مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

اسين لوچيون لوه ۾: جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا

اسين لوچيون لوه ۾: جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا

سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن جي سنڌي اديبن لاء ادب ۽ سياست ٻه ڌار شيون نه هيون. منجھائن ڪي ته باقاعدي سياسي جماعتن جا رڪن ۽ عملي سياست جو حصو هئا جڏهين ته ڪي ان عمل جو حصو نه هونڌي به ادبي طور تي ۽ لکڻين جي حوالي سان ان سان لاڳاپيل هئا. ان وقت سنڌ جي سياست ۾ اڃا ان سوال جنم نه ورتو هو ته وفاقي سطح جي سياست ڪجي يا پاڻ کي رڳو سنڌ جي سطح تائين محدود رکجي. جي ايم سيد پاڻ اوڻويهہ سو ستر ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته اوڀر بنگال اڃا پاڪستان جو حصو هو ۽ اڪثريتي صوبو هئڻ جي باوجود مرڪزجي ڏاڍاين ۽ امتياز جو شڪار هو ۽ ان خلاف جدوجهد ۾ ننڍن صوبن سان گڏ هو ۽ اهڙي ريت ڄڻ سندن لاء هڪ ڀرجھلو پڻ هو. جي ايم سيد سميت سنڌ جا اٽڪل سڀ سياستدان ۽ اديب هڪ يا ٻي ملڪي سطح جي سياسي جماعت خاص طور تي عوامي ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي وغيره سان لاڳاپيل هئا. انهن جماعتن انهن مسئلن جهڙوڪ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ، صوبائي خود مختياري، هارين ۽ مزدورن جي مسئلن ۽ ٻولين کي سندن جائز مقام ڏيارڻ وغيره کي اهميت ڏني ٿي. ائين چئي سگھجي ٿو ته اهي مسئلا اهڙو ڪچو مال هو جنهن جي بنياد تي مستقبل جي سنڌ جي سياست جي تشڪيل ٿيڻي هئي.
ان وقت جي سنڌي اديب ۽ ادب ۾ اسان کي گھڻا لاڙا گڏوگڏ ملن ٿا. هڪ پاسي انسان دوستي، سماجي انصاف ۽ عالمي ڀائيچاري لاء جدوجهد جو ڏس ملي ٿو ته وري ساڳي وقت نسل پرستي ۽ ٻين ماڻهن سان نفرت جي حد تائين قوم پرستي جا جذبا پڻ حاوي ملن ٿا. انهن جي وقت بوقت هڪٻئي تي فوقيت جو تعين حالتن ۾ تبديلي سان ٿيندو رهيو جنهن جو اظهار ادب ۽ ٻين لکڻين ۾ پڻ ٿيندو رهيو. پر پاڪستان ۽ سنڌ جي مخصوص حالتن جي ڪري قوم پرستي هڪ حاوي محرڪ جو ڪردار ادا ڪيو. ايستائين ته گھڻن اديبن مهاجرن لاء مڪڙ ۽ اهڙين ٻين تحقير آميز اصطلاحن کي ڄڻ مروج ڪري ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ منجھن اهو مونجھارو به موجود هو جيڪوفيض سميت پاڪستان جي اڪثر ترقي پسند اديبن ۾ به موجود هو ته هڪ اديب جي ڪمٽمنٽ ڇا هئڻ گھرجي ۽ ادبي حوالي سان هڪ فوجي آمر ڏانهن ڪهڙو رويو اختيار ڪجي. اٽڪل سڀيئي سنڌي اديب جيڪي قومي جدوجهد جو حصو هئا اهي ساڳي وقت ايوب خان جي آشيرواد سان ٺاهيل رائترزگلڊ جا رڪن ۽ عهديدار پڻ هئا ۽ ان جي ڏنل انعامن کي اعزاز ڪري سمجھندا هئا ۽ اڃا تائين به ائين ئي سمجھن ٿا. اهو سڀڪجھ ايوب ۽ سندس ساٿين جي انهن پاليسين جي باوجود هو جن ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪڻ ۽ نقصان پهچائڻ لاء مختلف قدم کنيا ويا هئا.
