هڪ شهزادي جي ڪهاڻي
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ سياست تي گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اڃا به اهو سلسلو جاري آهي. بينظير جي شهادت کان پوء سندس دوست ڀارتي صحافي شيام ڀاٽيا سندس شخصيت ۽ سياست تي هڪ اهم ڪتاب Goodbye Shahzadi- A political Biography of Benazir Bhutto لکيو. شيام آڪسفورڊ ۾ بينظير سان گڏ هو پر ٻنهي جا ڪاليج ڌار هئا. بينظير سان پنهنجي تعارف ۽ واقفيت متعلق هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت هو بي بي سي سان ڪم ڪندو هو. کيس انهن پاران بينظير جي انٽرويو ڪرڻ جو اسائنمنٽ ڏنو ويو. هن جڏهين بينظير سان رابطو ڪري انٽرويو متعلق چيو ته هن کيس چيو ته هو پنهنجي پي سان ڳالهائي پوء کيس ان متعلق ٻڌائيندي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته بينظير آڪسفورڊ پاران سندس پي، جيڪو پڻ آڪسفورڊ جو شاگرد رهيو هو، کي اعزازي ڊگري ڏيڻ لاء ڪوشش ڪري رهي هئي پر هن ۽ ڪجھ ٻين ان ڳالهہ جي ان بنياد تي مخالفت ٿي ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي اوڀر بنگال ۾ ادا ڪيل ڪردار جي ڪري کيس اها ڊگري نه ملڻ گھرجي ۽ کيس اها ڊگري نه ملي. سندن دوستي اٽڪل ٽي ڏهاڪن بينظير جي شهادت تائين هلي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته هڪ صحافي جي طور هن مختلف سياستدانن جا انٽرويو ڪيا آهن پر سڀ کان گھڻا انٽرويو هن بينظير ڀٽو جا ڪيا. اهي انٽرويو هن گھڻو ڪري لندن، دبئي ۽ ڪراچي ۾ ڪيا.
بينظير ڀٽو جو عالمي سطح تي پهريون تعارف 1971 ۾ ان وقت ٿيو جڏهين هو پنهنجي پي سان شملا ۾ پاڪ ڀارت معاملن تي ڳالهہ ٻولهہ لاء آئي هئي. بينظير جو چوڻ هو ته اهو ان ڳاله جو ثبوت هو ته ذوالفقار علي ڀٽو بجائي مرتضا جي کيس پنهنجو سياسي جانشين ڪرڻ چاهيو ٿي جڏهين ته ليکڪ جو خيال آهي ته اهو سڀ حآدثاتي طور ٿيو. بيگم نصرت ڀٽو کي پنهنجي مڙس سان ڀارت اچڻو هو پر سندس بيمار هئڻ ڪارڻ بينظير کي ان وفد ۾ شامل ڪيو ويو. هو ٻڌائي ٿو ته اتي اخبارن ۽ شملا جي ماڻهن پاران کيس گھڻي اهميت ڏني ويئي. هو جڏهين ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ لاء قطار ڪري بيهندا هئا. ان ڳاله اندرا گانڌي ۽ ٻين گھڻن کي پريشان ڪيو ته اخبارن ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي ٿيل ڳاله ٻوله ۽ ان ۾ لاهن چاڙهن کي ايتري اهميت نه ٿي ڏني جيتري انهن بينظير کي ڏني ٿي. ساڳي وقت ڀٽو جي پنهنجي ڌي سان گھڻي محبت هوندي هئي. هو جڏهين پهريون ڀيرو 1968 ۾ گرفتار ٿيو ته ان وقت بينظير اي ليول ۾ هئي. هن کيس هڪ خط وسيلي پنهنجي پڙهائي تي توجھ ڏيڻ لاء چيو ۽ جڏهين هو هارورڊ ۾ هئي ته ڀٽو کيس لکيو ته تنهنجي پڙهائي وغيره تي گھڻو خرچ اچي ٿو جيڪو سڀ انهن هارين جي محنت جي ڪري ٿئي ٿو جيڪي اسان جي زمينن تي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته پنهنجي پڙهائي تي توجھ ڏي ۽ جيئن واپس موٽڻ کانپوء انهن ماڻهن جي خدمت ڪري سگھين.
