آدرش، تشدد ۽ نتيجا
ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو ۾ 1936 ۾ جنم وٺندڙ نوبل انعام يافتا ليکڪ ماريو ورگاس لوئس هڪ اهم ليکڪ آهي. هو ساڳي وقت هڪ ناول نگار، سياستدان، صحافي ۽ مضمون نگار طور ڄاتو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ادب جا پڙهندڙ کيس سندس ناول The Feast of the Goat جي پاڪستاني ليکڪ محمد حنيف جي ناولA Case of Exploding Mangoes سان مماثلت جي حوالي سان به سڃاڻن ٿا. ٻنهي ناولن جي مک ڪردار ۾ ڪجھ شخصي مماثلت کانسواء محمد حنيف جي ناول جي نسبت The Feast of the Goat جو هڪ وسيع سياسي ۽ سماجي پسمنظر آهي ۽ ساڳي وقت مک ڪردار جي شخصيت جي مختلف پاسن کي نهايت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ساڳي وقت پاڪستان ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ جي سياسي صورتحال پڻ مختلف آهي.
ٽيهہ ايڪٽيهہ سالن کان ڪيريبيئن جي ملڪ ڊومينيڪن ريپبلڪ تي حڪومت ڪندڙ جرنل رافيل ٽراجيلو مڪمل طور هڪ ڊڪٽيٽر آهي جنهن جو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي مڪمل اختيار آهي. پنهنجن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ايستائين ته ملڪ جي صدر کي به هو پنهنجن نوڪرن کان به گھٽ حيثيت ڏئي ٿو.ِ انهن جي هر شي ايستائين ته سندن سهڻين زالن ۽ ڌيئرن کي به هو پنهنجي ملڪيت سمجھي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪري ٿو.حڪومت ۽ فوج جي وڏن عهدن تي سندس پٽ، ڀائر ۽ خاندان جا ٻيا فرد قابض هجن ٿا. زرعي زمينون ۽ ڪارخانا وغيره، جيڪي ملڪي معيشت جي اٽڪل اڌ جي برابر هجن ٿا، سندس ذاتي يا سندن خاندان جي ملڪيت هجن ٿا. سندس اها دعوا هجي ٿي ته هن ملڪ جي نئين سر تعمير ڪئي آهي ۽ ان کي آمريڪا ۽ هائٽي جي قبضي مان ڇڏايو آهي. ملڪ ۾ مڪمل طور هڪ دهشت جو راڄ هجي ٿو، ڪنهن به مخالفت کي سختي سان ڪچليو وڃي ٿو. ايذاء ڏيڻ ۽ تشدد ڪرڻ کان کانسواء مخالفن کي سمنڊ ۾ پڻ اڇلايو وڃي ٿو ته جيئن اهي شارڪ جو کاڄ ٿي سگھن.
هائٽي ڪنهن دور ۾ سکيو ستابو ملڪ رهيو هو. ڊومينيڪن ريپبلڪ هائيٽي جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ڪجھ عرصي تائين اهو هائيٽي جي قبضي ۾ پڻ رهيو آهي. هڪ آزاد پاليسي اختيار ڪرڻ،ِ آمريڪي ڪمپنين کي رعايتن نه ڏيڻ ۽ پئسو ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي ڪري آمريڪا فوجون موڪلي گھڻي عرصي تائين ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو ۽ ان کي مجبور ڪري ملڪ جي آئين ۾ گھربل تبديليون ڪيون. هن وقت هائٽي دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
رافيل ٽراجيلو ۽ سندس ساٿين کي اها شڪايت هئي ته سندن ملڪ ۾ هر پاسي ٻنين ۽ ڪارخانن وغيره ۾ هائٽي جا ڪارا ماڻهو ئي نظر اچن ٿا. ان ڳاله کي نظر ۾ رکندي هائٽي جي غيرقانوني طور رهيل ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان بيدخل ڪرڻ جي بهاني هن وڏي پئماني تي سندن قتل عام شروع ڪيو جنهن کي هو پنهنجن وڏن ڪارنامن ۾ ڳڻائي ٿو. اهو ان جي باوجود هو ته هڪ وڏي عرصي جي ويجھڙائي ۽ هڪ ٻئي سان شادين ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گھڻو ويجھو آڻي ڇڏيو هو جنهن جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٽراجيلو جي ماء جو واسطو پاڻ هائٽي سان هو.
