عزيز ڀنگوار ۽ سندس ڪتاب
عزيز ڀنگوار جي ڪتاب ”مان ڏوهي هان“ جو ڪافي ذڪر ٻڌو هو ۽ اهو پڙهڻ به چاهيو پئي. تازو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اهو ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو ڪتاب هڪ اهڙي شاگرد جي ڪٿا آهي جيڪو پنهنجي ڪاليج جي شروع ڏينهن کان بجائي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ جي اهڙي قوم پرست سياست جي ور چڙهي ٿو وڃي جنهن ۾ تشدد، ڀتا خوري ۽ ڪاپي ڪري يا ٻين کان پيپر حل ڪرائي پاس ٿيڻ هڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن جي بهادري جي نشاني سمجھي وڃي ٿي. اهڙي ريت هو يونيورسٽي پهچي ٿو. اتي به فائرنگ ڪرڻ، وي سي جي آفيس تي قبضو ڪرڻ ۽ مهاجر شاگردن کي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جهڙيون سرگرميون سندس معمول هجن ٿيون. ان جو انت ان ڳاله تي ٿئي ٿو جڏهين يونيورسٽي جي ڪنووڪشن ۾ بيگم رعنا لياقت جي بيعزتي ڪئي وڃي ٿي، حفيظ پيرزادي کي اسماعيل وساڻ چماٽ هڻي ٿو ۽ فائرنگ ۾ پوليس جي هڪ سپاهي جي موت ٿي وڃي ٿي.
ان ڪيس ۾ عزيز، جيڪو يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هجي ٿو، سميت ڪجھ شاگرد گرفتار ٿين ٿا. ان کان اڳ به هو جيل ۾ رهي چڪو هو. ڪافي عرصو جيل ۾ رهڻ، جنهن دوران هو پنهنجي پي جي چوڻ تي معافي نامو به صحيح ڪري ڏئي ٿو پر آزاد نه ٿو ٿئي، کانپوء هو آزاد ٿئي ٿو پر پوليس لاڳيتو سندس گھر وارن کي تنگ ڪندي رهي ٿي. نيٺ سندس جند تڏهين آجي ٿئي ٿي جڏهين هو غلام مصطفا جتوئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو، سان ملي سندس لاء ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿو. هو جتوئي کان ٽرڪن ۽ بسن وغيره جون پرمٽون وٺي ٿو ۽ پنهنجن مائٽن وغيره کي نوڪريون وٺي ڏئي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جتوئي جي چوڻ مطابق ڪم ڪري ٿو. کيس رسول بخش تالپور جي جلسي ۾ موڪليو وڃي ٿو ته جيئن سندس حڪومت خلاف تقرير جي بنياد تي تالپور کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته اتي پهچي هن ڏٺو ته هو اڪيلو نه پر هتي ته سندس جهڙن ماڻهن جو وڏو تعداد هو جيڪي حڪومت لاء ڪم ڪن ٿا. پر هو رڳو شاه محمد شاه جو ذڪر ڪري ٿو جنهن اتي حڪومت خلاف زوردار تقرير ڪئي ۽ کيس لڳو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جي ضرورت نه هئي. بهرحال ان کانپوء تالپور کي گرفتار نه ڪيو ويو.
هو جتوئي جي سفارش تي ايڪسائز آفيسر ٿئي ٿو پر سندس چواڻي ته کيس انگريزي جا ٻه اکر به لکڻ نه ٿي آيا هو ۽ پنهنجن ماتحتن جو محتاج هجي ٿو. ڳوٺ ۾ هڪ ذاتي جھيڙي ۾ جيڪي کيس ڌڪ لڳن ٿا انهن جي ڪري هو سڄي عمر لاء معذور ٿي وڃي ٿو.
ليکڪ جو اعتراف جيتوڻيڪ جتوئي جو ماڻهو ٿيڻ ۽ حڪومت سان ٺهي هلڻ ۽ ان مان فائدا وٺڻ متعلق آهي پر منهنجي خيال ۾ هو ان کان اڳ يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙي سياست جو حصو رهيو جنهن جي ڪري يونيورسٽي هڪ ڊگھي عرصي لاء تشدد ۽ نسل پرستي جي ور چڙهي ويئي. مهينن تائين تعليمي سرگرميون بند رهنديون هيون. تعليم جو معيار ڪري پيو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڊگھي عرصي تائين هڪ وڏو نقصان کڻڻو پيو. اها هڪ لحاظ کان ڄڻ هڪ اهڙي ماڻهو جي شاهدي آهي جيڪو ان سڀڪجھ جو حصو رهيو آهي.