اسين لوچيون لوه ۾ رشيد ڀٽي جي ستر جي ڏهاڪي جي شروعات، جڏهين اوڀر بنگال ۾ ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي هئي، ۾ جيل ۾ گذاريل اٺن نون مهينن جي ڊائري آهي. ان دور جي اديبن ۾ رشيد ڀٽي هڪ اهم نالو آهي. جيتوڻيڪ سندس سڃاڻپ هڪ ليکڪ واري آهي پر هو ساڳي وقت سياست، ادب ۽ ٽريڊ يونين جي عملي ميدان ۾ پڻ سرگرم رهيو.هو نيشنل عوامي پارٽي ۾ هڪ ڊگھي عرصي تائين سرگرم رهڻ کانپوء عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو عهديداررهيو. ان سان گڏوگڏ هو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري رهڻ کانپوء هڪ ڊگھي عرصي تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. رشيد ڀٽي بنيادي طور هڪ قوم پرست ۽ سنڌ دوست شخص هو. ايستائين ته جيل ۾ اياز کيس هڪ موقعي تي چئي ٿو ته گھڻا سندس انهن جذبن جي ڪري کيس پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪري ويندا آهن. ااهڙي ريت سندس انهن آدرشن عملي سياست جي لاهن چاڙهن ۽ سياستدانن جي مصلحتن سان ميل نه ٿي کاڌو. سندس نعپ ڇڏي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪارڻ به نعپ جي اڳواڻن ۽ سندن مهاجر صلاحڪارن جو سنڌ جي قومي مسئلي ڏانهن نامناسب رويو ۽ پارٽي جي سنڌي ڪارڪنن متعلق کين بدگمان ڪرڻ هو. هوساڳي وقت سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن مان به مطمئن نه هو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي هن ڊائري ۾ خاص طور تي ٻن اهم شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جڏهين جي ايم سيد ائنٽي ون يونٽ محاذ ۾ راشدي، کهڙي ۽ اڪبر قاضي کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هو ڪجھ دوستن سان گڏجي ساڻس ان سلسلي ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ کيس پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جي گھر ڪرڻ لاء سن ويو هو ۽ کيس واضح طور چيو هو ته جنهن مڙد آهن (کهڙو) کي اوهان پاڻ سان کنيو آهي ان سان سنڌ کي نقصان ئي پهتو آهي ۽ آئيندي به پهچندو. سندس چوڻ آهي ته سيد جي ان پاليسي ڪري ئي سنڌ ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو جيئي سنڌ جي نعري تي حاوي ٿي ويو. ساڳي ريت جيل ۾ اياز سان ڳالهہ ٻولهہ ۾ ٻيئي ان نتيجي تي پهچن ٿا ته رسول بخش پليجوجيتوڻيڪ هڪ ذهين شخص آهي پر هن هميشه پنهنجن ذاتي مفادن ۽ جنسي جذبن کي قومي مفادن ۽ مقصدن تي ترجيح ڏني آهي ۽ ان لاء هو پنهنجن دوستن، شاگردن ۽ اديبن ۾ اختلاف پيدا ڪندو۽ انهن کي هڪٻئي خلاف استعمال ڪندو رهندو آهي. ڀٽي ساڳي وقت مٿس سرڪار لاء ڪم ڪرڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي حمايت جا الزام پڻ مڙهي ٿو. ايستائين ته هو چئي ٿو ته زرينه، جنهن جو آواز سڄي سنڌ جو ورثو هو، کي به هن رڳو اتي ڳائڻ جي اجازت ڏني ٿي جتي سندس پنهنجا سياسي مفاد هئا يا جن سان هو سياسي لحاظ کان متفق هوندو هو.
