ٿر جا ڊاٽي ڪير آهن؟
ٿر جا ڊاٽي ماڻهو ڪير آهن. انهن جي ٻولي ۽ رسم رواج ٻين ماڻهن کان ڪيئن مختلف آهن. ان موضوع تي بنسيدر مهيشوري جو گجراتي ۾ لکيل ڪتابOur Cultural Heritage آهي جنهن کي ڊاڪٽر ڪيٽن سي مهيشوري Cultural Heritage of the Dhati People جي عنوان سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڊاٽي ۽ مهيشوري هڪ ٻئي جي متبادل طور استعمال ٿيندا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جي اصل ابتدا متعلق ڪو تصديق ٿيل ذريعو نه ٿو ملي. ان سلسلي ۾ منڊوا جي شيو ڪرنجي درڪ.جو ڪتاب اتهاس ڪلپدرم مهيشوري ڪلبشن ئي اڪيلو ذريعو آهي جنهن تي انحصار ڪري سگھجي ٿو.
ان ڪتاب ۾ ڏنل ڪٿا موجب چوهاڻ گھراڻي جي سوريه ونشي بادشاه کدگلسن کي برهمڻن جي آشيرواد سان پٽ ٿئي ٿو جنهن جي لاء برهمڻن پاران اها هدايت ڏني وڃي ٿي ته ان کي سورنهن سالن جي عمر تائين اترپاسي وڃڻ ۽ سوريه ڪنڊ ۾ وهنجڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهين هن برهمڻن جي عزت ڪئي ته وڏو عظيم بادشاه ٿيندو ۽ وري بادشاه طور جنم وٺندو. پر شهزادو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هڪڙي جين مت جي سادو جي چوڻ ۾ اچي شيوا جي تعليم جي خلاف وڇي ٿو ۽ پنهنجن ٻاهتر ساٿين سان اتر پاسي وڇي اتي شو جي پوئلڳن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو ۽ سندن پوڄا ۾ خلل وجھي ٿو. انهن رشين جي پاراتي سان شهزادو ۽ سندس سڀ ساٿي پٿر ٿي وڇن ٿا. انهن جي مائٽن جي ايلازن ۽ معافي تلافي کانپوء شو انهن سڀني کي پنهنجي اصل شڪل ۾ آڻي ٿو پر هاڻي اهي پنهنجي پهرئين جنم موجب کشتري نه پر وئشيا سڏبا وڃن ٿا ۽ سريه ڪنڊ ۾ وهنجڻ سان سندن تلوار قلم ۽ ڍالون ترازو ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. جيئن ته مهيش ديوتا جنهن ڱين اهو سبق ڏنو هو شو جو ٻيو روپ آهي، ان ڪري اهي مهيشوري سڏجڻ لڳا. ٻاهتر چڻن جا ڪم جي حوالي سان قبيلا وجود ۾ آيا انهن جو تعداد اڳتي هلي اسي ٿي ويو.
مهيشورين جو اصل وطن مارواڙ آهي. پر ريگستان، مينهن نه پوڻ ۽ خشڪ سالي جي ڪري انهن جي لاء زندگي ڏکي هئي. ان ڪري گھڻن ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. ڪجھ ميود هليا ويا ۽ ٻيا اجمير جي رستي جئپور هليا ويا. اڃا به ٻيا بيڪانير ۽ جوڌپور جي سرحد پار ڪري پوکران، فالودي، جيسلمير، برمر، سنڌ، ڪڇ ۽ ڄام نگر وغيره جهڙين جاين ڏانهن هليا ويا.