ڏکڻ آمريڪا ۽ خاص طور تي ڪيريبين جي حوالي سان پنجاه ۽ سٺ جو ڏهاڪو وڏي سياسي اٿل پٿل جو وقت آهي جڏهين ڪيوبا ۾ فيڊل ڪاسترو جي انقلاب بتستا کي ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻئي پاسي آمريڪا جو بي آف پگس وارو حملو پڻ ناڪام ٿي ويو هو. علائقي ۾ هلندڙ مختلف انقلابي تحريڪن کي ڪيوبا جي مدد حاصل هئي. ساڳي ريت ملڪ ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جي باوجود ٽراجيلو خلاف پڻ ماڻهن جي جدوجهد هلندڙ هئي. ان تحريڪ جي مدد لاء ڪيوبا پاران جهازن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪليا ويا هئا پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيا.
ناول جو هڪ اهم ڪردار يورينيٽا آهي جيڪا اٽڪل اوڻٽيهہ سال ملڪ کان ٻاهر رهڻ کانپوء ڪجھ وقت لاء واپس اچي ٿي. سندس پي آگسٽو ڪيبرال رافيل ٽراجيلو جو وزير ۽ اهم ماڻهو هجي ٿو. پر جڏهين هو واپس موٽي ٿي ته هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلڻ چلڻ کان لاچار بلڪل معذور حالت ۾ هجي ٿو. هو جيتوڻيڪ سندس خرچ لاء پئسا موڪليندي رهي ٿي پر هو کانئس شديد نفرت ڪري ٿي ۽ کيس پنهنجي ليکي گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿي جنهن جو هو جواب ڏيڻ جي قابل نه ٿو هجي. سندس پڦي ۽ ان جون ڌيئرون کانئس پڇن ٿيون ته هو نيٺ پنهنجي پي سان ايڏي نفرت ڇو ٿي ڪري جڏهين ته هو ساڻس بي انتها محبت ڪري ٿو. هو کين اهڙو واقعو ٻڌائي ٿي جنهن جي کين خبر نه ٿي هجي. هو کين ٻڌائي ٿي ته جڏهين ٽراجيلو سندس پي کان ناراض ٿيو هو ۽ کيس سڀني عهدن کان ڌار ڪري سندس بينڪ اڪائونٽ وغيره منجمد ڪري ڇڏيا هئائين ته هو گھڻي پريشاني جي حالت ۾ هو. سندس ڪو واقفڪار ۽ دوست سندس مدد ڪرڻ ته درڪنار سندس ويجھو اچڻ لاء به تيار نه هو. ان موقعي تي هن هڪ اهڙي شخص سان رابطو ڪيو جيڪو آمريڪا ۾ فيشن ڊزائينر ۽ هتي ٽراجيلو جي ڪپڙن وغيره ڊزائين ڪرڻ کانسواء کيس ڇوڪريون به فراهم ڪندو هو جنهن جي ڪري سندس ڳالهہ کي گھڻو وزن ڏنو ويندو هو. هن هڪ ٻن ملاقاتن کانپوء گھر ۾ جڏهين سندس چوڏهن سالن جي عمر جي ڌي کي ڏٺو ته کيس ڪنهن رک رکاء کانسواء اها صلاح ڏنائين ته چيف کي خوش ڪرڻ لاء تون کيس پنهنجي ڌي پيش ڪر جنهن سان تنهنجا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. هو پهرين ته ان ڳالهہ تي پريشان ٿئي ٿو پر پوء ان لاء تيار ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي ڌي سان بهانو ڪري ٿو ته چيف پنهنجي فارم هائوس تي تو اڪيلي کي پارٽي لاء گھرايو آهي. هڪ چوڏنهن سالن جي ڇوڪري ان ڳاله تي حيران ته ٿئي ٿي ته چيف کيس ئي ڇو گھرايو آهي. بهرحال هو مقرر وقت تي ان شخص سان وڃي ٿو جيڪو واٽ تي کيس تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. بهرحال هو نه ته اتي ڪا مزاحمت ڪري ٿي ۽ نه ئي ڪا خواهش ڏيکاري ٿي پر چيف ۾ پاڻ ۾ ايتري قوت نه ٿي هجي جيڪو اهو ڪم ڪري سگھي ۽ نيٺ ڇتو ٿي کيس واپس موڪلي ٿو. هو بجائي پنهنجي گھر وڃڻ جي پنهنجي اسڪول جي راهبائن وٽ وڃي ٿي ۽ کين سڄي وارتا ٻڌائي ٿي. اهي تڪڙ ۾ کيس ويزا وغيره ٺهرائي آمريڪا موڪلي ڇڏين ٿا جتي هو پڙهي ٿي، ورلڊ بينڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ پنهنجي پي ۽ خاندان سان ڪو لاڳاپو نه ٿي رکي ۽ نه ئي انهن جي ڪنهن خط ۽ فون جو جواب ڏئي ٿي.