فوجي بغاوت مهل ڀٽو پنهنجن ٻنهي پٽن کي ملڪ مان ڪنهن به ريت نڪري وڃڻ لاء چيو جڏهين ته بينظير ۽ نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ رهڻ جو ئي فيصلو ڪيو. هي ٻيئي لاڳيتو ڏکيائين کي منهن ڏينديون رهيون. وقت بوقت کين قيد ڪيو ٿي ويو ۽ مٿن پابنديون مڙهيون ٿي ويون. بينظير جي آزادي ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي حوالي سان هن سندس دوست پيٽر گالبريٿ جو خاص طور تي ذڪر ڪيو آهي. پيٽر جو پي گالبريٿ مشهور معيشتدان ۽ پوء ڀارت ۾ آمريڪا جو سفير به رهيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سندس مداح هو ۽ سندس ڪتاب شوق سان پڙهندو هو. هو جڏهين ڀارت ۾ سفير هو ته هو واهگه رستي پاڪستان آيو هو ۽ ڀٽي سرحد تي سندس استقبال ڪيو هو. بينظير جڏهين هارورڊ ۾ پڙهڻ ويئي ته ڀتي کيس سندس سرپرست ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. جڏهين ته پيٽر کي بينظير سندس سگريٽ پيئڻ، وڏن وارن، اڍنگن ڪپڙن پائڻ ۽ بي فڪري طرز عمل ڪري پسند نه ڪندي هئي پر پوء هن بينظير جي آزادي ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کيس گھڻو متاثر ڪيو. پيٽر بينظير سان آڪسفورڊ ۾ به گڏ هو ۽ هن سندس ڊبيٽنگ سوسائٽي جي سيڪريٽري چونڊجڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. بينظير جي گرفتاري وقت پيٽر آمريڪا ۾ پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽي ۾ هڪ سينيٽر سان لاڳاپيل هو. هن اتي مختلف سينيٽرن کي ان ڳاله تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بينظير سان پاڪستان ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رهيو هو اهو غلط هو. ان وقت آمريڪا ۾ ريگن جي حڪومت هئي ۽ سوويت فوجن جي پاڪستان ۾ اچڻ ڪري آمريڪا لاء پاڪستان جي اهميت وڌي ويئي هئي. ان ڪري هو جڏهين هتي آيو ته کيس ينظير سان ملڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. واپس آمريڪا وڃي هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي ۽ مختلف سينيٽرن سان لاڳاپي ۾ آيو. ان ڪري ريگن انتظاميا تي به دٻاء پيو. هو جڏهين وري پاڪستان ويو ته کيس اتي آمريڪي سفير به سٺي موٽ ڏني ۽ حڪومت پاران به کيس بينظير سان ملڻ جي اجازت ڏني ويئي. پر سندس بينظير سان ملاقات کان اڳ حڪومت کيس آزاد ڪري ملڪ کان ٻاهر علاج لاء موڪلي ڇڏيو. هن اتي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته هو آمريڪا اچي ۽ اتي مختلف سينيٽرن ۽ ٻين بااثر ماڻهن سان ملاقات ڪري. جيتوڻيڪ ريگن انتظاميا پاران ضياءالحق سان ويجھڙائي جي ڪري کيس گھڻي اهميت نه ڏني ويئي پر ٻين حلقن ۾ کيس چڱي پذيرائي ملي.
