هندو هئڻ جا ڪارڻ
ششي ٿرور هڪ سفارتڪار، ليکڪ ۽ سياستدان آهي. سندس چوڻ آهي ته 1980 جي ڏهاڪي ۾ جڏهين مخلتف مذهبن جي حوالي سان بنياد پرستي متعلق بحث شروع ٿيو ۽ ڀارت ۾ هندوتا جي حامي قوتن کي سياسي لحاظ کان هڪ مٿڀرائپ پڻ حاصل ٿي ته هن اهو صروري سمجھيو ته هندو مذهب متعلق ڪجھ وضاحتون ڪري.
هو چئي ٿو ته پاڻ هڪ آزاد خيال شخص آهي پر ساڳي وقت هڪ هندو جي طور پوڄا پاٽ ڪندو آهي. سندس خاندان ۾ مذهب ۽ پوڄا وغيره ڄڻ ته هڪ ذاتي معاملو آهي. سندس پي باقاعدي روز صبوح پوڄا ڪندو هو پر هن ڪڏهين ان لاء مٿس زور نه وڌو. گھر ۾ هڪ خاص جاء عبادت لاء مخصوص آهي جتي مورتيون وغيره رکيل آهن. هو جيتوڻيڪ مندر وڃڻ بجائي اتي پوڄا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي پر پنهنجي حلقي ۾ پنهنجن ووٽرن جي خوشنودي لاء مندر به ويندو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڀڳوان جي ڪا خاص ٻولي ناهي ۽ هو سڀ ٻوليون سمجھي ٿو. سندس پوڄا مليالم، سنسڪرت ۽ انگريزي ۾ گڏيل هوندي آهي.
ان مقصد لاء هن ڪتاب Why I am a Hindu لکيو جنهن ۾ هندو مذهب جي حوالي سان گھڻين ڳالهين جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. هندو ڌرم ٻين مذهبن جيان ناهي. پهرين ڳاله ته هندو نالو هتان جي ماڻهن يا مذهبي ڪتابن وغيره پاران نه ڏنو ويو آهي پر اهو پرڏيهين جهڙوڪ ايرانين ۽ فرانسيسين وغيره پاران ڏنو ويو آهي. ان جو مطلب اهي ماڻهو آهن جيڪي دريا يا سنڌو جي هن پار رهندا آهن. جيئن ته فارسي ۾ س جو اچار ناهي ان ڪري هه جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهو سنڌو مان ڦري هندو ٿي ويو آهي. جڏهين ته مذهب لاء سنتانا ڌرم يا هڪ سچي مذهب ۽ عقيدي جو اصطلاح اسستعمال ڪيو ويو آهي. هندو جي حوالي سان سڃاڻپ تي گھڻو زور انگريزن جي هندوستان ۾ اچڻ کانپوء ڏنو ويوته جيئن مختلف مذهبن جي ماڻهن کي هڪٻئي کان ڌار ڪري بيهاري سگھجي.
جيئن ٽنهي وڏن ابراهيمي مذهبن ۾ پيغمبر ۽ الهامي ڪتاب آهن اهڙي ريت هندو ڌرم ۾ نه ته ڪو هڪ پيغمبر آهي، نه ئي انهن جو ڪو هڪ مذهبي ڪتاب آهي ۽ نه ئي ڪو چرچ آهي. ان ڪري هندو ڌرم هڪ مذهب کان وڌيڪ هڪ ڪلچر ۽ تهذيب آهي جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي طريقي جي مذهب جي چونڊ ڪرڻ جي آزادي آهي.
آستڪ هندن جو مطلب ويدن، آتما ۽ برهما يا پالڻهار ۾ يقين آهي. انهن ۾ ڇه فرقا آهن. ڪوبه پنهنجي پسند جي فرقي جي چونڊ ڪري سگھي ٿو ۽ پوء به هو هندو هجي ٿو. انهن ٽن شين مان ڪنهن به شي جو انڪار ڪندڙ ناستڪ آهي پر هو پوء به هندو هوندو. ناستڪ ۾ پنج فرقا آهن جن ۾ ٻڌ مت ۽ جين مت کي به شامل ڪيو وڃي ٿو. چواڪا جي نالي سان هڪ فرقو اهڙو آهي جيڪو مذهبي رسمن وغيره کي نه ٿو مڃي ۽ ان جو سڄو ڌيان دولت گڏ ڪرڻ ۽ نفعي ڪمائڻ ڏانهن هجي ٿو پر اهي پوء به هندو ئي آهن. گھڻن جنمن جي تصور کي ليکڪ ان ريت بيان ڪري ٿو ته خاص طور ابراهيمي مذهبن موجب اهو روح آهي جيڪو جسم ۾ رهي ٿو جڏهين ته هندوڌرم موجب جسم روح ۾ رهي ٿو ۽ ڪنهن به جيو جي گذريل جنم جي ڪرمن جي ڪري ايندڙ جنم ۾ اهو ان مطابق پيدا ٿئي ٿو.
