مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

لاطيني آمريڪا غلامي جا پنج سو سال

لاطيني آمريڪا غلامي جا پنج سو سال


لاطيني آمريڪا جي ملڪ يوراگوائي جي صحافي، ليکڪ ۽ شاعرايڊيورڊو گيلينو لاطيني آمريڪا ۾ يورپ جي ماڻهن جي ان نئين دنيا ۾ اچڻ کان وٺي موجوده دور ۾ آمريڪي تسلط تائين اٽڪل پنج سو سالن جي تاريخ تي ڪتاب Open Veins of Latin America لکيو جيڪو 1971 ۾ شائع ٿيو. ڪتاب جون ڏه لک ڪاپيون شائع ٿيون. اسپيني ٻولي ۾ لکيل ان ڪتاب جو ٻارنهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. ناول نگار آسوبل آلندي جو چوڻ آهي ته چلي ۾ فوجي بغاوت کانپوء جڏهين هن ملڪ ڇڏيو ته وٽس ڪجھ ڪپڙن کانسواء ٻه ڪتاب هئا جنهن ۾ هڪ پابلو نرودا جي شاعري جو مجموعو ۽ ٻيو هي ڪتاب هو. 2009 ۾ هيوگو شاويز سمٽ آف آمريڪاز ۾ ان ڪتاب جي اسپيني ٻولي جي ڪاپي آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي تحفي طور ڏني هئي. پر ان سڀ جي باوجود ڪتاب جي ڇپجڻ کان فوري پوء يوراگوائي ۾ فوج اقتدار سنڀالي ورتو ۽ ليکڪ ملڪ ڇڏڻ لاء مجبور ٿيو جڏهين ته ڪتاب تي ملڪ ۾ بندش وڌي ويئي. ان کانسواء برازيل، چلي ۽ ارجنٽائين جي فوجي حڪومتن پاران پڻ ڪتاب تي بندش وڌي ويئي.
راڻي ازابيلا ۽ سندس مڙس فرڊيننڊ اسپين مان مسلمانن جي ست سو سالن جي راڄ کي ته ختم ڪري ۽ اسپين کي متحد ڪيو پر انهن جنگن سندن خزاني کي خالي ڪري ڇڏيو هو. ان جي پورائي لاء انهن نون علائقن جي ڳولها جو ڪم شروع ڪيو. 1492 ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جڏهين هندوستان جي ڳولها ڪندي اچي آمريڪا پهتو هو ته کيس اها ڄاڻ نه هئي ته هو ڪو نئين دنيا ۾ پهتو هو. هن اسپين جي راڻي کي لکيو ته هو ايشيا ۾ جپان جي ويجھو پهتو هو ۽ جڏهين ڪجھ وقت کانپوء ٿورو اڳتي ٻين علائقن ڏانهن وڌيو ته کيس لڳو ته هو چيني سمنڊ ۾ پهتو هو. مرڻ گھڙي تائين کيس اها خبر نه پيئي ته هو ڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري آمريڪا پهتو هو. جڏهين سندس ماڻهن اتان جي ماڻهن کي پنهنجي جسم جي مختلف حصن تي سون ۽ چاندي جا زيور ڏٺا ته اهي انهن کان زوري ڦرڻ لڳا ۽ پوء انهن ماڻهن کان کين خبر پيئي ته اڳتي هڪ علائقي ۾ بادشاه آهي جنهن جو تخت ۽ تاج به سون جو آهي ۽ وٽس ٻيو به گھڻو سون آهي. ان بادشاه وٽ ته الائي سون هو يا نه پر ان سڄي علائقي ۾ چاندي ۽ سون جون کاڻيون هيون جنهن اسپين سان گڏوگڏ يورپ جي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي به اتي اچڻ لاء اتساهيو.
ان وقت ڏکڻ آمريڪا جو گھڻو علائقو انڪا سلطنت جي حڪمراني ۾ هو. جيتوڻيڪ اها هڪ شاهوڪار تهذيب هئي ۽ هتان جي ماڻهن فلڪيات ۽ ٻين علمن ۾ گھڻي پيشرفت ڪئي هئي پر اهي ان وقت تائين ڦيٿي، لوه، بارود ۽ گھوڙي وغيره کان واقف نه هئا. اسپين جي راڻي پاران پنهنجن ماڻهن کي انڪا سلطنت کي فتح ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي. نون آيل ماڻهن جي جديد هٿيارن ۽ ڄاڻ ان ڪم کي سولو بڻائي ڇڏيو. سندن هڪ هٿ ۾ تلوار هوندي هئي ته ٻئي ۾ بائبل. انهن وٽ پنهنجي ڦر لٽ جو جواز انهن ماڻهن جو ڪافر ۽ صحيح رستي تي نه هئڻ هو.