اها اوڻويهہ سوايڪهتر جي دور جي جيل ڊائري آهي، جڏهين پاڪستان هڪ بحراني دور مان گذري رهيو هو ۽ اوڀر بنگال ۾ اڪثريتي جماعت عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ بجائي بنگالين خلاف فوجي ڪاروائي هلي رهي هئي. صحافي بابر اياز، جيڪو ان وقت سکر ۾ رهندو هو، پنهنجي ڪتاب واٽ از رانگ ود پاڪستان ۾ لکيو آهي ته ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جا ڪجھ دوست شيخ اياز وٽ وياسين ته هو ان سلسلي ۾ ٿيندڙهڪ جلسي جي صدارت ڪري پر هن اسان کي اهو چئي ڄڻ تڙي ٻاهر ڪڍيو ته اهو وقت اهڙين سرگرمين جو نه هو. پر ان جي باوجود به سي آئي ڊي ۽ ڪامورا شاهي جي عناد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل رپورٽن جي ڪري اياز کي جلد ئي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. رشيد ڀٽي جي گرفتاري جو ڪارڻ به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاء جدوجهد کان وڌيڪ سندس عوامي ليگ سان تعلق ۽ مهاجر ڪاموراشاهي جو عناد هو. کيس هڪ پمفليٽ تيار ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيل هو ته فوج کان اقتدار کسي وٺو. ساڳي وقت کيس سزا ڏيندڙ ميجربه کيس اهو ئي چئي ٿو ته کڻي مڃجي ته تو تي سڀ ڏوه ڪوڙا ۽ ذاتي دشمني ۾ مڙهيا ويا آهن پر هو عوامي ليگ جو عهديدار ڇو آهي.
عورت ڏانهن رويو ڪنهن به سماج ۽ ان جي ماڻهن جي ذهني ارتقاء جي سطح جي نشاندهي ڪندو آهي. سنڌي سماج ۾ جتي جاگيردارانا قدر حاوي هجن ۽ عورت کي ڳئون، ٻڪري کان به گھٽ سمجھيو ويندو هجي اتي پڙهيل لکيل ۽ خاص طور سياست، ادب ۽ ٻين سماج سڌارڪ ڪمن سان لاڳاپيل ماڻهن تي، جيڪي هونهن آزادي ۽ سچي سماج کي بدلائڻ جي ڳاله ڪن ٿا، اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي عورت متعلق روئي کي تنقيدي لحاظ کان پڻ پنهنجي ان سڄي جدوجهد جو حصو بڻائين. رشيد ڀٽي جي لحاظ کان اها ڳاله خاص طور تي ان ڪري به اهم آهي ته سندس سڄي حياتي ادبي ۽ سياسي ترقي پسند ڪاز کي اڳتي وڌائڻ ۾ گذري آهي ۽ سندس شمار هر لحاظ کان سنڌ جي پهرين صف جي اديبن،ِ ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. هن ڊائري ۾ هن مختلف عورتن سان مختلف وقتن تي پنهنجي تعلق جو ذڪر ڪيو آهي. پر اهو تعلق هڪ ترقي پسند سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ کان وڌيڪ گھڻي حد تائين سندس لاشعور ۾ ويٺل جاگيردارانه قدرن جو اظهار آهي جنهن ۾ عورت رڳو استعمال جي شي آهي ۽ ان کي استعمال ڪري، پنهنجي تسڪين حاصل ڪري ڦٽو ڪري ڇڏڻ آهي. ان جو جواز به هو پنهنجي آدرش جي حصول لاء ڊگھي جدوجهد کي قرارڏئي ٿو جنهن ۾ ساهي پٽڻ لاء مختلف موقعن تي مختلف عورتون بجائي جدوجهد ۾ سندس برابر جون ساٿي هئڻ جي سندس لاء جنسي لحاظ کان آسيس ۽ ڇانوري جو ڪم ڏين ٿيون. هو ان سلسلي ۾ تفصيل سان پنهنجن مختلف عورتن سان جنسي تجربن کي بيان ڪري ٿو. ان مان پڙهندڙ کي اهو تاثر به ملي ٿو ته ليکڪ ڪٿي ان جاگيردارانا سوچ جو شڪارته نه آهي جنهن ۾ مڙد جي عورت تي جنسي برتري کي سندس سوڀ ڪري ليکيو ويندو آهي ۽ جنهن ۾ سنڌي وچولي طبقي جو هڪ وڏو تعداد ورتل آهي. اهو ڪنهن به لحاظ کان ڪو پيار۽ ذهني هم آهنگي جو ناتو ناهي ۽ هو پاڻ به مختلف جاين تي ان جو اظهار ڪري ٿو ته سندس پيار جو ناتو رڳو سندس زال سڪينا سان آهي جڏهين ته هڪ اڌ لاء هو ائين هلندي هلندي همدردي جو اظهار ڪري ٿو.
