سنڌ جي معيشت
سماج جي مختلف شعبن جي ترقي لاء انهن جي رٿابندي ڪرڻ هڪ ضروري عمل آهي. ان حوالي سان معيشت جي هڪ خاص اهميت آهي. ان جي لاء اهو ضروري هوندو آهي ته ان متعلق ضروري معلومات ۽ انگ اکر گڏ ڪيا وڃن. ساڳي وقت اها ڳالهہ به ضروري هوندي آهي ته ملڪ ۾ اهڙا ماهر هجن جيڪي انهن سڀني انگن اکرن ۽ معلومات جو تجزيو ڪن ۽ اهو طئي ڪن ته معيشت جا ڪهڙا پاسا ڪمزور آهن ۽ ڪهڙا مضبوط ۽ ڪهڙن پاسن تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ضرورت آهي. مجموعي طور تي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ پاڪستان جي حوالي سان ته مختلف دستاويز ۽ اسٽڊيز سامهون اينديون رهيون آهن پر صوبائي سطح تي ان سلسلي ۾ گھٽ ڪم ٿيو آهي. ان حوالي سان 1981 ۾ سنڌالاجي پاران Economy of Modern Sindh جي نالي سان هڪ ڪتاب ڇاپيو ويو هو. هن وقت ملڪ جي ٽن اهم معيشت دانن، جن جو هڪ حوالي سان سنڌ جي معيشت سان به واسطو رهيو آهي، ڊاڪٽر عشرت حسين، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ نديم حسين اهو سوچيو ته ان پراڻي ڪتاب کي اپڊيٽ ڪيو وڃي. پر جڏهين انهن ان تي ڪم شروع ڪيو ته اهو پنهنجي ليکي هڪ اهڙو جامع دستاويز تيار ٿي ويو جنهن ۾ سنڌ جي معيشت جي مختلف طاقتور ۽ ڪمزور پاسن کي سامهون آندو ويو آهي. ان جي خاص ڳاله اها آهي ته انهن ٽن مک ماڻهن کانسواء مختلف شعبن جي ماهر ن جهڙوڪ شهري معاملن ۽ رٿابندي جي ماهر عارف حسن، پاڻي جي معاملن ۽ آبپاشي جي ماهر ادريس راجپوت ۽ اڳوڻي فيڊرل سيڪريٽري فضل الله قريشي جي مدد پڻ ورتي ويئي آهي.ِ انکانسواء بزنس ۽ معاشيات جي ٻين گھڻن شاگردن ۽ محققن کي به ان ڪم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گھڻين لائبريرين مان مواد گڏ ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت The Economy of Modern Sindh-Opportunities lost and Lessons for the Future جي نالي سان ڪتاب آندو ويو آهي.
سنڌ وفاق جو هڪ شاهوڪار ترين صوبو آهي جنهن جو قومي پيداوار ۾ حصو ٽيهہ سيڪڙو آهي جڏهين ته ان جي آبادي ملڪ جي ڪل آبادي جو ٽيويه سيڪڙو آهي. پنجاب جنهن جي آبادي ملڪ جي ڪل آبادي جو ٽيونجاه سيڪڙو آهي قومي پيداوار ۾ ان جو حصو چوونجاه سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ ان ڳالهہ جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ته صوبي جي آبادي جو اٺيتاليه سيڪڙو ٻهراڙي ۾ رهي ٿو جنهن مان اوڻيتاليهہ سيڪڙو زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل پيشن سان وابستا آهي جڏهين ته چوٽيه سيڪڙو غير رسمي شعبي سان. انهن علائقن ۾ صنعتون نه هئڻ برابر آهن.ِ صوبي جي آبادي جو ٻاونجاه سيڪڙو شهرن ۾ رهي ٿو جيڪو گھڻي ڀاڱي صنعتن ۽ خدمتن جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. عالمي بينڪ جي اڻ ڇپيل رپورٽ Sindh Growth Strategy 2015 جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته آزادي جي وقت سنڌ جي في ڪس آمدني باقي ملڪ کان پنجونجاه سيڪڙو وڌيڪ ليکي ٿي ويئي، نوي جي ڏهاڪي ۾ اها ڇٽيهہ سيڪڙو وڌيڪ هئي ۽ 2014-15 ۾ اهو فرق اڃا گھٽجي سترنهن سيڪڙو ٿي ويو. رپورٽ موجب اها وڌيڪ في ڪس آمدني ڳوٺاڻن علائقن، جيڪي ڪل آبادي جو اٽڪل اڌ آهن جي گھٽ في ڪس آمدني کي لڪائي ڇڏي ٿي. سنڌ جي في ڪس آمدني گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ منجمد رهي آهي ۽ ملڪي في ڪس آمدني جي 2.5 سيڪڙو واڌ جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گھٽ وڌي آهي. 2011-15 جي عرصي ۾ في ڪس آمدني ۾ سراسري طور 1.2 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي جڏهين ته ان ساڳي عرصي ۾ پنجاب جي آمدني ۾ 2.6 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواه جي آمدني ۾ 3.3 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. ٻي ڳاله ته ان عرصي ۾ ڳوٺاڻي سنڌ ۾ واڌ منفي رهي آهي جڏهين ته شهري سنڌ ۾ اها مثبت رهي آهي.
