بنگال ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني
هندوستان جي ارڙنهين صدي جي افراتفري واري صورتحال ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ بغاوتون شروع ٿي ويون هيون. سک، جاٽ، مرهٽا ۽ ٻيا مختلف هٿيار بند گروه سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويا هئا ۽ مغل بادشاه وزيرن ۽ اميرن جا محتاج ٿي ويا هئا. ان وقت پنهنجي سڄي رونق ۽ شان و شوڪت جي ڪري استنبول ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ دهلي جهڙو ڪو شهر نه هو. اهو هاڻي هڪ اهڙي پڪل انب جيان لٽڪي رهيو هو جنهن کي ڪوبه پنهنجي طاقت ۽ هٿيارن جي زور تي حاصل ڪري سگھيو ٿي. مرڪز کي ڪمزور ڏسندي مختلف پرڳڻن ۽ علائقن جي صوبيدارن وغيره پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪندي مرڪز کي محصولن وغيره جو حصو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ڪري ان جي مالي حيثيت اڃا ڪمزور ٿي ويئي هئي. نادرشاه جي حملي ۽ ڦرمار صورتحال کي اڃا خراب ڪري ڇڏيو هو. نادر شاه جو مقصد دهلي ۾ رهڻ نه پر رڳو ڦرمار ڪري مال دولت کڻي پنهنجي وطن موٽڻو هو جتي کيس اصل ۾ ترڪن ۽ ٻين دشمنن کي منهن ڏيڻو هو.
انهن حالتن ۾ يورپي ڪمپنين کي خاص طور پنهنجن جديد هٿيارن ۽ جنگ جي نون طريقن ۽ تنظيم جي ڪري هڪ اهم حيثيت حاصل هئي. مختلف نوابن ۽ رياستن ۾ جيڪي جنگون ٿينديون هيون ان ۾ اهي ڪمپنيون واپاري ۽ ٻين مالي فائدن وغيره جي عيوض ڀاڙيتو فوجي ڏيئي هڪ نه ٻي ڌر جي مدد ڪنديون هيون.
انهن ڪمپنين پنهنجن واپاري مرڪزن سان گڏ مختلف شهر قائم ڪري ڄڻ هڪ لحاظ کان پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهن شهرن ۾ فرينچ ڪمپني پاران چندرنگر ۽ پانڊيچري کي آباد ڪيو ويو جڏهين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪته کي آباد ڪيو.
انهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاء ڪلڪتي جي هڪ اهم حيثيت هئي ۽ اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان ڪمپني جي حڪومت جو گادي جو هنڌ هو جتان هندوستان جي ٻين علائقن کي به ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. ان جا گھڻا ڪارڻ هئا. هڪ ته اهو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ اتي بندرگاه جي سهولت موجود هئي جتي ڪمپني جا جهاز آساني سان پنهنجيون واپاري سرگرميون جاري رکي سگھيا ٿي. ٻي ڳاله ته بنگال پنهنجن معاشي ۽ انساني وسيلن جي ڪري يورپي ڪمپنين لاء ڄڻ سون جي کاڻ هو. ان ڪري ان پنهنجي سڄي توجھ بنگال تي ئي ڏني.
ڪلڪتي ۾ قلعن جي تعمير سان گڏ شهر جي حفاظت لاء ان جي چوڌاري هڪ وڏي کڏ کوٽائي ويئي. جڏهين هندوستان جي مختلف علائقن ۾ مرهٽن پاران ماڻهن جو قتل عام، ڦرمار ۽ ڳوٺن ۽ شهرن کي باهين ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ماڻهن کي ڪا اهڙي جاء نه ٿي ملي جتي اهي سلامتي سان رهي سگھن. ڪلڪتو هڪ اهڙو شهر هو جيڪو هڪ محفوظ شهر سمجھيو ٿي ويو. اهڙي ريت اتي مختلف علائقن، ٻولين ۽ ثقافتن جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. شهر جي آبادي گھڻي وڌي ويئي. ساڳي وقت شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصي کي ڪارو شهر چيو ويندو هو جتي اهي ماڻهو رهندا هئا جيڪي هندوستان جي مختلف علائقن مان اچي اتي آباد ٿيا هئا ۽ ٻئي حصي کي اڇو شهر سڏيو ويندو هو جتي يورپي ماڻهن جا گھر ۽ بنگلا هوندا هئا. شهر جي ان تعميرات جي حوالي سان مرشد آباد ۾ بنگال جي نوابن سان ڪمپني جو تنازعو هلندو ٿي آيو. پهرين علي وردي خان پاران انهن کي ان سلسلي ۾ تنبيه ڪئي ويئي پر ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو. علي وردي خان جي وفات کانپوء سندس ڏوهٽي سراج الدولا اقتدار سنڀاليو. سراج الدولا متعلق چيو وڃي ٿو ته سندس ماتحتن ۽ مائٽن وغيره سان نهايت ظالماڻو ۽ خراب ورتاء هوندو هو. جڏهين سندس ڏنل تنبيهن کي به ڪمپني پاران خاطر ۾ نه آندو ويو ته هن ڪمپني جي توقع جي برخلاف هڪ وڏي لشڪر سان ڪلڪتي تي ڪاه ڪري سڄي شهر کي تهس نهس ڪري ڪمپني کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن شهر جو نالو بدلائي علي نگر رکيو. پر ڪمپني سان هڪ ٻئي ٽڪراء ۾ کيس هزيمت کي منهن ڏيڻو پيو.
