سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر
سندھ کي تاريخ کيا ہے؟ اهو ڊاڪٽر مبارڪ علي جو سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هڪ مختصر تجزياتي ڪتاب آهي. هن ۾ ڪجھ سندس پنهنجا مضمون آهن ۽ ڪجھ ترجما آهن. انهن ترجمن ۾ اليگذينڊر هملٽن جا سنڌ جا مشاهدا، ڪلارڊ مارڪووٽس جو علائقائي تعلق سان سنڌ جي معيشت ۽ معاشرو ۽ محمد ادريس صديقي جي ڪتاب وادي سنڌ ڪي تهذيب مان کنيل مضمون وادي سنڌ ڪي تهذيب آهن.
سنڌ جي تاريخ متعلق ٽي نڪته نظر آهن. انهن مان هڪ مذهبي، ٻيو قوم پرستي تي ٻڌل ۽ ٽيون سيڪيولر. سنڌ جي تاريخ تي ورهاڱي کان اڳ به ڪم ٿيندو رهيو آهي. هتي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي هئي جيڪا پنهنجو هڪ جنرل به شائع ڪندي هئي. ان سوسائٽي ۾ گھڻي ڀاڱي هندو ۽ انگريز هئا ۽ اها سيڪيولر بنيادن تي ڪم ڪندي هئي. انهن جو موقف اهو هو ته سنڌ جي تاريخ سنڌ ۾ مسلمانن جي اچڻ سان شروع ناهي ٿي پر اها ان کان گھڻي پراڻي آهي.
چچ نامو، تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهري وغيره حڪمرانن جي نڪته نظر سان لکيون ويون آهن. انهن ۾ عوام جي مسئلن، انهن جي جدوجهد ۽ ڏکن ڏولاون وغيره جو ڪو ذڪر ناهي. هڪ لحاظ کان اهي تاريخون ماڻهو کي گمراه ڪندڙ آهن. چچ نامي کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ ڪري ليکيو وڃي ٿو. پر ان ۾ به حقيقتن کان وڌيڪ ڏند ڪٿائون ۽ قصا ڪهاڻيون آهن. اهو عربن جي نڪته نظر کان لکيل آهي. ان ڪري هاڻي ان کي چچنامي جي بجائي فتح نامي جو نالو ڏنو پيو وڃي ته جيئن ان ۾ چچ جو ڪو ذڪر ئي نه اچي.
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي حوالي سان ليکڪ ان رائي جو آهي ته سنڌ تي عربن جون ڪاهون حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي وقت کان جاري هيون پر انهن ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي هئي. حجاج جي هڪ ظالم گورنر جي طور جيڪا شهرت آهي ان ڪري سندس لاء ڪجھ عورتن جي مدد لاء دانهن جي ڪا اهميت نه هئي. اصل مسئلو معاشي هو ۽ عربن جي تجارتي جهازن کي محفوظ واٽ گهربل هئي.
مذهب بدلائڻ جي معاملي ۾ سنڌ جي ماڻهن تي عرب فاتحن پاران ڪا سختي نه ڪئي ويئي ۽ نه ئي انهن کي اسلام اختيار ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ويو. هتي ماڻهن جي اسلام اختيار ڪرڻ وارو معاملو پندرنهين صدي عيسوي کان شروع ٿيو ۽ ارڙنهين صدي عيسوي ۾ پنهنجي اوج تي پهتو. هتان جي اڪثريتي آبادي اسلام اختيار ڪيو جڏهين ته ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ۾ ائين نه ٿيو ۽ اتي هڪ ڊگھي عرصي جي مسلم حڪمراني جي باوجود آبادي جي گھڻائي هندو مذهب سان ئي لاڳاپيل رهي. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جي اڪثريت جو مذهب ٻڌ مت هو. ٻڌمت هڪ فلسفيانه مذهب آهي ۽ ان ۾ گھڻي زور زبردستي ناهي جڏهين ته هندوستان جي ٻين علائقن ۾ اڪثر آبادي هندو مت کي مڃيندڙ هئي ۽ ان ۾ برهمڻن جو ماڻهن تي عقيدي وغيره جي لحاظ کان سخت ضابطو هوندو آهي. ان جو ٻيو ڪارڻ سنڌ جو قبائلي سماج هو جنهن ۾ جيڪڏهين قبيلي جو سردار مذهب تبديل ڪندو هو ته قبيلي جا باقي ماڻهو به ائين ڪندا هئا. ان جا چچ نامي ۾ گھڻا مثال ڏنل آهن. هڪ ٻي خاص ڳاله اها آهي ته عرب مصر، عراق ۽ ٻين جن ملڪن ۾ ويا اتي ماڻهن پنهنجي ٻولي ڇڏي عربي کي اختيار ڪيو پرسنڌ انهن ڪجھ ملڪن ۾ شامل هو جن پنهنجي ٻولي کي برقرار رکيو. ان جو هڪ ڪارڻ ته سنڌ جي ايران سان ويجھڙائي هئي جنهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي برقرار رکيو هو. سنڌ ۾ پوء جيڪي فاتح ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا مان آيا انهن جي بولي فارسي هئي. هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌ جي دربار جي ٻولي فارسي رهي پر عام ماڻهو جيئن ته دربار کان گھڻو پري هوندو هو ۽ ان جو دربار سان گھڻو واسطو نه هوندو هو ان ڪري ان تي ان جو گھڻو اثر نه پيو ۽ هن پنهنجي ٻولي کي برقرار رکيو.
ڪتاب ۾ اليگذينڊر هملٽن جي ڪتاب A New Account of East India جي يارنهين باب جو ترجمو ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌ متعلق سندس مشاهدا ڄاڻايل آهن. اهي ارڙنهين صدي جي شروع جا لکيل آهن. هو بحري جهاز ۾ لاهري بندر تائين آيو هو. ان بندر تي ان وقت ٻه سو ٽن تائين جا جهاز اچي سگھيا ٿي. ان جي ڀر ۾ 100 کن گھرن تي مشتمل هڪ ڳوٺ هو ۽ هڪ قلعو به هو جنهن تي توبون لڳل هيون ته جيئن بندرگاه ۾ ايندڙ جهازين جي مڪراني ۽ بلوچ ڌاڙيلن کان حفاظت ڪري سگھجي جيڪي هر مسافر ۽ قافلي کي ڦريندا هئا. مڪراني مغل حڪمرانن جي رعايا هئا جڏهين ته بلوچ ايران مان هتي آيا هئا. اهي انهن ڌاڙيلن سان وڙهندا ٺٽي تائين پهتا.
ٺٽو ان وقت هڪ وڏو تجارتي مرڪز ۽ آسودو شهر هو جيڪو لاهري بندر کان چاليه ميلن جي مفاصلي تي هو. شهردريا کان ٻن ميلن جي فاصلي تي هو. ان کي سنڌو مان هڪ نهر ڪڍي پاڻي ڏنو ويو هو. هتي ميون جا باغ هوندا هئا. خاص طور هتي ڏاڙهون نهايت لذيذ ٿيندو هو ۽ اهڙو ڏاڙهون ليکڪ چواڻي ته هن وري ٻئي ڪٿي نه کاڌو. سندس هتي اچڻ کان ٽي سال اڳ مينهن نه پوڻ ڪري ڏڪر پيو هو ۽ شهر ۽ ان جي ويجھڙائي وارا علائقا ويران ٿي ويا هئا. ان ڏڪر ۾ اٺ هزار کن ماڻهو مري ويا هئا. شهر جو نواب مسلمان هو جڏهين ته آبادي جي گھڻائي هندو مذهب سان واسطو رکندڙ هئي. نواب پاران کيس گھڻي عزت ۽ سهولتون ڏنيون ويون. شهر ۽ ان جي چوڌاري گھڻا پکي ۽ جانور هئا ۽ شڪار جا گھڻا موقعا هئا. سندس چوڻ آهي ته اتي هرڻن جو وڏو تعداد هو ۽ اهي ايستائين شڪاري کان پري نه ٿيندا هئا جيستائين گھوڙو سندن مٿان نه اچي بيهندو هو. هن لومڙي جيتري هڪ جانور جنهن جا ڪن سهي جيترا ڊگھا ۽ منهن ٻلي جهڙو (Shogoose) هوندو هو جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي شڪاري گھوڙي تي ان جون اکيون ٻڌي پنهنجي پويان ويهاريندا هئا. هرڻ جي ويجھو پهچڻ تي ان جون اکيون کوليون وينديون هيون ۽ اهو ڊوڙي وڃي هرڻ تي حملو ڪري پهرين ان جون اکيون ڪڍندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اهو جانور ناياب هو. هو اهو به ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ سنڌو ۾ ڪشمير تائين جهاز راني ٿيندي هئي. هتي گوشت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراواني هئي.
