ٽي ڪردار، جهاد ۽ مقصد 1
فاطمه ڀٽو فڪشن ۽ نان فڪشن ۾ لاڳيتو لکندي رهي آهي. سندس 2010 ۾ شائع ٿيل ڪتاب Songs of Blood and Sword پنهنجي خاندان جي سياسي اختلافن جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ هن آصف علي زرداري کي پنهنجي پي جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي. 2013 ۾ سندس پهريون ناول The Shadow of the Crescent Moon شائع ٿيو. اهو ناول پاڪستان جي قبائلي علائقن جي سياسي صورتحال ۽ رياست جو اتان جي ماڻهن سان ورتاء جي حوالي سان آهي. مون تازو 2019 ۾ شائع ٿيل سندس ناولThe Runaways پڙهيو. اهو ناول مختلف پسمنظر رکندڙ ٽن ڪردارن سني، مونٽي ۽ انيتا روز عرف ليلا جي ڪهاڻي آهي.
سني لکنو ڀارت مان برطانيا ويل سليمان جميل جو پٽ آهي ۽ هو اتي ئي ڄائو نپنو آهي. سندس زندگي برطانيا ۾ رهندڙ هڪ عام نوجوان جيان ئي هجي ٿي. ڪلب، شراب ۽ ڇوڪريون سندس زندگي جو حصو هجن ٿيون. پر هو پنهنجي ان زندگي مان مطمئن نه ٿو هجي ۽ ڪنهن مقصد ۽ زندگي کي ڪنهن معنا ڏيڻ جي ڳولها ۾ هجي ٿو. سندس هڪ ڪزن تازو شام مان جهادين سان ڪجھ وقت گذاري ۽ جهاد جي تربيت وٺي موٽيو هو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته اوله جي زندگي اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ زوال ۾ ورتل آهي. ساڳي وقت انهن جي مسلمانن سان دشمني ۽ وير آهي. ضرورت ان ڳاله جي آهي ته مسلمان پنهنجي ماضي جي اوج حاصل ڪرڻ لاء جهاد جي واٽ اختيار ڪن. گھڻي اڻ تڻ کانپوء کيس اها واٽ اختيار ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي بهتري نظر اچي ٿي. هو ترڪي جي رستي عراق جي شهر موصل ڏانهن روانو ٿئي ٿو جتي کيس سخت پڇا ڳاڇا ۽ جاچ جوچ کانپوء امه تحريڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
مونٽي يا مصطفا اڪبر احمد نالي ڀارت مان لڏي آيل هڪ ٽائڪون جو پٽ آهي جنهن ڪراچي ۾ مختلف طريقن سان پارسين ۽ ٻين جي گھرن کي ڦٻائي دولت ڪٺي آهي. انيتا روز جوزف هڪ عيسائي خاندان سان واسطو رکي ٿي جيڪا مڇر ڪالوني ۾ پنهنجي ڀاء عزرا ۽ ماء زينوبي، جيڪا ٻين ماڻهن جي گھرن جا ڪم ڪري پنهنجو گذرڪري ٿي، سان گڏ رهي ٿي. ان پاڙي ۾ ئي ڪامريڊ اساما نالي هڪ مارڪسٽ رهي ٿو جنهن وت انيتا اڪثر وڃي ٿي. هو کيس ڪتاب ڏئي ٿو ۽ کيس چڱيون ڳالهيون ٻڌائي ٿو. هو پاڻ شراب پيئي ٿو پر انيتا کي ان کان سختي سان روڪي ۽ منع ڪري ٿو.
عزرا کي پڙهائي وغيره سان ڪا دلچسپي نه ٿي هجي. هو رات پيٽ ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي حيثيت کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو. ان مقصد لاء هو غير قانوني ڪمن ۾ شامل ٿئي ٿو. هو عزرا مان پنهنجو نالو مٽائي فيروز رکي ٿو ۽ انيتا ليلا ٿي ٿي وڃي هو پنهنجي ڀيڻ کي چئي ٿو ته هن ملڪ ۾ هن ريت ئي محفوظ رهي سگھجي ٿو. هو پنهنجي نئين سڃاڻپ جي حوالي سان پنهنجي سڄي خاندان جا ڪاغذ ٺهرائي ٿو پر سندس ماء مذهبي حوالي سان ان جي مزاحمت ڪري ٿي. فيروز مختلف ذريعن کان پئسا هٿ ڪري پنهنجي خاندان کي مڇر ڪالوني مان گلشن اقبال جي فليٽ ۾ منتقل ڪري ٿي ۽ انيتا کي آمريڪن گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو جتي سندس ملاقات مونٽي سان ٿئي ٿي.
فيروز پنهنجن مقصدن جي لاء ليلا جو استعمال ڪري ٿو ۽ ان مقصد لاء هو ان کي دبئي وٺي وڃي ٿو جتي ڪجھ فردن سان جنسي عمل ڪندي سندس وڊيو ٺاهي وڃي ٿي. اها وڊيو عام ٿئي ٿي ۽ ان جي بنياد تي کيس اسڪول مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي.