ڀٽو ۽ بينظير تي ڀارت نوازهئڻ جو الزام به لڳايو وڃي ٿو. ان جو هڪ ڪارڻ اهوڏنو وڃي ٿو ته ڀٽو جي ماء خورشيد بيگم هندو مان مسلمان ٿي شاهنواز ڀٽو سان شادي ڪئي هئي. ان ڳاله جي سڀ کي خبر آهي ته ڦاهي ملڻ کانپوء ڀٽو جي شلوار لاهي فوٽو ڪڍيا ويا هئا ته جيئن ان ڳاله جي پڪ ڪري سگھجي ته آيا سندس طهر ٿيل هئا. پر اها ڳاله ثابت ٿي ته مسلمانن جيان سندس طهر ٿيل هئا. ان ڳاله کي به نظر ۾ رکڻ گھرجي ته جيتوڻيڪ ڀارت سان شملا ٺاه سندس هڪ وڏي ڪاميابي هئي پر ساڳي وقت هن هڪ پاسي ڀارت سان هزار سالن تائين جنگ جي ڳاله ڪئي ٿي ۽ ٻئي پاسي هن ڀارت جي ائٽمي پروگرام جي جواب ۾ پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪيو هو ۽ ان ڳاله کي واضح ڪيو هو ته ڀلي گاه کائڻو پئي پر پاڪستان پنهنجو ائٽمي پروگرام مڪمل ڪندو. بينظير لاء اهو چيو وڃي ٿو ته هن سکن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاء ڀارت جي مدد ڪئي. ساڳي وقت سندس راجيو گانڌي جي پاڪستان جي دوري وقت اها مفاهمت ٿي هئي ته سياچين کي هڪ غيرفوجي علائقو قرار ڏنو ويندو ۽ ٻيئي ملڪ اتان پنهنجيون فوجون واپس گھرائيندا پر راجيو ڪجھ وقت کانپوء ڪنهن پرڏيهي دوري تي ويندي جهاز مان کيس اهو نياپو موڪليو ته هو هن وقت اهو نه ٿو ڪري سگھي ۽ چونڊن ٿيڻ کانپوء ان متعلق فيصلو ڪندو. ساڳي وقت بينظير پاران ڪشمير جي معاملي ۾ هڪ سخت موقف اختيار ڪرڻ پڻ ان سلسلي ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجي ويو.
پاڪستان جو نيو ڪليائي پروگرام بحث جو موضوع رهيو آهي. بينظير جو چوڻ هو ته ان وقت جو پاڪستان ائٽمي انرجي ڪميشن جو چيئرمين منير احمد خان ان سلسلي ۾ هڪ اهم ماڻهوهو جڏهين ته ڊاڪٽر قدير متعلق هو چئي ٿي ته هو رڳو هڪ ٽيڪنيشن هو جيڪو هالينڊ مان ان متعلق معلومات چورائي اتان ڀڄي پاڪستان آيو هو ۽ هتي ڀٽو کي پنهنجيون خدمتون آڇيون هيون. ايران، ليبيا ۽ اتر ڪوريا وغيره سان نيوڪليائي معلومات ونڊڻ متعلق ڊاڪٽرقدير جي ڪردار متعلق پڻ بينظير ليکڪ سان ڳالهايو آهي. ان جي تفصيل مشرف پڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڏني آهي.
1988 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيل پارٽي بنيادن وارين چونڊن ۾ پاڪساتان پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. حڪمران ڪنهن به ريت اقتدار بينظير جي حوالي ڪرڻ لاء تيار نه هئا. ان جي مقابلي لاء سڀني مخالف جماعتن کي گڏي اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهيو ويو پر ان سڀ جي باوجود پيپلز پارٽي قومي اسمبلي ۾ سڀ کان وڏي جماعت جي طور سامهون آئي. کيس اها توقع هئي ته صدر کيس حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيندو. پرکيس حڪومت نه ڏيڻ لاء مختلف حربا هلايا ويا. پيپلزپارٽي جي چونڊيل اسمبلي جي ميمبرن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر کين ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. نيٺ آمريڪي سفير رابرٽ اوڪلي کي ان معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پيئي تڏهين صدر پاران بينظير کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويئي.