ٻيو مضمون ڪلارڊ مارڪوٽس جي ڪتاب The Global World of Indian Merchants, 1750-1947; Traders of Sind from Bukhara to Panama آهي
سنڌ هڪ ساحلي علائقو آهي جيڪو خراسان ۽ هندوستان کي گڏڻ جو ڪم ڪري ٿو. ان جا ايران سان شروع کان ويجھا ناتا رهيا آهن ۽ ان جي ثقافت جو ان تي گھڻو اثر رهيو آهي. سنڌ جي مسقط سان واسطو رکندڙ واڻين متعلق پندرنهين صدي جي عرب ۽ پرتگيزي دستاويزن ۾ ذڪر ملي ٿو. ان ۾ چيو ويو آهي ته ٺٽو مسقط جو اهم ساٿي آهي ۽ هندو ڀاٽيا سنڌ ۽ عرب وچ ۾ واپار ڪرڻ وارا ماڻهو آهن.
ليکڪ شڪارپور۽ حيدرآباد جي تجارتي اهميت تي روشني وڌي آهي ۽ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو آهي ته ارڙنهين صدي جي ختم ٿيندي تجارتي لحاظ کا جيڪا اڳ ٺٽي جي حيثيت هئي اها لاهري بندر جي ويران ٿي وڃڻ ڪري ڪراچي کي ملي ويئي هئي. ليکڪ ٻئي هڪ اهم عنصر جو ذڪر ڪيو آهي اهو آهي سنڌ جي رستي مالوه جي آفيم جي تجارت. ان تجارت 1770 کان 1870 تائين هندوستان جي سرمائي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ هندوستاني واپارين جي آفيم جي تجارت تان ٿيل ٽڪراء جي ڪري سنڌ جي رستي چين ڏانهن آفيم جي تجارت جي واٽ کلي پيئي. ان تجارت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ 1820 کان 1830 تائين جي عرصي ۾ سنڌ جي تجارت کي متاثر ڪيو.
ليکڪ محمد ادريس صديقي جي سنڌو ماثري جي تهذيب متعلق مضمون کي پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ان مضمون ۾ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو ويو آهي ته اهي سڌريل ماڻهو هئا جن وٽ شهر جي معاملن کي هلائڻ لاء بلدياتي نظام به هو. واپاري لحاظ کان انهن جا ٻاهرين دنيا سان ناتا هئا. اهي ڪپهہ ۽ ٻيون مختلف شين جي پوک ڪندا هئا. اهي گوشت جو استعمال ڪندا هئا. مختلف جانور پاليندا به هئا ۽ شڪار به ڪندا هئا.
ڊاڪٽر مبارڪ ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي جلال الدين خوارزم شاه متعلق هڪ مصمون، جنهن ۾ ان کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، تي مختلف تاريخي حوالن سان تنقيد ڪندي ان ڳالهہ کي واضح ڪيو هو ته هو هيرو نه پر هڪ ڦورو هو جنهن هتي قتل عام ڪيو ۽ ڦرمار ڪئي.
سنڌي مهاجر تضاد جي حوالي سان پنهنجي لکيل مضمون ۾ سندس چوڻ آهي ته اهو تضاد ۽ ٽڪراء ان وقت تائين ختم نه ٿيندو جيستائين سنڌ ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن وچ ۾ معاشي ۽ سماجي تضاد ۽ ٽڪراء هوندو ۽ حڪمران طبقو ان جو فائدو وٺندو رهندو.
ان ڪتاب سان پڙهندڙ کي سنڌ جي تاريخ جي ٻين گھڻن پاسن جي مطالعي ۽ انهن کي تنقيدي نظر سان ڏسڻ جو اتساه ملي ٿو.