انهن يورپي لوڪن جي اهم ڪم سون ۽ چاندي جي ڳولها هو. جنهن علائقي ۾ اهي شروع ۾ آيا اتي گھڻو ڪري سون نه پر چاندي جون کاڻيون هيون. ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته انهن جيڪو خزانو اسپين موڪليو ٿي ان ۾ نوانوي سيڪڙو چاندي هئي. ان دوران يورپ جي ٻين ملڪن ۽ خاص طور پورچوگال جا ماڻهو اتي پهچڻ لڳا هئا. پوپ پاران آبادڪارن جي وچ ۾ ڪنهن ٽڪراء ۽ تصادم کي روڪڻ لاء علائقا انهن کي ورهائي ڏنا ويا جنهن ۾ برازيل وغيره جو علائقو پورچوگال جي حصي ۾ آيو. هتي سون ۽ هيرن جون کاڻيون هيون. ان وقت ئي اهو طئي ٿي ويو هو ته پيداوار ته انهن علائقن جي هوندي پر ان جي پروسيسنگ سمنڊ جي ٻئي پاسي يورپي ملڪن ۾ ٿيندي. اهو سڀ چاندي ۽ سون جهازن ۾ ڀري اسپين ۽ پورچوگال موڪليو ويندو هو. پر انهن ملڪن جو الميو هو ته اهي پاڻ ان مان گھڻو فائدو حاصل نه ڪري سگھيا. هڪ ته انهن پنهنجي لاطيني آمريڪا جي مهم لاء انگلنڊ، جرمني ۽ هالينڊ وغيره جي حڪومتن ۽ انهن ملڪن جي بينڪن کان قرض ورتا هئا ۽ کين انهن جي ادائيگي لاء گھڻو مال انهن ملڪن جي حوالي ڪرڻو پوندو هو ۽ ٻي ڳاله ته پروسيسنگ جون سهولتون به اسپين ۽ پورچوگال ۾ نه پر انهن ملڪن ۾ ئي هيون. ساڳي وقت پوپ ۽ ملڪ جي حڪمرانن پاران انهن ملڪن ۾ صنعتن قائم ڪرڻ تي پابندي جي ڪري ڪپڙو ۽ ٻي ضرورت جو سامان پڻ انگلنڊ ۽ جرمني وغيره کان گھرائڻو پوندو هو. اهڙي ريت اسپين ۽ پورچوگال جون بندرگاهون ڄڻ چاندي ۽ سون سان ڀريل جهازن جو ٽرانزٽ پوائنٽ هيون جڏهين ته انهن جي اصل منزل ٻيا ملڪ هئا جن ان سڄي مال دولت مان فائدو حاصل ڪيو.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته لاطيني آمريڪا جي ان دولت ان وقت يورپ ۽ خاص طور انگلينڊ ۾ جاگيردار ۽ واپاري طبقي ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ان ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور ان سان واپاري طبقو مضبوط ٿيو ۽ جاگيردارن جي اثر رسوخ ۾ گھٽتائي ٿي. هڪ لحاظ کان ائين چئجي ته آباد ڪارن مختلف طريقن سان ريڊ انڊين جي ڄڻ نسل ڪشي شروع ڪري ڇڏي هئي. سندن زمينن ۽ مال ملڪيت تي قبضي لاء انهن کي مارڻ ۽ قتل ڪرڻ کانسواء کاڻين مان سون، چاندي ۽ هيرا ڪڍڻ جو ڪم به زوري ۽ تشدد وسيلي وٺڻ شروع ڪيو. مختلف علائقن مان اهي زوري انهن کي کڻي ايندا هئا. ڪن صورتن ۾ انهن ماڻهن کي کاڻين تائين پهچڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي ويندا هئا ۽ گھڻا ته رستي ۾ ئي مري ويندا هئا. کاڻين ۾ ڪم جو ڪو وقت مقرر نه هو. ٻيو ڪم جي نوعيت ۽ حالتن جي ڪري اهي جلد مختلف بيمارين ۾ وٺجي مري ويندا هئا.ِ انهن مزدورن جي سراسري عمر ٽيهہ پنجٽيهہ سالن کان وڌيڪ نه هوندي هئي. ان ڪم جي سختي جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته مائرون پنهنجن ٻارن کي ان ڪم جي سختي کان بچائڻ لاء ڄمندي ئي ماري ڇڏينديون هيون جڏهين ته گھڻا ماڻهو جھنگلن ۾ ڀڄي ويندا هئا. ان جي ڪري انڊين جي آبادي ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽتائي ايندي ويئي. ان وڏي پئماني تي نسل ڪشي کي ان ڳالهہ مان ڏسي سگھجي ٿو ته لاطيني آمريڪا جي انهن اصلوڪن ماڻهن جي آبادي جيڪا آبادڪارن جي ان کنڊ ۾ اچڻ وقت ست ڪروڙ هئي اها ڏيڍ سو سالن کانپوء گھٽجي رڳو پنجٽيه لک وڃي رهي. ان ڪري هاڻي جيئن ته رڳو انڊين پورهيت ان جو پورائو نه ٿي ڪري سگھيا جڏهين ته يورپي ماڻهن کان اهو ڪم وٺڻ ممڪن نه هو. ان ڪري انهن آفريڪا جي ماڻهن کي زوري سامونڊي جهازن ۾ ڀري زنجيرن سان ٻڌي غلامن جي حيثيت ۾ انهن ملڪن ۾ آڻڻ شروع ڪيو. انهن مان گھڻا رستي ۾ ئي سفر جون سختيون نه سهي مري ويندا هئا ۽ وڃي مڇين جو کاڄ ٿيندا هئا.