اهو چيو وڃي ٿو ته بينظير جي ويهہ مهينن جي پهرئين حڪومت جي دور ۾ ڪابه قانون سازي نه ڪئي ويئي. ڏٺو وڃي ته ان جا ڪارڻ هئا. کيس هر طريقي سان بي اختيار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ٽرائيڪا جيڪو رياست جي اهم معاملن متعلق فيصلا ڪندو هو ان ۾ عام طور صدر، آرمي چيف ۽ وزيراعظم شامل هوندا آهن پر هن ڀيري ان ۾ بجائي وزيراعظم جي آئي ايس آئي جو سربراه شامل هو. جنرل اسلم بيگ پاران وزيراعظم کي اهو چيو ويو ته اها بچاء ۽ پرڏيهي معاملن کان پري رهي ۽ انهن ۾ مداخلت نه ڪري. بينظير ليکڪ کي اهو به ٻڌايو ته کيس نيوڪليئر معاملن کان پري رکيو ويو. هن جڏهين صدر کي چيو ته هو ان متعلق لاڳاپيل سائنسدانن کان بريفنگ وٺڻ چاهي ٿي ته هن کيس چيو ته تنهنجو ان معاملي ۾ ڪجھ نه وڃي پر جڏهين هن ان معاملي کي ماڻهن ۾ کڻي وڃڻ جي ڳاله ڪئي ته صدر سائنسدانن کي کيس بريفنگ ڏيڻ لاء چيو. ساڳي وقت پنجاب ۾ نوازشريف جي حڪومت هئي جيڪو ڪنهن به ريت ساڻس سهڪار ڪرڻ لاء تيار نه هو. ڪجھ عرصي کانپوء حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويئي جيڪا ناڪام ٿي. انهن سڀني ڳالهين کانپوء اٽڪل ويه مهينن کانپوء آگسٽ 1990 ۾ صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت اهو سڄو عرصو ڄڻ پنهنجي بچاء جي جدوجهد ۾ ئي گذري ويو. 1993 ۾ کيس اقتدار ملڻ وقت ٽرائيڪا ٽٽي چڪو هو. جنرل اسلم بيگ رٽائر ٿي چڪوهو ۽ غلام اسحاق خان نواز شريف سان اختلافن جي نتيجي ۾ صدارت ڇڏي ڇڪو هو. پر ان دور ۾ به بينظير حڪومت جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي نه رهي. خاص طور عورتن جي حوالي سان ضياء الحق جي حدود آرڊيننس وغيره کي ختم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي ويئي. ان جي لاء بينظير جو چوڻ هو ته آئين ۾ تبديلين لاء کيس اسمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي گھڻائي جي ضرورت هئي جيڪا وٽس نه هئي. 1995 ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ رپورٽ شائع ڪئي جنهن ۾ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو ويو ته بينظير حڪومت جي پنهنجي پندرنهن مهينن جي اقتدار ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي رهي.
ساڳي وقت اها ڳالهہ به هئي سندس پنهنجي ئي آندل صدر سان ناتا پڻ خراب ٿي ويا هئا. سندس چوڻ هو ته مرتضا جي قتل ۾ فاروق لغاري جو هٿ هو. صدر چيف آف آرمي اسٽاف سان حڪومت کي برطرف ڪرڻ لاء صلاح ڪئي ۽ حڪومت کي ڪرپشن ۽ نااهلي وغيره جي الزامن سان برطرف ڪري ڇڏيو.
ان کانپوء بينظير جي جلاوطني جو دور شروع ٿيو. ڪجھ عرصو هو لندن ۾ رهي پر سندس گھڻو وقت دبئي ۾ گذريو جيڪو سندس لاء گھر کان ويجھو ۽ گھر کان پري ڄڻ هڪ ٻيو گھر هو.. متحده عرب امارات جي امير شيخ زيد بن سالطان ذوالفقار علي ڀٽو سان پنهنجي دوستي جي ڪري بينظير کي دبئي ۾ هڪ عاليشان رهائش ڪنهن مسواڙ وغيره کان سواء ڏني پر ان ۾ رڳو هڪ شرط هئي ته هتي هو پاڪستان حڪومت جي اعلا عملدارن سان ته ملاقات ڪري سگھي ٿي پر ٻي ڪا سياسي سرگرمي نه ٿي ڪري سگھي.