هندوستان جي مختلف رياستن ۾ هندو سيٺن جو اهم ڪردار هوندو هو. اهي نه رڳو واپار وغيره ۾ اڳتي هوندا هئا پر حڪمرانن کي جنگن ۽ ٻين مختلف ڪمن لاء قرض به ڏيندا هئا. اهڙي ريت بنگال ۾ جگت سيٺ مشهور هو. اهو دراصل هڪ لقب هوندو هو جيڪو نسل در نسل پيو هلندو هو جڏهين ته انهن جا ذاتي نالا ٻيا هوندا هئا. اهي هڪ لحاظ کان ايسٽ انڊيا ڪمپني لاء به ڄڻ ته مالي وسيلن جي فراهمي جو هڪ وسيلو بڻجي ويا هئا. ساڳي وقت اهي بنگال جي حاڪمن کي سندن جنگي مهمن ۽ ٻين مقصدن لاء به قرض ڏيندا هئا. اهڙي ريت کين حاڪمن کان سٺي ورتاء جي اميد هوندي هئي. پر سراج الدولا پاران انهن سان سٺو ورتاء نه ڪيو ويو بلڪ مختلف موقعن تي انهن جي بيعزتي به ڪئي ويئي. سراج الدولا جي طبيعت ۽ پنهنجين درٻارين سان ورتاء جي ڪري دربار ۾ سندس مخالفت موجود هئي ۽ هاڻي ان ۾ جگت سيٺ به شامل ٿي ويو هو. انهن سڀني گڏجي ان ڳاله تي سوچڻ شروع ڪيو ته سراج کي ڪيئن اقتدارکان هٽائجي. ان سلسلي ۾ سندن آڏو مختلف امڪان هئا پر آخر ۾ انهن اهو فيصلو ڪيو ته ڪمپني سان رابطو ڪجي ۽ انهن جي مدد حاصل ڪجي. ڪمپني جي لاء ته سراج هونئن ئي مٿي جو سور هو. ان ڪري هڪ وڏي رقم عيوض انهن مير جعفر ۽ جگت سيٺ جي مدد ڪرڻ قبول ڪيو.
پلاسي جي جنگ ۾ ڪمپني جي فوجن جي اڳواڻي ڪندڙ رابرٽ ڪلائيو هڪ اهڙو مهم جو هو جنهن جو مقصد رڳو مال ميڙڻ ۽ واپس انگلينڊ پهچي پنهنجي لاء هڪ سياسي حيثيت حاصل ڪرڻ هو. سراج الدولا جي شڪست کانپوء مير جعفر کي بنگال جي تخت تي ويهاريو ويو. پر ان سان بنگال ۽ اتان جي ماڻهن جي مقامي حڪمرانن، ڪمپني ۽ انگريز واپارين هٿان وڏي پئماني تي ڦرمار شروع ٿي ويئي. ڪمپني سان جنهن رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو ان جي پورائي ۽ پنهنجي شاه خرچين لاء ماڻهن تي ڳرا محصول مڙهيا ويا. گورن، پوء، ڀلي اهي ڪمپني سان لاڳاپيل هجن يا نه، کي اها آزادي هئي ته اهي عام ماڻهن، زميندارن ۽ مقامي واپارين سان ڪهڙو به ورتاء ڪن. انگريز واپاري زوري زميندارن ۽ هنرمندن کان گھٽ قيمتن تي شيون وٺندا هئا ۽ انهن کي وڏو منافعو رکي ڳري قيمت تي انگلينڊ موڪليندا هئا. ان ظلم ۽ ڏاڍ کان بچڻ لاء گھڻن ڪاريگرن ماڳيئي پنهنجيون آڱريون ئي وڍي ڇڏيون. محصول وغيره جي اڳاڙي جا اختيار ڪمپني کي ڏنا ويا هئا جنهن جي وصولي لاء اهي هرقسم جو طريقو اختيار ڪندا هئا ۽ ان ڳاله کي نه ڏٺو ويندو هو ته آيا پيداوار ڪيتري ٿي هئي. ان سڀ جي باوجود به ڪمپني مير جعفر جي انتظام مان مطمئن نه هئي ۽ ڪجھ عرصي کانپوء ان کي هٽائي سندس ناٺي مير قاسم کي بنگال جو صوبيدار بڻايو ويو.
