آرايس ايس ۽ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌ
آر ايس ايس جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ ڪردار متعلق خاص طور لکت ۾ نهايت گھٽ ڄاڻ آهي. ورهاڱي کانپوء ڀارت ۾ به ان کي سنڌي هندن جي هڪ ٿوري تعداد هئڻ ڪري گھٽ اهميت ڏني ويئي آهي. ليکڪا ريٽا ڪوٺاري جو چوڻ آهي ته ان تنظيم جو خاص طور چاليهہ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي جنهن جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان جو اڳواڻ گوالڪر 1943 کان 1947 تائين هر سال سنڌ ايندو هو جڏهين ته ان وقت گانڌي سنڌ اچڻ ڇڏي ڏنو هو. ورهاڱي کان هفتو اڳ آخري ڀيرو سنڌ اچڻ سندس پوئلڳن جي يادگيرين ۾ واضح طور موجود آهي. گھڻي ڀاڱي زباني ورتل انٽروين جي بنياد تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون RSS in Sindh- 1942-48 ۾ هن ان سڄي صورتحال جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي. اهو مضمون، سندس چواڻي، انهن هندن جي يادگيرين تي ٻڌل آهي جن نوجواني ۾ آر ايس ايس جي شاخن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڻ سان ڀارت ۾ ان جون واضح يادگيريون کڻي آيا.
1920 کان 1940 تائين جو عرصو سنڌ ۾ مسلمانن ۽ هندن ۾ ويڇن وڌڻ جو عرصو آهي جڏهين مسلم ليگ ۽ هندو مهاسڀا جهڙين نان سيڪيولر تنظيمن کي سنڌ ۾ تقويت ملي ۽ مسلم ليگ ۽ آر ايس ايس جي ڪاميابين جي ڪري سنڌي مسلمانن ۽ هندن ۾ اختلاف واضح ۽ وڌڻ شروع ٿيا.
آر ايس ايس جي سنڌ ۾ اثر رسوخ جو اندازو ليکڪ جيئنت راولاڻي جي ان مضمون مان لڳائي سگھجي ٿو ته رڳو ڪراچي شهر ۾ آرايس ايس جون 41 شاخون هيون. ان کانسواء سنڌ جي هرتعلقي ۾ ان جي شاخ هئي. اها نوجوانن لاء خاص ڇڪ جو باعث هئي. ليکڪا کي غيرمتوقع طور هڪ ڏينهن سندس پي، جنهن ايستائين کانئس سڀ لڪايو هو، کيس پنهنجي آرايس ايس سان تعلق ۽ ڪم متعلق ٻڌائي ٿو. هن ۽ سندس ڀاء شڪارپور ۽ سکر ۾ ان تنظيم سان ڪم ڪيو هو. گجرات ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪ جيئنت راولاڻي جو چوڻ آهي ته ان وقت ائين لڳندو هو ته هر هندو سنڌي سنگھي آهي. اهو وڌاء نه هو پر هر سنڌي مرد جو شاخ سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو هو. اهي ڀارت جيڪي يادون کڻي آيا ان جو سڌو يا اڻ سڌو اثر انهن جي ٻارن تي پيو. گھڻو واڌارو 1945 ۽ 1948 جي عرصي دوران ٿيو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته سنڌي هندن جي ڪردار کي ڀارت ۾ سندن هڪ ٿورائي هئڻ ڪري به نظرانداز ڪيو ويو آهي.
جڏهين اڳتي هلي ننڍي کنڊ جو ورهاڱو هڪ حقيقت بڻجي ويو ته آرايس ايس جي سرگرم ڪارڪنن جي ٽيم، جيڪا ايڪويهہ ڄڻن تي مشتمل هئي، آڏو فوري طور ٻه مقصد هئا. هڪ ته سنڌي هندن، جن منجھن اعتماد ڪرڻ شروع ڪيو هو، کي حفاظت سان سنڌ مان ڪڍي ڀارت پهچائجي ۽ ٻيو لڏڻ کان اڳ هندن جي مال ملڪيت جي جيڪا ڦرمار ڪئي ويئي هئي ۽ ان کي نقصان پهچايو ويو هو ان جي پلاند لاء ڪجھ سرڪاري عمارتن کي بم سان تباه ڪجي.
ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ شڪارپور ڪالوني ۾ رائي بهادر تولارام جو بنگلو، جيڪو بظاهر شاگردن جي پڙهائي جو ڏيک ڏيندو هو، انهن همراهن جي لڪڻ لاء هڪ محفوظ جاء بڻجي ويو. اهو معاملو ائين ئي هلندو آيو. 14 آگسٽ 1947 تي اتفاق سان هڪ بم ڦاٽي پيو جنهن ۾ ٻه ڄڻا پرڀو بدلاڻي ۽ واسديو مارجي ويا جڏهين ته هڪ کانسواء باقي ڀڄي ويا. گرفتار ٿيل ماڻهو جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ته هو ڪير هو. ان جي سڃاڻپ متعلق مختلف ۽ متضاد رايا آهن ۽ ان کي نيٺ 1949 ۾ جنگي قيدين جي ڏي وٺ ۾ آزاد ڪيو ويو. جيوت راولاڻي پنهنجي هڪ مضمون ۾ سنڌ ۾ آرِايس ايس جي حاوي ٿيڻ متعلق لکندي خاص طور شڪارپور ڪالوني جي بم ڌماڪي جو ذڪر ڪري ٿو. ان ڪيس تي آتما رام ڪلڪرني جي ايل ڪي آڏواڻي جي زندگي جي ڪٿا ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي. ان ذڪر ڪرڻ جو مقصد ڪلڪرني پاران آڏواڻي جي همت کي ظاهر ڪرڻ لاء ان جي شڪارپور بم ڪيس ۾ شرڪت کي ڏيکارڻ هو. پر آڏواڻي جي شرڪت جي ڪنهن ٻئي ذريعي کان پڪ نه ٿي آهي. بهرحال بليدان ڪي بلديوي نالي هڪ نامعلوم پمفليٽ ۾ انهن ٻن ڄڻن جي تصوير ڏني ويئي آهي جيڪي ان ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا.
ليکڪا جي انهن 21 ڄڻن مان ٻن سان ڀارت ۾ ملاقات ٿي. انهن مان جمت مل واڌواڻي، جيڪو هن وقت ممبئي ۾ رهي ٿو، ان وقت حيدرآباد آر ِايس ايس جو سيڪريٽري ۽ بم ڪيس جو اهم ڪردار هو. هن ان ۾ پنهنجي ڪردار جي تصديق ڪئي پر وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هو ڀارت اچڻ کانپوء سنڌ مان آيل ايل ڪي آڏواڻي ۽ ڪير آر ملڪاڻي سان گڏ جنسنگھ ۽ بي جي پي وغيره ۾ سرگرم رهيو جڏهين ته ٻيو همراه هريش وزيراڻي ڀارت وڃڻ کانپوء غير سرگرم ٿي ويو.
سنڌ ۾ آر ايس ايس جي اثر رسوخ وڌڻ ۾ هندن جي سماج سڌارڪ تحريڪن ۽ خاص طور آريه سماج جو وڏو هٿ آهي. جيتوڻيڪ آريا سماج جي باني ديا رام سرسوتي جو واسطو گجرات سان هو ۽ هن وقت به گجرات ۾ آريه سماج جي ميمبرن جو تعداد اٺ هزار آهي. پر ان جو گھڻو اثر رسوخ پنجاب ۾ هو جتي هندن جي وڏي تعداد عيسائيت ۽ سک ڌرم اختيار ڪري رهي هئي. سنڌ ۾ اهو مسئلو هو ته 1920 جي ڏهاڪي ۾ هندو ۽ مسلمان ٻيئي پنهنجي تعداد وڌائڻ ۾ رڌل هئا. ان صورت ۾ هندو عاملن جو وڏي تعداد ۾ مسلمان ٿيڻ هندن لاء هڪ تشويش جي ڳالهہ هئي. لاڙڪاڻي ۾ گھڻا هندو جيڪي مسلمان ٿي شيخ ٿي ويا هئا پر انهن جا رسم و رواج هندو ۽ مسلمانن جا گڏيل سڏيل هئا. ساڳي ريت ورهاڱي وقت شڪارپور ۾ جيڪي هندو لڏپلاڻ کان بچڻ ۽ پنهنجي مال ملڪيت بچائڻ لا۽ مسلمان ٿيا هئا انهن به رڳو نالي ۾ مذهب تبديل ڪيو هو جڏهين ته ان جي طور طريقن تي عمل نه ڪندا هئا. ان مسئلي هندن ۽ مسلمانن ۾ گھڻا اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ٿارومل ماکيجاني جو ڪيس ذڪر جوڳو آهي جيڪو مسلمان ٿيڻ کانپوء وري هندو ٿيڻ چاهي پيو. ان معاملي تي هندن جي پنچائت پاڻ ۾ ورهايل هئي ته ان کي اها اجازت ڏجي يا نه.
