مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ جي آتم ڪٿا

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ جي آتم ڪٿا

تازو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جي ٻي جلد ميري دنيا پڙهڻ جو موقعو مليو. پهرين جلد در در ٺوڪر کائي گھڻو عرصو اڳ پڙهي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي 1952 ۾ يارنهن سالن جي عمر ۾ ڀارت جي ٽونڪ شهر مان حيدرآباد اچي رهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳي ريت هن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اتي تاريخ جي استاد طور پڙهائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جي ماحول، شاگردن جي ساڻس ورتاء ۽ خاص طور ٻن وائس چانسلرن، غلام مصطفا شاه ۽ شيخ اياز سان سندس ناتن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻي جلد ۾ هن پنهنجي زندگي جي مختلف موضوعن کي کنيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته ننڍپڻ ۾ سندس مذهب ڏانهن گھڻو لاڙو هو. هو پابندي سان نماز پڙهندو هو. رستي پنڌ هلندي نماز جي وقت کيس جيڪا ويجھي مسجد ملندي هئي، ان ۾ نماز پڙهڻ لاء هليو ويندو هو. ڪڏهين ڪڏهين ٻيا کيس ٻڌائيندا هئا ته هو ٻي مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪري. هڪ ڀيري هو ڪوئيٽا ۾ احمدين جي عبادت گاه ۾ هليو ويو جتي کيس پيار سان سمجھايو ويو ته اها جاء سندس لاء نه هئي ۽ هو ٻي مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪري. وقت سان گڏ هو مذهب کان پري ٿيندو ويو.
ڊاڪٽر مبارڪ 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان رٽائرمنٽ وٺي مستقل طور لاهور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي پر حيدرآباد سان سندس هڪ جذباتي تعلق ۽ واسطو باقي رهيو.
هو وقت بوقت مختلف موقعن تي حيدرآباد ايندو رهيو آهي. کيس ان ڳالهہ جو ڏک آهي ته شهر اڳ جيان نه رهيو آهي. اڳ ڪشادہ روڊ ۽ رستا هوندا هئا، شام ٽاڻي هير پئي گھلندي هئي ۽ منگھن وارا هوادار گھر هوندا هئا. هن وقت شهر ۾ رش وڌي ويئي آهي، پنڌ هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ منگھ ختم ٿي ويا آهن. کيس هڪ ٻي اها به شڪايت آهي ته حيدرآباد کي ڪراچي کائي ويو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته هو اهو ٻڌائي ٿو ته ويجھڙائي جي ڪري شهر جي سڄي تفريح ۽ رونق ڄڻ ڪراچي منتقل ٿي ويئي آهي. جڏهين ته ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته هتي جيڪي سندس دوست هوندا هئا ۽ جن سان ويهي روح رهاڻ ڪبي هئي انهن مان گھڻن ڪراچي وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
پنهنجن پراڻن دوستن ۾ هو خاص طور ظفر حسن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو ان وقت يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي ۾ استاد هو. اهي ٻيئي علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. پر سندس چوڻ آهي ته جڏهين هو جرمني مان موٽيو ته ظفر حسن بلڪل ئي بدليل هو. هو پڪو قوم پرست ٿي ويو هو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ان ۾ سيد سبط حسن ۽ غلام مصطفيٰ شاه به شريڪ هئا. ان گڏجاڻي ۾ ظفر حسن تقرير ڪندي چيو ته اڙدو هڪ پرماري ٻولي آهي ۽ ان سنڌي جو استحصال ڪيو آهي. ان تي سيد سبط حسن جو چوڻ هو ته ٺيڪ آهي ته اڙدو جيڪڏهين اهو ڪردار ادا ڪيو آهي ته پوء اڄ کان اسان اڙدو جا مخالف ٿي ٿا وڃون پر ڊاڪٽر مبارڪ ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي اسٽيج تي ويٺل غلام مصطفيٰ شاه ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سنڌي کي اڙدو نه پر سنڌ جي اهڙن وڏيرن نقصان پهچايو آهي جڏهين ته غلام مصطفيٰ شاه هڪ روايتي تقرير ڪئي.