ان وقت جيتوڻيڪ اوڀر بنگال ۾ هڪ وڏو ڀونچال هو پر ملڪ جو اولهندو حصو گھڻي ڀاڱي چپ هو ۽ سوائي ڪجھ آوازن جي هڪ لحاظ کان ڄڻ فوجي حڪمرانن سان گڏ هو. سياسي قيدين لاء ٻاهر هلندڙ جدوجهد جي وڏي اهميت هونڌي آهي جيڪا کين اتساه ڏيندي آهي ۽ قيد جي سختين کي سهڻ لاء منجھن هڪ حوصلو پيدا ڪندي آهي. پراولهہ پاڪستان ۾ سياسي قيدين جي آزادي لاء اخباري بيانن وغيره کانسواء ڪا گھڻي چرپر نه هئي. سنڌ ۾ عوامي سطح تي ڪجھ شاگردن، اديبن، استادن ۽ سياستدانن جي گرفتاري کانسواء مڪمل خاموشي هئي. رشيد ڀٽي ۽ اياز کي سندن ادبي ۽ سياسي دوستن مان ان سلسلي ۾ گھڻيون توقعات هيون جن جي ڪاڻ سندن چواڻي ته انهن سختيون سٺيون هيون ۽ جيل ڀوڳي رهيا هئا. پرکين ان سلسلي ۾ گھڻي مايوسي کي منهن ڏيڻو ٿو پئي جڏهين کين اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهي جن سياسي ڪارڪنن ۽ سياسي جماعتن سان له وچڙه ۾ هئا انهن مان به گھڻا سندن سار نه ٿا لهن. ان جي باوجود ته ان سلسلي ۾ سنڌي ۽ مهاجر دوستن ٻنهي کان کين ساڳي طرح جي شڪايت آهي پر ڀٽي مهاجر ڪامريڊن جي حوالي سان ته نهايت سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ان کي سندن خلاف تعصب قرار ڏئي ٿو پر جڏهين اهو ساڳيو سوال سندس پنهنجن سنڌي دوستن متعلق اٿي ٿو ته ان کي رڳو سندن شخصي ڪوتاهين قرار ڏيڻ تي اڪتفا ڪري ٿو. اهو ان جي باوجود آهي ته ڊاڪٽر اعزاز نذير جيل ۾ ساڻس گھڻا ڀيرا ملڻ لاء اچي ٿو ۽ سندس آزادي لاء ڪوششون پڻ ڪري ٿو ۽ هو پاڻ ان تي سندس ساراه به ڪري ٿو. جيستائين حسن حميدي جو تعلق آهي ته ان جو رويو گھٽ ۾ گھٽ فتاح ملڪ جيترو خراب نه هو.