تاريخدانن موجب تيرنهين صدي عيسوي ۾ جيسلمير ۾ رهندڙ خاندان گجرات ۾ اچي رهڻ لڳا جڏهين ته ميود وارا اڃا اڳتي گجرات کان ٿيندا مهاراشٽر پاسي ويا. جئپور وارا دهلي ڏانهن ويا جڏهين ته بيڪانير وارا گھڻن علائقن مان گذري ڪلڪتي ويا. مارواڙ جا ماڻهو ممبئي ۽ مهاراشتر جي ٻين علائقن ۾ به ويا. اهي .بنگال ۽ موجوده بنگلا ديش، بهار، جوڌپور، علي ڳڙه ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا. ان جو هڪ ڪارڻ ته روزگار ۽ معاشي وسيلن جو حصول هو جڏهين ته ٻيو اهم ڪارڻ پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي جو به هو. تيرنهن سو عيسوي کان سترنهن سو عيسوي تائين علاءالدين خلجي کان اورنگزيب تائين چار سو سالن جو مسلم دور ۽ پوء مرهٽن جي گھرو ويڙه ان لڏپلاڻ جا اهم ڪارڻ هئا. هن وقت اهي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ نيپال وغيره سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آباد آهن.
ماڻهو ان ڏيهہ ڏانهن لڏيندو آهي جنهن جي ان کي ڄاڻ هوندي آهي. ان وقت جيسلمير ۽ امرڪوٽ جا شاهي خاندان هڪٻئي سان شادين وغيره ذريعي ڳنڍيل هئا. ان کانسوا۽ مهيشوري جيسلمير جي انتظاميا جو به هڪ اهم حصو هئا. ان ڪري اهي پهرين مارواڙجي سرحد سان لڳ ٿرجي ان وقت جي هڪ وڏي شهررتو ڪوٽ، جيڪو پوء تباه ٿي ويو، ۾ لڏي آيا. ٿر به مارواڙ جيان خشڪ ۽ غير آباد علائقو هو پر هتي لڏي اچڻ جو مک ڪارڻ اهو هو ته هتي سياسي ڇڪتاڻ ۽ غيريقيني صورتحال نه هئي.. دريائي علائقن ۾ گھم ۽ مڇر هئڻ ڪري انهن ٿر جي علائقي کي وڌيڪ ترجيح ٿي ڏني جنهن جو ماحول سندن لاء مانوس هو. اهڙي ريت اهي ان وقت جي سوڊا اسٽيٽ ۾ اچي آباد ٿيا جڏهين ته ٻيو گروه سنڌ جي ٻين مختلف شهرن جهڙوڪ بڪيرا، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم، سيوهڻ ۽ بدين وغيره ۾ وڃي آباد ٿيو. ٿر ۾ مهيشورين جي اسي گھراڻن مان سورنهن مختلف علائقن ۾ رهن ٿا. هتي انهن سان گڏ برهمڻ، سونارا، نائي، چارڻ، سوتر، مالي، ڪولهي، بجير ۽ ميگھواڙ به رهن ٿا. ورهاڱي وقت ٿر جا گھڻا مهيشوري ۽ ٻيا هندو ٿر جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي کانپوء ڀارت لڏي ويا.
اهي جنهن علائقي ۾ آباد ٿيا ان علائقي جي حوالي سان سڃاپجڻ لڳا، مثال طور ڪڇ ۾ رهندڙ ڪڇي ٿي ويا جڏهين ته ٿر ۾ رهندڙ ٿري يا ڊاٽي ٿي ويا ۽ جيڪي مارواڙ ۾ ناگور جي علائقي مان آيا هئا اهي ناگوري ٿي ويا.
ٿري يا ڊاٽڪي کي عام طور سنڌي جو هڪ لهجو سمجھيو ويندو آهي پر انسائيڪلوپيڊيا بريٽينيڪا ۾ ان کي راجستاني جو هڪ لهجو قرار ڏنو ويو آهي جيڪا ڏکڻ اوڀر ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. جارج گيئرسن جنهن هندوستان جو لساني سروي لکيو ان جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر ۽ جيسلمير جي گھڻو ڪري معياري ٻولي مارواڙي آهي جيڪا سنڌي ۽ رڳو ڪجھ حد تائين گجراتي جو ملغوبو آهي. هندوستان جي 1931 جي مردم شماري موجب عام طور ڊاٽڪي يا ٿري کي سنڌي جو هڪ لهجو سمجھيو ويندو آهي پر مردم شماري ۾ ان کي هڪ ڌار ٻولي ڪري ليکيو ويو آهي. اهڙي ريت ٿري کي سنڌي کان ڌار ڪري رکيو ويو آهي جنهن جو پنهنجو هڪ ڌار علائقو آهي. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته سنڌي، مارواڙي ۽ گجراتي جي گڏجڻ سان هڪ نئين قسم جي بولي ٺهي. ان کي ڊاٽڪي چيو وڃي ٿو مطلب ته اها ٻولي جيڪا ڊاٽ جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان گڏيل ٻولي کي راجستاني جو متبادل سمجھيو وڃي ٿو پر اها گجراتي جي گھڻو ويجھي آهي.