ٻن سالن جي سوڪهڙي جي ڪري بنگال ۾ 1770 عيسوي ۾ جيڪو ڏڪر آيو اهو هڪ مثال بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ به ڏڪر ايندا هئا پر ان وقت جي مغل حاڪمن وٽ انهن کي منهن ڏيڻ جو بندوبست هوندو هو. اناج جي سرڪاري ذخيرن کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو هو. مختلف جاين تي ماڻهن کي مفت خوراڪ ڏيڻ جا بندوبست ڪيا ويندا هئا ۽ هارين تان محصول وغيره معاف ڪيا ويندا هئا. ڪمپني پاران اهڙو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو هو. هٿئئين انهن جي ڪوشش اها هئي ته زميندارن کان ڪنهن به ريت زوري زبردستي محصول اڳاڙيا وڃن ۽ پنهنجي آمدني ۽ نفعي کي وڌايو وڃي. ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي سڄو ملڪ تباه ٿي ويو هو. بک کان بيحال ماڻهو سڙڪن ۽ گھٽين ۾ ڪنهن آسري کانسواء ماني گره لاء پيا واجھائيندا هئا. گھڻين لاشن کي ٻاريو ويندو هو يا اهي پکين ۽ جانورن جو کاڄ ٿيندا هئا. سوين لاش دريا ۾ پيا لڙهندا هئا. ان جي برعڪس ڪمپني جي اهلڪارن ۽ فوجين لاء وافر مقدار ۾ کاڌ خوراڪ موجود هئي. اهو بنگال جي تاريخ جو بدترين ڏڪار هو. پر ٻئي پاسي ڪمپني جي لندن کي موڪليل بيلنس شيٽ ۾ آمدني ۽ نفعي ۾ واڌارو ٿيو هو.
ان صورتحال انگلينڊ سميت سڄي دنيا ۾ هڪ تشويش پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان سلسلي ۾ ڪمپني پاران مقرر ڪيل بنگال جي گورنر رابرٽ ڪلائيو جو اهم ڪردار هو. هي اهڙو مهم جو هو جيڪوٽي ڀيرا انگلينڊ کان بنگال آيو ته مال ميڙي انگلينڊ ۾ پنهنجي لاء پارليامينٽ ۾ ڪا حيثيت حاصل ڪري سگھي. هي پلاسي جي جنگ ۾ سراج الدولا کي شڪست ڏيڻ واري فوج جو اڳواڻ هو. هو هر ڀيري بنگال مان مال ته چڱو خاصو ميڙي انگلينڊ کڻي ويو پر کيس پنهنجي مقصد ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. ڪلائيو کي نيٺ هائوس آف لارڊس پاران محاسبي کي منهن ڏيڻو پيو. انگلينڊ جي ميڊيا ۾ کيس هڪ بدمعاش ۽ ڦورو ڪري پيش ڪيو ويو ۽ سندس پلاسي جي جنگ ۾ فتح کي هڪ پاسي رکيو ويو. جيتوڻيڪ محاسبي مان کيس آجو ڪيو ويو پر ساڻس ان دوران جيڪي ڪجھ ٿيو هو ان ذهني طور کيس تباه ڪري ڇڏيو هو. هو لاڳيتو هڪ ڊيپريشن واري ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ پنجاه سالن جي عمر ۾ بنگال مان ڦريل بي پناه دولت ۽ عيش وعشرت جي زندگي جي باوجود هن آپگھات ڪري پنهنجو انت آندو. ڪمپني جي بنگال ۾ ڪيل ڏوهن جي ڪري هڪ ٻئي گورنر وارن هسٽنگ، جنهن کي هڪ پڙهيل لکيل ۽ ديسي ماڻهن جو هڏ ڏوکي ڪري ليکيو ويندو هو، کي پڻ محاسبي کي منهن ڏيڻو پيو. پر هو به ان مان باعزت طور آجو ٿي ويو.
جيتوڻيڪ بنگال ان سڄي معاشي، سماجي ۽ انساني بحران مان نڪري آيو ۽ ڪمپني لاء وري سونا آنا ڏيڻ واري ڪڪڙ وانگر ٿي ويو پر ڪمپني هٿان جيڪي ان تڪليفون سٺيون اهي تاريخ جو حصو آهن.