هندو ڌرم جي هزارين سالن تائين باقي رهڻ جو مک ڪارڻ اهو آهي ته اهو لاڳيتو ارتقاء ڪندو آيو آهي. ان ۾ اٽڪل ٽيٽيه ڪروڙ ديوتا آهن. هن جين مت ۽ ٻڌ مت کي ڌار مذهب قرار ڏيڻ جي بجائي مهاوير ۽ سڌارٿ گوتم کي مصلح ۽ ڀڳوان جي اوتارن جو درجو ڏنو. ليکڪ يهودين جي هڪ گروه جو مثال ڏنو آهي جيڪو حضرت عيسا جي دور ۾ اوله هندوستان ۾ اچي آباد ٿيو هو. گھڻي عرصي گذرڻ کانپوء اهي ايتري قدر ان ماحول جو حصو ٿي ويا هئا جو انهن جي ڌار عبادت ۽ پوڄا جي طريقن جي باوجود انهن کي هندو سمجھيو ويندو هو جيستائين ڪنهن يهودي ربي اچي کين نه ٻڌايو ته اهي هندو نه پر يهودي آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته شروع ۾ جيڪي ويد لکيا ويا انهن ۾ ذات پات جو تصور نه هو۽ اهو پوء لکيل ويدن ۾ شامل ڪيو ويو هو. رڳ ويد جي لکڻ جي پنج سو سالن کانپوء ٻيا چار ويد لکيا ويا جن جي لکڻ ۾ پنجاه رشين حصو ورتو ۽ انهن جي مڪمل ٿيڻ ۾ هڪ هزار سال جو وقت لڳو. ساڳي ريت اپنشدن ۽ پرانن جي لکڻ ۾ هڪ هزار سال جو عرصو لڳو.
ائين نه ٿيو ته آريا جيئن هندوستان ۾ آيا ته انهن هتي اڳ رهندڙ ماڻهن جي ديوي ديوتائن کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو بلڪ انهن مان گھڻن کي انهن پنهنجي مذهب جو حصو بڻايو. ساڳي ريت قبائلي ماڻهن ۽ جھنگلن ۾ رهندڙ آديواسين جي ديوي ديوتائن کي انهن پڻ پنهنجي مذهب جو حصو بڻايو. اها ٻي ڳاله آهي ته گنگا جمنا جي ميدانن يعني اتر هندوستان جيڪو آريائن جو مرڪز هو ۽ ڏکڻ هندوستان، جتي دراوڙن جي گھڻائي هئي، ۾ مختلف ديوي ديوتائن جي ڪردار جي حوالي سان اختلاف موجود آهن. مثال طور ڏکڻ ۾ هڪ روايت آهي ته اتي اونم مهابلي نالي هڪ بادشاه هوندو هو جيڪو سخي، رحمدل ۽ خلق جو ڀلو ڪرڻ وارو هو ۽ ماڻهن جي ساڻس گھڻي محبت هوندي هئي. اهو ڏسي ديوتائن کي اچي اهو ڊپ ٿيو ته ماڻهو بادشاه جي محبت ۾ ڪٿي کانئن ڦري نه وڃن. ديوتائن پاران وشنو کي هڪ ونم بندري شخص جي صورت ۾ بادشاه جي درٻار ۾ موڪليو وڃي ٿو. هو بادشاه کي چئي ٿو ته کيس ٽي قدم زمين کپي. بادشه سندس قد بت کي ڏسندي سمجھي ٿو ته اها ته ڪا ڳالهہ ئي ناهي. هو کيس چئي ٿو ته ٺيڪ آهي. سندس هڪ قدم ۾ پوري ڌرتي اچي ٿي وڃي ۽ ٻئي قدم ۾ پورو آسمان جڏهين ته ٽئين قدم ۾ مها بلي زمين دوز ٿي ٿو وڃي. ڏکڻ جا ماڻهو مهابلي جي زمين ڏانهن موٽ جي ياد ۾ هر سال انم مهابلي جو ڏهاڙو ملهائيندا آهن ۽ اتر وارا ونم بندري جي روپ ۾ وشنو جي پوڄا ڪندا آهن. هڪ ڀيري بي جي پي جي هڪ وزير ٽوئيٽ ڪري وشنو جي پوڄا جون واڌايون ڏنيون هيون جڏهين ته رڳو هڪ ڏينهن اڳ ڏکڻ وارن انم مهابلي جي ڌرتي ڏانهن موٽ جو ڏهاڙو ملهايو هو. وزير جي ان توئيٽ تي ڏکڻ جي ماڻهن پاران سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو.
ايندڙ مضمون ۾ ڪجھ ٻين پاسن جو جائزو ورتو ويندو.