جيل ۾ موجود اياز ۽ رشيد ڀٽي لاء صورتحال ان ڪري به مايوس ڪندڙ هئي ته سندن گھڻا سياسي ۽ ادبي دوست ان وقت اوڀر بنگال ۾ ٿيندڙ فوجي ڪاروائي جي ڪري هتي جيڪا ڏهڪاء واري صورتحال پيدا ڪئي ويئي هئي ان جي ڪري پري ٿي ويا هئا ۽ ٿورن سندن خبر چار ٿي ورتي. جيتوڻيڪ تنوير عباسي ساڻن ساٿ نڀايو ٿي ۽ وقت بوقت سندن خبرچار وٺندو ٿي رهيو پر رشيد ڀٽي کي خاص طور تي شڪايت فتاح ملڪ کان رهي ٿي جيڪو ساڻس جيل کان ٻاهر ساڻس ويجھو هونڌي گھڻي عرصي تائين ساڻس ملڻ ته ٺهيو سندس گھر جي سارسنڀال به نه ٿو لهي ۽ ايستائين ته سندس رهيل فين جا جيڪي پئسا کيس ملن ٿا اهي به بجائي ڀٽي جي گھر پهچائڻ جي پاڻ هڙپ ڪيو ٿو وڃي. اهو سوال اياز ۽ ڀٽي ٻنهي جي ذهن ۾ اچي ٿو ۽ هو مختلف موقعن تي پنهنجي ذهن ۾ موجود مونجھاري جي حوالي سان اهو سوال اٿارين ٿا ته ڇا سندن جيل اچڻ ۽ قرباني ڏيڻ درست عمل هو. هو اهو اظهاربه ڪن ٿا ته سندن سياسي ۽ ادبي دوستن کان وڌيڪ ته سندن ذاتي دوستن ۽ گھر وارن سندن سار لڌي آهي جڏهين ته ٻاهر رهندي انهن مٿن پنهنجن سياسي ۽ ادبي دوستن کي فوقيت ڏني هئي. هو ڄڻ اهو پڪو ارادو ڪن ٿا ته جيل مان نڪرڻ کانپوء کين پنهنجا دوست بدلائڻا پوندا.
جيل جي زندگي جو ڀٽي پاران جيڪو احوال ڏنو ويو آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اها ڪا گھڻي سخت نه هئي. نه ته کانئن ڪا گھڻي پڇا ڳاڇا يا ٽارچر ڪيو ويو جيئن عام طورتي اهڙن ملڪن ۾ سياسي قيدين سان ٿيندو آهي ۽ جيڪي ساڻن گڏ بي ڪلاس ۾ رهندڙ ڪشميري سياسي ڪارڪن لون عرف لالي سان ٿيو هو. قيد هونڌي مٿن مختلف ڪيفيتون ۽ موڊ ته طاري ٿين ٿا ۽ هو ڪڏهين مايوسي ۽ ڪڏهين اميد جي حالت ۾ هجن ٿا پر مختلف موقعن تي اهو اظهار ڪن ٿا ته کين لکڻ پڙهڻ جو جيترو وقت ۽ موقعو هتي مليو آهي اهو شايد ٻاهر نه ملي سگھي ها.
رشيد ڀٽي کي جيئن ته جيل ۾ ڪجھ عرصي کانپوء بي ڪلاس ملي ٿي ۽ هو هڪ چڱو وقت اسپتال ۾ گذاري ٿو ان ڪري سندس واسطو عام قيدين سان گھڻو پئي ٿو. ٻي ڳاله ته منجھس اها خوبي آهي ته هو هيٺئين ۽ عام طبقي جي ماڻهو سان رلي ملي ۽ ساڻس حال احوال ڪري سگھي ٿو۽ منجھس ان سلسلي ۾ وچولي طبقي واري اها هٻڪ ناهي جيڪا اسان کي اياز ۾ ملي ٿي. هو جيل ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڪمن ۽ قيدين لاء مختلف اصطلاحون سکي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي ڊائري ۾ ڪتب آڻي ٿو. ايستائين ته کيس ڦاهي گھاٽ جي قيدين سان ملي کانئن حال احوال وٺڻ ۾ به ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي. ان سان گڏوگڏ هو قانوني لحاظ کان به درخواستن وعيره تيار ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندو رهي ٿو. ان ڪري ئي جڏهين جيل ۾ قيدين ۾ جھيڙو ٿئي ٿو ۽ اياز کي اهو ڊپ ٿئي ٿو ته متان