رپورٽ ۾ ان ڳالهہ کي نوٽ ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ خراب معاشي حالتن جو وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهتو آهي، جڏهين ته سٺين معاشي حالتن جو سنڌ کي گھٽ فائدو ئي مليو آهي جنهن جي ڪري ان جو قومي پيداوار ۾ حصو گھٽبو رهيو آهي. 2000 جي ڏهاڪي ۾ سوائي قدرتي وسيلن کاڻين وغيره جي ٻئي هر شعبي ۾ سنڌ جي حصي ۾ گھٽتائي ٿي آهي. 1998-2014 جي عرصي ۾ سنڌ جي صوبائي قومي پيداوار ۾ نوي سيڪڙو جو واڌارو ٿيو جڏهين ته ساڳي عرصي ۾ ملڪي قومي پيداوار ۾ 170 سيڪڙو جو واڌارو ٿيو هو. ان پٺتي رهڻ جو ڪارڻ صوبي جي ٻن اهم آبادي جي حصن ۾ تفرقو ۽ اختلاف هئا.
سنڌ ۾ ٻاهران ماڻهن جي اچڻ جي ڪري آبادي ۾ واڌ جي رفتار ملڪ جي مجموعي آبادي ۾ واڌ جي رفتار کان وڌيڪ آهي. ساڳي وقت صوبي ۾ غربت جي سطح به باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. سنڌ تاريخي لحاظ کان شديد اڻ برابري ۽ عدم مساوات وارو صوبو رهيو آهي. هڪ پاسي اعلا ترين في ڪس آمدني ۽ سماجي سهولتن جي لحاظ کان باقي ملڪ کان اڳتي ڪراچي جو شهر آهي ته ٻئي پاسي صوبي جا اهڙا شهر آهن جيڪي انهن سهولتن جي لحاظ کان ايترو پوئتي پيل آهن جو گھڻن عالمي ادارن پاران انهن کي آفريڪا جي پٺتي پيل علائقن سان ڀيٽيو وڃي ٿو.
رپورٽ ۾ ان پاسي جو به جائزو ورتو ويو آهي ته گذريل ستن سالن ۾ وفاق جي فنڊن ۾ سنڌ کي ٽيڻ تي رقم ملي آهي. سنڌ حڪومت پاران ان جو گهڻو حصو ترقياتي ڪمن لاء مختص ڪيو ويو آهي. 2005-2015 جي عرصي ۾ تعليم ۽ صحت تي ڪيل خرچ ۾ حقيقي قيمتن جي حوالي سان چاليه سيڪڙو جو واڌارو ٿيو آهي. پر ان جو گھڻو فائدو نه ٿيو آهي ۽ اهو ڏٺو ويو آهي ته مک عوامي خدمتن ۾ سڌارو ته پري جي ڳاله ان ۾ صويو اڃا پوئتي ويو آهي. اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌ سماجي خدمتن جي حوالي سان اڳتي نه وڌيو آهي يا ان لحاظ کان ترقي نه ڪئي آهي جيئن ٻين صوبن ڪئي آهي. سنڌ جيڪو تعليم جي لحاظ کان 1990 جي ڏهاڪي جي آخر تائين پاڪستان جي ٻين علائقن کان اڳتي هو اهو ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندو وڃي.
رپورٽ ۾ ان جي نشاندهي ڪندي چيو ويو آهي ته گھڻن جائزن، رائي عامه ۽ ميڊيا رپورٽن موجب وڏي پئماني تي بدعنواني، سرڪاري رقم جو ضياع ۽ بيجا استعمال ۽ انهن خدمتن جي ڏيڻ وارن جي لاتعلقي ۽ بيحسي ان سڄي صورتحال جا اهم ڪارڻ آهن. ان کانسواء خانگي مافيائون کليل طور پاڻي جي فراهمي، پلاٽن ۽ امتحانن ۾ نقل ڪرائڻ جي حوالي سان سرگرم آهن جڏهين ته خانگي سيڪيوريٽي ڪمپنيون، خانگي تعليمي ۽ صحت جا ادارا سڄي صوبي ۾ ڦهلجي ويا آهن. اهي غير سرڪاري ادارا جيڪي نفعي خاطر ڪم ڪن ٿا سنڌ ۾ سماجي تفاوت جو بنيادي ڪارڻ آهن.
رپورٽ ۾ بجا طور ان ڳالهہ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته جڏهين به صوبي جي آبادي جي ٻن وڏن گروهن، سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن، گڏجي هم آهنگي ۽ امن واري ماحول ۾ ڪم ڪيو آهي ته صوبي ۾ خوشحالي آئي آهي ۽ ان ترقي ڪئي آهي ۽ جڏهين انهن ۾ تفرقو ۽ نفاق رهيو آهي تهِ صوبي کي نقصان پهتو آهي. جيئن بداعتمادي ۽ سماجي ۽ نسلي اختلاف وڌيا آهن ۽ انهن صوبي جي معاشي فيصلن تي اثر وڌو آهي تيئن صوبو پوئتي پوندو ويو آهي. نتيجي ۾ سنڌ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ معاشي ۽ سماجي لحاظ کان خراب ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
رپورٽ ۾ ان ڳالهہ جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ته ارڙنهين ترميم هيٺ صوبن کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن ان حوالي سان صوبي ۽ وفاق ۾ مختلف معاملن جهڙوڪ قدرتي وسيلن تي محصول، صوبن جي پرڏيهي قرض حاصل ڪرڻ جو اختيار ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن وغيره جي حوالي سان اختلاف موجود آهن. انهن اختلافن جي حل ٿيڻ ۽ صوبائي خودمختياري جي مستحڪم ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو. ساڳي وقت صوبن ۽ خاص طور سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پاران منظور ڪيل قانونن جي ڪري مقامي حڪومتن واري نظام کي نقصان پهتو آهي ۽ اهو ڪمزور ٿيو آهي.
رپورٽ پنهنجي مواد، انگن اکرن ۽ تجزئي جي حوالي سان هڪ ڊگھي عرصي لاء سنڌ جي معاشي ۽ سماجي رٿابندي لاء رهنمائي ڪري سگھي ٿي ۽ هڪ سونهين جي ڪم ڏيئي سگھي ٿي.