بينظير جو تعلق هڪ اهڙي پسمنظر ۽ خاندان سان هو جتي کيس ڪک ڀڃي ٻه نه ڪرڻو پوندو هو پر هن ليکڪ کي ٻڌايو هو ته ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هو مري جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاء داخل ٿي هئي ۽ پوء هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ۾ ويئي هئي جتي کيس پنهنجا گھڻا ذاتي ڪم پاڻ ڪرڻا پوندا هئا. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته بينظير هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ۾ ڪڏهين به مايوسي ۽ ڪمزوري جو اظهار نه ڪيو هو پر جلاوطني کانپوء جڏهين دبئي ۾ هن پنهنجي پنجاهين سالگره ملهائي ٿي جنهن ۾ سندس گھڻا دوست ۽ واقف به شريڪ ٿيا هئا جن ۾ پاڪستان مان آيل ماڻهو به شامل هئا ته ان تقريب ۾ بينظير هڪ نظم پڙهيو هو جيڪو اٽڪل پنجيتاليه منٽ هليو. ان نظم ۾ بينظير جي هڪ مايوسي واري ڪيفيت هئي. هن پنهنجو پاڻ کي ملير جي مارئي جيان وطن ۽ پنهنجن ماڻهن کان پري محسوس ڪيو ٿي.
ليکڪ مشرف سان پنهنجي ملاقات متعلق ٻڌائي ٿو ته هو بينظير جي صلاحيتن جو معترف هو پر سندس چوڻ هو ته هن بجائي ماڻهن جي ڀلائي لا ڪم ڪرڻ جي ڪرپشن وغيره ۾ پنهنجو وقت وڃايو ۽ هو ڪنهن به ريت کيس وري اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندو. پر اهڙو وقت آيو ته کيس بينظير سان ڳالهائڻ لاء دبئي اچڻو پيو. آمريڪي جن مشرف جي ناراض ٿيڻ جي ڊپ کان بينظير سان ڳالهائڻ ۽ ساڻس ملڻ پسند نه ٿي ڪيو هاڻي انهن چاهيو ٿي ته هو مشرف سان گڏجي ڪم ڪري. مشرف ڪرپشن جا سڀ ڪيس ختم ڪرڻ ۽ ساڳي وقت ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي پابندي لاء جيڪا قانون سازي ڪئي هئي ان کي به ختم ڪرڻ لاء تيار هو. پر ليکڪ اهو خيال ڏيکاري ٿو ته ان سڀ جي باوجود ائين محسوس ٿيو ٿي ته هو بينظير کي اقتدار ڏيڻ لاء تيار نه هو. ان جو مک ڪارڻ اهو ٻڌائي ٿو ته ڀٽو خاندان اسٽيبلشمنٽ کي ان ڪري ڏکيو پوندو هو جو اهي پنهنجي مرضي هلائيندا هئا ۽ سندن گھٽ ٻڌندا هئا.
ليکڪ ڀٽو خاندان ۽ خاض طور تي بينظير سان مرتضا ۽ نصرت ڀٽو جي اختلافن جو ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مرتضا به آڪسفورڊ ۾ هو پر ليکڪ جو ان سان هڪ رسمي تعلق هو. هو مرتضا سان دمشق ۾ هڪ ملاقات متعلق ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي اخبار پاران بيروت ۾ اوله جي هڪ صحافي جي اغواء جي سلسلي ۾ دمشق جي هڪ هوٽل ۾ رهيل هو. مرتضا به انهي هوٽل ۾ رهيل هو. هڪ ڀيري هو لابي ۾ ويٺو هو ته مرتضا اتان لنگھيو. هن کيس آواز ڏنو جنهن تي مرتضا فورن پنهنجو ريوالور ڪڍي پوئتي مڙي چيو ته ڪير ساڻس ملڻ چاهي ٿو. سندس ان انداز هڪ دهشت پيدا ڪري ڇڏي پر مرتضا کيس سڃاڻي سندس نالو ورتو ته شيام تون آهين. پر هو ان دهشت ۾ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ پوء مرتضا ڪيتري دير تائين سندس در تي آواز ڏيندو رهيو. نيٺ هن در کوليو ۽ پوء ٻنهي هوٽل جي تلاء وٽ رات دير تائين ڪچهري ڪئي.
ليکڪ بينظير جي هڪ دوست هئڻ سان گڏ هڪ صحافي ۽ ليکڪ به آهي. هڪ پاسي جتي سندس دوستي ۽ محبت آهي ته ٻئي پاسي هڪ صحافي جو مختلف معاملن جي حوالي سان هڪ تنقيدي نڪته نظر به آهي. اهڙي ريت ڪتاب پڙهندڙ کي بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي مختلف پاسن کان آگاهي ڏئي ٿو.