وچ اوڀر جا عيسائي II –
شام مان هو لبنان لاء روانو ٿي وڃي ٿو. اهو ملڪ اڃا تازو گھرو ويڙه مان آجو ٿيو هو. بيروت، جيڪو دنيا جي سهڻن شهرن ۾ ڳڻيو ويندو هو، ان جنگ ۾ تباه ٿي ۽ مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويو هو. ان جي نئين سر تعمير جو ڪم هلندڙ هو. هڪ ته جنگ جي ڪري گھڻا گھر ۽ ٻيون عمارتون کنڊر بڻجي ويون هيون ۽ ٻيو ان نئين اڏاوت ڄڻ پراڻي بيروت جي سونهن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. وڏين عمارتن جي صورت ۾ چئني پاسن کان ڄڻ ڪنڪريٽ جا جبل بيٺل هئا. ڊٺل عمارتن مان ماڻهو گھڻو سامان کڻي ويا هئا. ليکڪ دروز اڳواڻ وليد جنبلات جو ذڪر ڪيو آهي جنهن پنهنجي ضابطي هيٺ علائقي جي ڊٺل بنگلن مان قيمتي ۽ سهڻا ٽائل کڻي پنهنجي گھر ۾ هڻايا هئا جن کي ڏسڻ لاء هو سندس اجازت سان سندس گھر ويو هو.
پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء فرانس پنهنجي مينڊيٽ کي استعمال ڪندي شامي عيسائين جي هڪ فرقي مارونائٽ جي گھڻائي واري علائقي کي شام کان ڌار ڪري وچ اوڀر ۾ عيسائين جي هڪ ملڪ جي قائم ڪرڻ لاء لبنان جو قيام عمل ۾ آندو.
هتي گھڻي عرصي تائين سندن هڪ حاوي حيثيت رهي ۽ اهي ملڪ جي ٻين رهواسين کي گھڻي اهميت ۽ اقتدار ۾ حصي ڏيڻ لاء تيار نه هونڌا هئا. ملڪ جي آئين ۾ پڻ ان ڳالهہ جي ضمانت ڏنل هئي ۽ فرقيواريت جي بنياد تي حڪومت جا وڏا عهدا ورهايل هئا. علائقي ۾ ايندڙ تبديلين، فلسطيني پناهگيرن جي لبنان ۾ اچڻ ۽ ملڪ جي سني، دروز ۽ شيعه آبادي پاران اقتدار ۾ وڌيڪ حصي جي گھر ان سڄي توازن کي بگاڙي ڇڏيو. ساڳي وقت مارونائٽ جي فلانجسٽ پارٽي اندر به مختلف دڙن جا پاڻ ۾ پڻ اختلاف رهندا آيا آهن جن کي انهن هڪٻئي جي رتوڇاڻ وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن دڙن جا علائقا ورهايل آهن ۽ هڪٻئي جي علائقي ۾ وڃڻ کي خطرناڪ ليکيو وڃي ٿو. پنهنجي ان حيثيت کي برقرار رکڻ ۽ خاص طور فلسطيني مهاجرن کي لبنان مان بيدخل ڪرڻ لاء انهن ڪڏهين شام ته ڪڏهين اسرائيل سان اتحاد ڪيا آهن. لبنان جي صابره ۽ شتيلا جي مهاجر ڪئمپن ۾ فلسطينين جي وڏي پئماني تي ٿيل قتل عام ۾ اهي اسرائيلي فوج سان گڏ هئا. ليکڪ ملڪ جي مختلف علائقن جي دوري مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته گھڻا عيسائي ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن ۽ خانقاهون ۽ چرچ ويران پيا آهن. ان جي ڪري ملڪ ۾ سندن سياسي حيثيت به اها نه رهي آهي. ان سلسلي ۾ هو مختلف ماڻهن سان مليو آهي جن کيس اهو ئي ٻڌايو آهي ته انهن جو وڏو ڪارڻ فلانجسٽ پارٽي جو ماڻهن سان خراب ورتاء ۽ انهن جي پاڻ ۾ ويڙه رهي آهي. فلسطين جا عيسائي کيس ٻڌائين ٿا ته فلانجسٽن، جن کي انهن عيسائي هئڻ ناتي پنهنجو همدرد سمجھيو ٿي، هميشه ساڻن خراب ورتاء ئي ڪيو ۽ کين پنهنجن علائقن مان لوڌي ڪڍيو جڏهين ته پي ايل او پاران سندن خيال رکيو ويو آهي ۽ سندن سارسنڀال لڌي ويئي آهي ۽ اهي مسلمان فلسطينين سان امن ۽ سڪون سان رهن ٿا.