اهو وقت ٽراجيلو لاء سياسي ۽ معاشي طور هڪ بحران جو وقت هجي ٿو. ان ڳالهہ جي باوجود ته هن ڪيوبا خلاف بي آف پگس آپريشن ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو هو ۽ پاڻ کي علائقي ۾ ڪميونزم خلاف هڪ ديوار ڪري پيش ڪندو هو پر پنهنجين مقامي پاليسين جي ڪري آمريڪا ۽ آمريڪي رياستن جي تنظيم جي ٻين ملڪن سان سندس ناتا صحيح نه هئا ۽ انهن مٿس پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون جنهن جي ڪري ملڪ هڪ معاشي بحران ۾ وٺجي ويو هو.ِ گھڻا ڪارخانا وغيره بند ٿي ويا هئا ۽ بيروزگاري وڌي ويئي هئي. ساڳي وقت چرچ به سندس پاليسين جي مخالفت ڪري رهيو هو. لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ چرچ جي مخالفت جي وڏي اهميت ۽ ڪنهن به حڪومت جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ ان جو وڏو ڪردار آهي.
آمريڪا جي ان ڳالهہ ۾ دلچسپي هئي ته ڪنهن به ريت ٽراجيلو مان جان آجي ڪرائجي. ان مقصد لاء هڪ وسيع سازش تيار ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف قسم جا ماڻهو شامل هجن ٿا. ان ۾ فوج جا اعلا عملدار، ٽراجيلو جي خاندان سان لاڳاپيل ماڻهو، صدر، فوج جا ڪجھ ننڍا آفيسر ۽ ڪجھ سياسي مخالف شامل هجن ٿا. انهن کي هٿيار سي آئي اي پاران فراهم ڪيا وڃن ٿا. هو ٽراجيلو کي مارڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وڃن ٿا پر پوء اهي پاڻ هڪ مونجھاري جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگھن ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي جنهن جو فائدو وٺندي ٽراجيلو جا پٽ، ڀائر ۽ فوج ۾ سندس حمايتي صورتحال کي سنڀالي وٺن ٿا ۽ چيف جي قاتلن جي ڳولها شروع ٿي وڃي ٿي. گھڻن کي چيچلائي ايذا ڏيئي ماريو وڃي ٿو. صدر پنهنجي دانش ۽ سمجھ سان ٽراجيلو جي زال ۽ پٽ کي سمجھائي ٿو ته ملڪ تان پابندين کي ختم ڪرڻ لاء اهو ضروري آهي ته جمهوري ۽ شهري آزاديون ڏنيون وڃن. هو فوجي بغاوت وسيلي اقتدار تي قبضو ڪندڙن کي پڻ اهو باور ڪرائي ٿو ته ان صورت ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو وري ملڪ تي قبضو ڪري سگھي ٿو جيڪا ڳاله ڪنهن جي لاء به مناسب نه ٿيندي. اهڙي ريت هڪ ڊگھي عرصي جي وڳوڙ ۽ عدم استحڪام کانپوء ملڪ ۾ امن ۽ سڪون قائم ٿئي ٿو ۽ ماڻهو سک جو ساه کڻن ٿا.