مهيشورين لاء اها فخر جي ڳالهہ آهي ته مارواڙ مان صديون اڳ لڏڻ ۽ مختلف علائقن ۾ اهڙن ماڻهن جهڙوڪ کترين، مالهين، بجير، سونارن، ميگھواڙن، ڀيل. ڪولهي ۽ مسلمانن، جيڪي هميشه کان ماس کائيندا آهن، سان گڏ رهڻ جي باوجود ماس بلڪل نه کائيندا آهن. ايستائين ته بصر ۽ ٿوم کي به کائڻ جهڙو نه سمجھيو ويندو آهي. جڏهين سرسوت برهمڻ شده ماس کائڻ شروع ڪيو ته پشڪر جا برهمڻ، مهيشوري، بوجڪ ۽ شري مالي برهمڻ ئي اهي ماڻهو هئا جيڪي ماس کائڻ کان پري رهيا. اهي گھڻو ڪري پنهنجين ٻنين جي پيداوار ۽ پاليل جانورن جو کير، گيه ۽ مکڻ وغيره استعمال ڪندا آهن.
مهيشورين ان چوڻي تي به عمل نه ڪيو ته جهڙو ديس تهڙو ويس. انهن پنهنجو اهو ساڳيو لباس ئي اختيار ڪيو جيڪو اهي مارواڙ مان کڻي آيا هئا. ليکڪ عورتن جي ڪپڙن ۽ زيورن وغيره جي تفصيل بيان ڪئي آهي.
مهيشوري پنهنجا تهوار مارواڙي ڪيلينڊر مطابق ملهائيندا آهن جيڪو گجراتي ڪئلينڊر سان به مطابقت رکندو آهي.
مهيشوري هندو آهن ۽ اهي پاڻ کي مهيش ڀڳوان، جيڪو شو جو ٻيو روپ آهي، جو اولاد چون ٿا ۽ ان ڪارڻ مهيشوري سڏجن ٿا. اهي شو ڀڳوان جي پوڄا ڪن ٿا پر وشنو سڏجن ٿا. ڀارت جي ٻين علائقن جيان هتي به هر شهر ۾ مندر آهي جيڪو سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪزبه هوندو آهي. گھڻن مهيشورين مرليڌر مندر ٺاهيا آهن. جئپور مان سنگ مرمر جا سهڻا بت انهن مندرن ۾ رکيا ويا آهن. انهن ۾ شري گنيش ۽ هنومان جي بتن رکڻ جي به گنجائش آهي. شهرن ۾ ماتا جي جا مندر ۽ مادي به آهن جتي ماڻهو نواتري جي ڏڻ وقت عبادت لاء ويندا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته جين مت جا ماڻهو ٿر ۾ ننگر پارڪر کان سواء ٻئي ڪنهن علائقي ۾ نه هئا جڏهين ته مهيشوري ننگر پارڪر ۾ نه هئا. ان ڪري مهيشورين ۽ پشڪر جي برهمڻن تي جين مت جو ڪو اثر نه ٿيو.
ليکڪ شادي، موت، ٻار جي ڄمڻ ءَ مهمانن جي تواضع وغيره جي رسم رواجن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اهي ماڻهو محنتي ۽ هميشه متحرڪ رهيا آهن. موجوده دور ۾ جديد تعليم جي حصول ۽ شهرن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪري گھڻن رسم رواجن ۽ لباس وغيره ۾ تبديليون به واقع ٿيون آهن پر انهن پنهنجي خوراڪ وغيره جي لحاظ کان پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکيو آهي.