ليکڪ هتان اسرائيل وڃي ٿو. رومن شهنشاه ڪانسٽنٽائين جي عيسائيت قبول ڪرڻ کان اڳ يرو شلم جي ڪا اهميت ۽ حيثيت نه هئي ۽ گھڻن ماڻهن کي ان جي خبر به نه هوندي هئي. اها هڪ ننڍي ۽ غير اهم آبادي هئي. پوء جي دور ۾ شهر جي اهميت وڌي ۽ گھڻا ماڻهو اچي هت آباد ٿيا. خاص طور تي عيسائي راهبن جو هڪ وڏو تعداد شهر ۽ شهر جي پسگردائي ۾ آباد ٿيو. انهن راهبن پاران بت پرستن تي حملا ۽ انهن جي عبادتگاهن کي تباه ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري رهيو ۽ اهڙي ريت اهو هڪ عيسائي گھڻائي وارو شهر بڻجي ويو. اهو ٽن ابراهيمي مذهبن، يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام لا۽ هڪ اهم ۽ پوتر شهر آهي. ساڳي وقت اهو اهڙو شهر پڻ آهي جتي گھڻي رتوڇاڻ ٿي آهي. مختلف وقتن تي اهو شهر مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ حڪمرانن جي تسلط ۾ رهيو آهي. هن وقت اسرائيل جي اها ڪوشش آهي ته عام طور سڄي فلسطين ۽ خاص طور يروشلم تي پنهنجي قبضي کي تاريخي طور جائز ۽ صحيح ثابت ڪيو وڃي. پادرين جو چوڻ آهي ته هتي مسلمان ۽ عيسائي فلسطينين سان نهايت ئي خراب ورتاء ڪيو ٿو وڃي. انهن کي پهرين ته ڪو روزگار نه ٿو ملي ۽ جيڪڏهين ملي به ٿو ته اهو صفائي ڪرڻ ۽ ٿانون ڌوئڻ وغيره کان وڌيڪ نه ٿو ملي. کين ووٽ جو ڪو حق ناهي. ان جي ڪري جن جي لاء ممڪن آهي اهي اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي ٿا وڃن. نتيجي ۾ جيڪو ڪنهن وقت عيسائي گھڻائي جو شهر هو اتي هاڻي اهي ٿورائي ۾ اچي ويا آهن. ان سان گڏوگڏ اسرائيل جي اها ڪوشش آهي ته يروشلم کي تاريخي طور يهودين جو شهر ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ عيسائين ۽ مسلمانن سميت ٻين سڀني ماڻهن کي ٻاهران آيل ڪاه ڪندڙ ڪري پيش ڪيو وڃي. ان مقصد لاء تاريخي آثارن ۽ نشانين کي پڻ ڊاهيو وڃي ٿو. ساڳي ريت شهر ۾ يهودين جي آبادي کي وڌائڻ لاء فلسطيني ڳوٺن تي قبضا ڪري اتان ماڻهن کي لڏائي اتي يهودي آبادڪارن کي جديد سهولتون ڏيئي آباد ڪيو ٿو وڃي.
ليکڪ هتان مصر وڃي ٿو جيڪو سندس خيال ۾ ان سفر جو هڪ ٻيو ڏکيو مرحلو آهي. هتي هو پهرين اسڪندريا وڃي ٿو جتي ڪنهن دور ۾ يوناني عيسائين جو وڏو تعداد رهندو هو ۽ اهو پنهنجي نائٽ ڪلبن ۽ رات جي زندگي سان هڪ ڌار ڪلچر جو حامل هو. پر هاڻي خاص طور اسلامي بنياد پرستي جي اڀارجي ڪري صورتحال تبديل ٿي ويئي آهي. جيتوڻيڪ اڃا به ڪجھ يوناني عيسائي اتي رهن ٿا ۽ پراڻي زندگي جا ڪجھ نشان آهن پر گھڻا اتان اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي ويا آهن. ليکڪ اتان قاهره وڃي ٿو. هتي گھڻو ڪري شهر جي پسگردائي ۾ قبطي عيسائين جي آبادي آهي. قبطي جي معنا ئي مقامي ۽ ديسي آهي. اهي مصر جا اصلوڪا رهاڪو آهن جن جي مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ملڪ ۾ گھڻائي هئي جن مان پوء گھڻن پنهنجو مذهب تبديل ڪري ڇڏيو. کيس اهو ته محسوس ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو ڊپ ۾ پنهنجي زندگي گذارين ٿا پر اهي ساڻس کليل نموني ان ڪري اظهار نه ٿا ڪن ته متان حڪومت نه ناراض