ليکڪا اهو ته ٻڌائي ٿي ته فيروز انهن وڊيو ليڪ ڪرڻ وارن کان معاوضي جي گھر ڪري ٿو پر اها ڳاله ٿوري منجھائيندڙ آهي ته ان کانپوء ليلا کي موصل عراق موڪليو وڃي ٿو جتي هو امه تحريڪ ۾ شامل ٿي هڪ ڏندڪٿائي حيثيت حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ سندس تقريرن جا وڊيو ۽ ٽيپ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا جن ۾ هو ماڻهن کي جهاد جي ترغيب ڏئي ٿي. مونٽي ليلا جي عشق ۾ ڄڻ ته چريو هجي ٿو. هو مختلف جاين تي سندس ڳولها ڪري ٿو پر هو ڪامياب نه ٿو ٿئي. سندس دوست کيس اها ويڊيو به ڏيکارين ٿا جنهن جي بنياد تي کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو هو. نيٺ هو اهي وڊيوز ڏسي ٿو جن ۾ هن عراق ۾ جهاد جي ترغيب پئي ڏئي. هو ان مقصد لاء موصل وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته جيئن اتي ليلا سان ملي کيس واپس وٺي اچي سگھي. اهڙي ريت اهي ٽيئي ڪردار امه تحريڪ وٽ عراق ۾ گڏجن ٿا.
اتي ويڙهاڪن کي تربيت دوران ليلا جي تقريرن وغيره جون وڊيوز ڏيکاريون وڃن ٿيون. ان جي شخصيت جو هڪ سحر هجي ٿو ۽ هرڪو ان ۾ ورتل هجي ٿو. ان وقت امه تحريڪ پاران نينوا تي حملي جي تياري ڪئي پيئي ويئي ۽ ڪمانڊر کي اهڙا ٻه رضاڪار گھربل هئا جپيڪي موصل کان نينوا تائين جي رڻ پٽ جي ريڪي ڪن ۽ اهو ٻڌائين ته واٽ تي ڪهڙيون رڪاوٽون ۽ خطرا ٿي سگھن ٿا. ان مقصد لاء هڪ ته سني پاڻ کي پيش ڪري ٿو. سندس مقصد تحريڪ ۾ پنهنجي اهميت کي ثابت ڪرڻ هجي ٿو جڏهين ته ٻيو رضاڪار مونٽي هجي ٿو جنهن جو مقصد رڳو اتي ليلا سان ملڻ هجي ٿو.
موصل کان نينوا، هڪ ڊگھو ريگستان جيڪو انهن ٻنهي کي پنڌ ئي اڪرڻو هو. دشمن تي نظر رکڻ سان گڏ پنهنجي حفاظت به ڪرڻي هئي. سني مونٽي کي هڪ بگڙيل امير زادو سمجھي ٿو ۽ کيس ڪنهن به ريت پسند نه ٿو ڪري. هو پنهنجي پي ۽ سوٽ کي اهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هو ڇا ڪري رهيو هو. پرسندس پي جي دلچسپي ان ڳاله ۾ هجي ٿي ته هو انگلينڊ ۾ ڪا چڱي نوڪري حاصل ڪري جڏهين ته سندس ڪزن توبه تائب ٿي نوجوانن کي سڌارڻ جو ڪم پئي ڪيو. مونٽي ڏينهن رات رڳو ليلا جا خواب پئي ڏٺا. اهڙي ريت ڪنهن وڏي واقعي کي منهن ڏيڻ کانسواء اهي پنهنجي منزل تي پهچن ٿا جتي نينوا جي گھيراء ڪرڻ جي تياري پئي ٿي. اتي مونٽي ليلا کي به ڏسي ٿو جنهن سان سڀ ڏاڍي عزت احترام سان پيش اچن ٿا. هو هڪ ڀيري موقعو ڏسي سندس ويجھو به وڃي ٿو پر هو کيس سڃاڻڻ جي باوجود کيس پاڻ کان پري رهڻ جو چئي ٿي.
نينوا جي فتح کانپوء شهر جي ميئر، ان جي پٽن ۽ ٻين گھڻن شهرين کي جن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو۽ مزاحمت ڪئي هئي، انهن کي ٻڌي قيدين طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪمانڊر ويڙهاڪن کان پڇي ٿو ته انهن کي قتل ڪرڻ جي شروعات ميئر کان ڪرڻي آهي ۽ ان ڪم لاء ڪير اڳتي ايندو. سني اڳتي وڌي ٿو ۽ هو ميئر جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي ريت تحريڪ ۾ سندس اهميت ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو. ان دوران ليلا جي دبئي ۾ جنسي فعل ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿئي ٿي. ڪمانڊر ان تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته ان سان اسان جو سڄو ڪم تباه ٿي ويو آهي. ليلا کي گرفتار ڪري هڪ ڪمري ۾ واڙي کيس ايذاء ڏنا وڃن ٿا. سني ۽ مونٽي کي کيس قتل ڪرڻ جو ڪم ڏنو وڃي ٿو. ان موقعي تي مونٽي سني کي چئي ٿو ته هو پاڻ اهو ڪم ڪندو. سني چاقو سندس حوالي ڪري ٿو ۽ مونٽي بجائي ليلا کي قتل ڪرڻ جي سني جو ڪم پورو ڪري ڇڏي ٿو.
هن ناول جي خاص ڳالهہ اها آهي ته جيڪي ڪردار موصل ويڙه لاء وڃن ٿا انهن ۾ ڪا مقصد جي هڪ جهڙائي ۽ مذهب وغيره سان لڳاء ناهي. سني جو مقصد پنهنجي بي معنا زندگي کي ڪا معنويت ۽ مقصد ڏيڻ آهي جڏهين ته مونٽي رڳو ليلا جي ڳولها ۾ اتي پهچي ٿو جيڪا پنهنجو روپ بدلائي اتي پهچي ٿي. ناول جو انٽ هڪ ڊرامائي انداز ۾ غير متوقع طور ٿئي ٿو.