگي گذارڻ جو پننهنجو طريقو هو. هو ڀلي ڪٿي به هجي ها زندگي ائين ئي گذاري ها. غفار خان کانئس پڇيو ته ڇا 1970 ۾ گجرات ۾ جيڪي فساد ٿيا هئا انهن ۾ گھڻا مسلمان مارجي ويا هئا. ليکڪ ان جو جواب هاڪار ۾ ڏنوته غفارخان پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ٿو ته نهرو کيس چيو هو ته جڏهين هندوستان انگريز کان آزاد ٿيندو ته اهي مذهبي فساد وغيره ختم ٿي ويندا پر ائين ناهي ٿي سگھيو.
ساڳي ريت جڏهين ليکڪ ڀارت پاران لندن ۾ هائي ڪمشنر هو ته اتي هن ليکڪ ۽ ناول نگار سلمان رشدي سان ملاقات ڪئي جنهن جو واسطو ڀارت جي شهر ممبئي سان آهي. رشدي کيس ٻڌايو ته هن اهو سوچيو پئي ته هاڻي پنهنجو گھڻو وقت ممبئي ۾ گذاري. پر هن وقت اتي مذهبي نفرت ۽ تفرقي جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ سندس لاء ائين ڪرڻ ڏکيو آهي. اهڙي ريت هو ٻڌائي ٿو ته ڀارت جي نامياري آرٽسٽ ايم ايف حسين کي رڳو ان ڪري ملڪ ڇڏڻو پيو جو هن ديوين جون اگھاڙيون تصويرون ٿي ٺاهيون. جڏهين ته سندس چوڻ هو ته گھڻن مندرن ۾ اهڙيون تصويرون موجود آهن ۽ سندس مقصد ڪنهن مذهب جي توهين ڪرڻ ناهي. ايم ايف حسين جي حوالي سان هو ٻڌائي ٿو ته جڏهين هو برطانيا ۾ هائي ڪمشنر ٿيو ته اتي ڪائونسليٽ ۾ آزادي جي سڀني اڳواڻن جون تصويرون لڳل هيون پر انهن ۾ مولانا آزاد جي تصوير نه هئي. هن حسين کي ان تصوير ٺاهي ڏيڻ لاء گذارش ڪئي ۽ هن اهڙو واعدو به ڪيو پر هن اهو ڪم نه ڪيو. کيس ان ڳاله جو افسوس آهي ته ڀارت جو هڪ ناميارو پٽ پرڏيه ۾ گذاري ويو ۽ کيس پنهنجي ملڪ جي مٽي به نصيب نه ٿي.
ڀارت جي گھڻ قومي، گھڻ مذهبي ۽ گھڻ ٻولي واري جمهوري حيثيت گھڻن ملڪن، جن ۾ آمريڪا ۽ اڳوڻو سوويت يونين ٻه شامل آهن، اتساه جو باعث رهي آهي. پر وڌنڌڙ مذهبي تفرقي بازي ۽ فسادن ملڪ جي آئيندي جي حوالي سان گھڻن کي تشويش ۾ وجھي ڇڏيو آهي.
.