آفريڪا مان غلامن جو آڻڻ ان ڪري به ضروري ٿي پيو هو ته سون ۽ چاندي جي کاڻين مان جنهن بيدردي سان اهو خزانو ڪڍيو ٿي ويو ان جي ڪري انهن جي پيداوار ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽتائي ايندي ويئي. ان وقت يورپ ۾ کنڊ کي هڪ نهايت قيمتي شي ڪري ليکيو ويندو هو. رڳو هڪ پڙي کنڊ جي به وڏي قيمت هونڌي هئي. آباد ڪارن ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاء ڪمند ۽ ٻين انهن پوکن تي ڌيان ڏنو جن سان کنڊ پيدا ڪري سگھجي. انهن ٻنين تي ڪم ڪرڻ لاء به پورهيتن جي ضرورت هئي. ساڳي ريت پوک ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ ٿيندي هئي جڏهين ته کنڊ ٺاهڻ جا ڪارخانا يورپ جي ملڪن ۾ هوندا هئا. ڪجھ عرصي کانپوء ڪافي جي پيداوار تي ڌيان ڏنو ويو. انهن ٻنين تي انڊين ۽ آفريڪي مزدورن جي ڦرمار هڪ عام ڳاله هئي. هڪ ته سندن ڪم لاء ڪو وقت مقرر نه هونڌو هو ۽ ٻيو ته کين رهائش ۽ کاڌي جي رڳو ايتري سهولت هئي جو اهي جيئرا رهي سگھن ۽ ڪم ڪري سگھن.
ان صورتحال ۾ گھڻا مزدور بيمارين، حادثن ۽ آقائن جي تشدد ڪري مري ويندا هئا. جيئن ته پادرين ۽ چرچ پاران انهن ماڻهن کي ماڻهو ئي نه سمجھيو ويندو هو ان ڪري ان ڳاله کي ڪا گھڻي اهميت به نه ڏني ويندي هئي. اهي ملڪ جيڪي پنهنجيون شيون يورپ موڪليندا هئا ان جي عيوض انگلنڊ جي ڪارخانن ۾ ٺهيل ڪپڙو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون موڪليون وينديون هيون. لاطيني آمريڪا يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ اڄ جيان مختلف ملڪن ۾ ورهايل نه پر هڪ ايڪي طور ليکيو ويندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جڏهين مختلف علائقن جو پنهنجي پيداوار جي حوالي سان يورپ سان سڌو واپار شروع ٿيو ته انهن علائقن جي هڪ ڌار سڃاڻپ ٺهي ويئي جنهن اڳتي هلي ملڪن جي صورت ورتي. لاطيني آمريڪا جي آزادي ۽ ان جي ايڪي لاء وڙهندڙ سائمن بوليوار، چار سو کان وڌيڪ جنگين جن ۾ اوڻاسي اهم جنگون هيون، جي اڳواڻي ڪئي ۽ لاطيني آمريڪا جي گھڻن علائقن کي اسپين جي قبضي مان آزاد ڪرايو. هو لاطيني آمريڪا جي آزاد قومن جي يونين ٺاهڻ ۾ به سرگرم رهيو ۽ ڪجھ عرصي تائين ارجنٽائين جي سرحد کان وٺي ڪيريبين سمنڊ تائين هڪ وڏي علائقي جو حڪمران به رهيو. سندس مقصد لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي گڏ ڪرڻ هو ته جيئن اهي هڪ پاسي يورپ جي ملڪن ۽ ٻئي پاسي آمريڪا جي اڀرندڙ طاقت کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿي سگھن. پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. پنهنجي عمر جي آخري ڏينهن ۾ هو پنهنجي علائقي جي صورتحال مان مايوس ٿي ويو هو ۽ سندس اهو مشهور قول آهي ته جن انقلاب لاء ڪم ڪيو آهي انهن ڄڻ سمنڊ ۾ هر هلايو آهي. ڪولمبيا جي دستور ساز اسمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته منهنجا دوستو مون کي اهو چوندي شرم ٿو ٿئي ته اسان پنهنجن ٻين سڀني آدرشن جي قيمت تي رڳو آزادي حاصل ڪري سگھيا آهيون.