آريا سماج 1875 ۾ قائم ٿي. اها هندن کي ويدن واري وقت ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ هندن جي مذهب ڇڏڻ کي روڪڻ جي تحريڪ هئي. ان جو مقصد سڀني ذاتين جي هندن سان ساڳيو ورتاء ڪرڻ ۽ پرانن کان اڳ ويدن جي وقت جو احياء ڪرڻ هو. سنڌ ۾ هندن کي مذهب ڇڏڻ کان روڪڻ لاء ديارام گدومل سوامي شردانند کي 1893 ۾ لاهور ۾ خط لکي سنڌ اچڻ جي درخواست ڪئي. آريا سماج جي سنڌ ۾ پهرين گڏجاڻي 1893 ۾ ٿي هئي. ٻه پنڊت ليکراجاني آريا ۽ پورن آنند ان سلسلي ۾ سنڌ پهتا. اهي ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا شل نه انهن کي ڪنهن جي مسلمان هئڻ جي رڳو ارادي متعلق ڪا خبر پئي ته ان جي پويان پئجي ويندا هئا. آريه سماج پاران شدي جي طريقي وسيلي وڏي پئماني تي نون مسلمان ٿيل هندن کي وري هندو ڪرڻ جيئن 1905 ۾ لاڙڪاڻي جي شيخن کي آريا سماج جي سکر شاخ پاران وري هندو ڪرڻ، لڌيانه پنجاب ۾ لبانا ۽ اجمير ۾ مارواڙين جا ڪيس ذڪر جوڳا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ اهڙي عورت جو ڪيس ذڪر جوڳو آهي جنهن کي مسلمان ٿئي ۽ شادي ڪرڻ کي چوڏنهن سال گذري ويا هئا ۽ کيس گھڻا ٻار به هئا. ليکڪا جو چوڻ آهي ته آريه سماج جي انهن سرگرمين جي ڪري هڪ پاسي هندو ۽ مسلمانن ۾ ويڇا پيدا ٿيا ۽ خاص طور لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد ٿيا. ائين چئي سگھجي ٿو ته آريا سماج هڪ لحاظ سان آر ايس ايس لاء واٽ هموار ڪئي.
آر ايس آيس جو شروع ۾ گھڻو اثر رسوخ مقامي سنڌين ۾ نه پر مارواڙين ۾ هو. ان جو گھڻو زور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هوندو هو ۽ ڪم ڪرڻ جو طريقو پرامن هوندو هو. اهي ماڻهن کي لسي، کير ۽ مٺائي ڏيئي پاڻ ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهي پاڻ کي هڪ سياسي تنظيم جي بجائي هڪ ثقافتي تنظيم ڪري پيش ڪندا هئا. گھڻن نوجوانن ان ڏانهن وڃڻ جو مقصد مسلمانن کان پنهنجو بچاء هوندو هو جيڪي کين تنگ ڪندا هئا. ڊرل، لاٺي ۽ ڪاٺي جي مشق انهن جي تربيت جو حصو هوندا هئا. پوء انهن ننڍا ننڍا هٿيار ٺاهڻ پڻ شروع ڪيا. ان دوران حيدرآباد جي نول رام هيرا نند اڪيڊمي پاران سيالڪوٽ جي راج پال پوري جي سنسڪرت جي استاد طور تقرري آرايس ايس کي سنڌ ۾ اڳتي وٺي وڃڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان پوري کي هندو نوجوانن کي متاثر ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. انهن نوجوانن ۾ ايل ڪي آڏواڻي به شامل هو. پوري کي شري جي لقب سان سڏيو ويندو هو. منزل گاه جي فسادن وقت ان کي به گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوء آزاد ٿيڻ کانپوء سندس مقبوليت ۾ اڃا واڌارو ٿي ويو هو. 1940 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ آرِايس ايس جي شاخن ۽ رڪنيت ۾ اهم واڌارو ٿيو.
سنڌي هندن ۾ اهو تاثر ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو ٿي ويو ته ڪانگريس خاص طورورهاڱي جي حمايت ڪري ساڻن دوکو ڪيو هو ۽ اها سنڌ ۾ سندن حقن جي حفاظت نه ٿي ڪري سگھي. ان جي ڪري گھڻا سنڌي ڪانگريس کان ڌار ٿي آرايس ايس ۾ شامل ٿيا.
جڏهين ته آرايس ايس انهن ماڻهن جي ڦٽن تي ڦاهو رکڻ جو ڪم ڪندي هئي. ائين نه هو ته اهي ٻيئي جماعتون هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ ئي هجن پر گھڻن معاملن جهڙوڪ سنڌي هندن کي حفاظت سان ڀارت موڪلڻ وغيره ۾ اهي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪنديون هيون. جيتوڻيڪ ان جا سياسي مقصد هوندا هئا پر آر ايس ايس پاڻ کي هڪ ثقافتي تنظيم سڏائيندي هئي. اهڙي ريت ڪانگريس جو هڪ ثقافتي پاسو هوندو هو پر اها هڪ سياسي جماعت هئي. پر ساڳي وقت ڪانگريس جي مخالفت آر ايس ايس لاء فائديمند هئي. لڪشمن داس ماکيجا ٻڌائي ٿو ته جڏهين نهرو سنڌ جو دورو ڪيو ته هن اتي وڃڻ ڇاهيو ٿي پر کيس سندس شاخ پاران اتي وڃڻ کان سختي سان روڪيو ويو.
جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي سڀني هندن لاء نه ٿو چئي سگھجي پر مسئلو آر ايس ايس جي رڪنيت ۽ ان جي شاخن جي تعداد کان وڌيڪ اهو هو ته ان جي نظرئي گھڻن سنڌين کي متاثر ڪيو هو ۽ اهي ڀارت لڏڻ وقت اها ميراث پاڻ سان کڻي ويا. ان جا اثر ايندڙ نسلن تائين آيا جن کي واضح طور اڄ جي ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ڏسي سگھجي ٿو.