ٿئي. سندن چوڻ هو ته حڪومت هونئن ته سندن خلاف اسلامي پسندن جي ڪارواين تي ڪو قدم نه ٿي کڻي پر جڏهين کان انهن مصر ايندڙ پرڏيهي سياحن تي حملا شروع ڪيا آهن ته پوء حڪومت به انهن خلاف سرگرم ٿي ويئي آهي. قاهره ۾ ڪجھ وقت گذارڻ کانپوء هو مٿئين مصر ۾ وڃڻ چاهي ٿو. اهو علائقو ساڳي وقت قبطي عيسائين جي گھڻائي ۽ اخوان جي سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي. هتي لاڳيتو فوج ۽ اخوان ۾ جھڙپون ٿينديون رهن ٿيون ۽ گھڻو ڪري ٻاهرين سياحن کي اتي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي آهي. پر ليکڪ ڪجھ وقت اڳ حسني مبارڪ جو انٽرويو ڪيو هو جنهن ۾ مبارڪ کيس چيو هو ته اوهان ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسواء ان علائقي ۾ وڃي سگھو ٿا. ان بنياد تي کيس نه رڳو اتي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي پرهو سرڪاري گاڏي ۽ سيڪيورٽي ۾ اوڏانهن روانو ٿئي ٿو. واٽ تي کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته هو بجائي سرڪاري گاڏي جي جيڪڏهين عام گاڏي ۾ اچي ها ته وڌيڪ اطمينان ۽ محفوظ طريقي سان سفر ڪري سگھي ها. مختلف جاين تي فوجي چوڪيون ٺهيل هجن ٿيون ۽ کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته تازو ئي شدت پسندن سان جھڙپ ٿي هئي ۽ ان ۾ ايترا فوجي ۽ ايترا اخوان جا همراه مارجي ويا هئا. هر مرحلي تي سندس سيڪيورٽي وڌائي وڃي ٿي. مختلف جاين تي هو گوجائن ۾ وڃي ٿو ۽ پادرين ،ِ راهبن ۽ عام ماڻهن سان ملي ٿو جيڪي کيس گرجائن تي حملن، انهن کي ساڙڻ ۽ عيسائين تي حملن، انهن کي قتل ڪرڻ ۽ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ وغيره جا تفصيل ٻڌائين ٿا.هڪ ڊگهي سفر کانپوء هو کرگا نخلستان پهچي ٿو جيڪو هڪ لحاظ مصر جي سرحد آهي ۽ ان کان اڳتي رڳو ريگستان آهي. هتان سيڪيورٽي واپس وڃي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته اڳتي ڪوبه خطرو ناهي. اهو ريگستان بازنطيني سلطنت جي آخري سرحد هونڌي هئي جتي خطرناڪ قيدين ۽ خاص طور نستورين جهڙن مذهبي مخالفن کي رکيو ويندو هو. هتي ليکڪ پنهنجو سفر پورو ڪرڻ کانپوء واپس موٽي ٿو.
ليکڪ پنهنجي سڄي ان سفر مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هڪ ته عيسائيت اوله جو نه پر اوڀر جو مذهب آهي. ساڳي وقت عيسائيت جو اسلام تي اثر آهي جيڪو ان جي گھڻين رسمن ۽ عبادت جي طريقن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ساڳي وقت اسلام جو پڻ عيسائيت تي اثر آهي جيڪو ان ڳاله مان ڏسي سگھجي ٿو ته ڪجھ وقت لاء بازنطيني سلطنت پاران تصويرن ۽ بتن جي پوڄا تي پابندي وڌي ويئي هئي. ساڳي ريت جيئن اسلام جي مختلف فرقن ۾ نبي پاڪ جي نور ۽ بشر متعلق بحث هلي ٿو، عيسائين جي مختلف فرقن ۾ به حضرت عيسا جي خدا ۽ انسان هئڻ متعلق اختلاف موجود آهن. خاص طور نستوري اهو سمجھن ٿا ته يسوح ۾ انسان واريون خاصيتون گھڻيون هيون. پنهنجي ان عقيدي جي ڪري اهي بازنطيني سلطنت ۾ معتوب ئي رهيا.
اهو ڪتاب ڄڻ تاريخي لحاظ کان وچ اوڀر ۾ عيسائيت جو هڪ جائزو آهي جنهن مان گھڻين ڳالهين جي خبر پئي ٿي.