سندن بيرڪن تي حملو نه ٿئي ته هو کيس تسلي ڏئي ٿو ته جيئن ته گھڻا قيدي کيس سڃاڻن ٿا ۽ سندس عزت به ڪن ٿا ان ڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه هئي. مون کي ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو ٿو نظر اچي ته ڀٽي هڪ اديب هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ادبي ۽ مزدور ڪارڪن به هو جنهن سندس انهن روين کي ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان ڪري اها ڊائري رڳو هڪ اديب جي ذهني اڏام ۽ ذاتي ڪٿا ناهي. ان ڊائري ۾ جيڪي شيون اهم جاء والارين ٿيون انهن ۾ هڪ ته ان وقت اوڀر بنگال ۾ هلندڙ جدوجهد تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن ۽ اخبارن جا تبصرا آهن ۽ ٻيو مختلف قيدين جي زندگي جا احوال ۽ انهن سان ٿيندڙ ڪچهريون آهن. اها ڊائري هڪ لحاظ کان جيل ڪٿا سان گڏ ڀٽي جي آتم ڪٿا ۽ پريم ڪٿا پڻ آهي. جنهن شي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي اها اها ته جيڪڏهين سندس ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۽ مختلف شخصيتن سان سندس ناتن جا ڪي تفصيل به ان ۾ اچي وڃن ها ته ان جي تاريخي اهميت ۾ اڃا واڌارو ٿئي ها.
مختلف ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي ۾ ايڊيٽنگ جي وڏي اهميت آهي جنهن سان ڪتاب ۾ گھڻين شين کي واضح ڪرڻ۽ سڌارڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان ڪري پبلشنگ جي ادارن ۾ ان لاء هڪ ڌار شعبو هونڌو آهي. اهو اصول ننڍي توڙي وڏي هر ليکڪ تي لاڳو آهي جيڪي بجائي ارها ٿيڻ جي ان ايڊيٽنگ کي ساراهيندا آهن ۽ ان ڪم ڪرڻ واري جا ٿورائتا هونڌا آهن. ان جيل ڊائري لاء جيتوڻيڪ جيل ۾ هونڌي اياز ۽ ڀٽي اهو طئي ڪيو هو ته ٻاهر نڪرڻ کانپوء ڀٽي ان تي نظر ثاني ڪندو ۽ اياز ان تي مقدمو لکندو. پر هاڻي ٻائيتاليه ٽيتاليه سالن کانپوء ڪتاب جي ڇپجڻ کانپوء خبر پئي ٿي ته ٻيئي همراه شايد ٻين خفن ۾ پئجي ويا ۽ اهو ڪم نه ٿي سگھيو. ڊائري جيئن ته جيل جي نامساعد حالتن، جن ۾ آخري ڏينهن ۾ ملڪ ۾ جنگي حالتن جي ڪري اڃا ڏکيائيون وڌي ويون هيون، لکي ويئي آهي ان ڪري ان ۾ غلطين جو هئڻ ڪا وڏي ڳاله ناهي ۽ ليکڪ کي ان لاء ڏوه به نه ٿو ڏيئي سگھجي . گھڻين جاين تي جملن جي جوڙ جڪ ۽ جملن ۽ ڳاله جو اڌ ۾ رهجي وڃڻ ۽ حقيقتن ۾ غلطيون ملن ٿيون. يقينن ليکڪ جيڪڏهين ان تي نظرثاني ڪري ها ته ان کي درست ڪري ها. پر جيئن ته هو ائين نه ڪري سگھيو ان ڪري اها ذميواري پبلشر تي عائد ٿئي ٿي ته هو اهو ڪم ڪري ها. لکجڻ جي اٽڪل اڌ صدي کانپوء به ڪتاب جي اهميت پنهنجي جاء تي هڪ تاريخي دستاويز جي طور باقي آهي. جيڪڏهين ان جي فني ۽ ٽيڪنيڪل پاسن تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته ان جي اهميت ۾ اڃا واڌارو ٿي وڃي ها.