ڊاڪٽر مبارڪ ان آتم ڪٿا ۾ ٻين گھڻن دوستن جو ذڪر ڪيو آهي پر انهن ۾ حمزه علوي کي هو خاص طور ياد ڪري ٿو. حمزه علوي کيس ٻڌايو هو ته اڙدو ۾ ڪمزور هئڻ ڪري اڙدو جي استاد کيس زور سان ديوار سان هنيو هو جنهن جي ڪري کيس اڙدو کان نفرت ٿي ويئي هئي. هو ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ جي گھر جو فرد هو. هن کيس پنهنجين لکڻين کي اڙدو ۾ ترجمي ڪرائڻ لاء چيو هو. ان ڪم جي نگراني لاء هن کيس معاوضو ڏيڻ چاهيو ٿي جيڪو هن وٺڻ کان انڪار ڪيو پر هن جي بيروزگار هئڻ ڪري هو وقت بوقت سندس کيسي ۾ پئسا وجھندو رهندو هو ۽ سندس ڌيئرن کي به ڏيندو هو. هو لاهور جي عبدالله ملڪ ۽ ٻين ڪجھ دوستن جو به ذڪر ڪري ٿو.
جرمن ٻولي ۽ ڪلچر سان واقفيت هئڻ ڪري کيس لاهور جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. هو نوڪري کي هونئن ئي هڪ غلامي سمجھي ٿو ۽ برابري جي سطح تي ورتاء جو قائل آهي. پر اها ڳالهہ پاڪستان ۾ ته ممڪن ناهي جنهن جو تجربو کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيوهو پر هو چئي ٿو ته جرمني ۾ به باس اها توقع ڪندو آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي ۽ هر حڪم مڃيو وڃي. جيستائين ڪراچي ۾ شرر ڊائريڪٽر هو تيستائين معاملو خوشگوار نموني هلندو رهيو. سندس وڃڻ کانپوء نئين ڊائريڪٽر سان ناتن جي اها نوعيت نه رهي ۽ کيس اتان استعفا ڏيڻي پئي جڏهين ته لاهور جو گوئٽي انسٽيٽيوٽ به ڪجھ عرصي کانپوء بند ٿي ويو. ان کانپوءِ هن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو پر پنهنجي اصولن تي ٺاه نه ڪرڻ جي عادت جي ڪري هو ڪٿي ٽڪي نه سگھيو ۽ گھڻين جاين تي سندس خيالن جي ڪري کيس ٽڪڻ نه ڏنو ويو. هو مختلف اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ پڻ لکندو رهيو. سندس چوڻ آهي ته کيس ڊان پاران ته سندس مضمونن جي باقاعدي ادائيگي ٿيندي هئي جڏهين ته جنگ گروپ پاران ائين نه ٿيندو هو.
هن پنهنجي مختلف ملڪن جي ياترا جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ڀارت جي حوالي سان هو ٻڌائي ٿو ته شروع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ اچ وڃ تي گھڻيون پابنديون نه هيون. هتي اچڻ کانپوء سندس ماء هڪ ڀيرو پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاء اتي ويئي هئي ۽ خيريت سان موٽي آئي هئي. اها صورتحال 1965 جي جنگ کانپوء بدلجي ويئي. جيتوڻيڪ کيس اتي ڪانفرنسن وغيره جي دعوت ملي ٿي پر هاڻي ڀارت جو ويزا ملڻ هڪ ڏکيو مسئلو آهي. جڏهين سندس ڌي عطيه کي جواهر لال يونيورسٽي جي تاريخ جي شعبي ۾ داخلا ملي هئي ته هو ۽ سندس زال ۽ ٻار پڻ ڀارت ويا هئا. کيس پاڻ جواهر لال يونيورسٽي جي فيلوشپ جي آڇ ٿي هئي پر بي جي پي جي حڪومت ۾ اها منظور نه ٿي سگھي ۽ ٻنهي ملڪن جي تنازعن جو شڪار ٿي ويئي. سندس ٻه ڌيئرون آمريڪا ۾ آهن ۽ هو ٽي ڀيرا اتي ويو آهي. انگلينڊ به سندس اکين جي چڪاس وغيره لاء وڃڻ ٿيو آهي.
آتم ڪٿا مان هڪ ته اها ڳالهہ ظاهر ٿئي ٿي ته هو پنهنجي مزاج ۽ خيالن جي ڪري خاص طور هتان جي ماحول سان مطابقت پيدا نه ٿو ڪري سگھي جنهن جي ڪري کيس تڪليفون به سهڻيون پئن ٿيون ۽ فرسٽريشن به ٿئي ٿي. ٻي ڳالهہ ته کيس اهو احساس به آهي ورهاڱي کانپوء جيڪي ماڻهو هتي لڏي آيا آهن انهن کي قبوليت نه ٿي ملي ۽ هتان جا ماڻهو انهن کي پنهنجو نه ٿا سمجھن ٿا. آتم ڪٿا جي پهرئين جلد ۾ به هن ان ڳالهہ جو اظهار ڪيو آهي ته پنهنجي وطن مان ته نڪتا آهيون هاڻي الائي اسان کي ڪٿي ڪٿي ڌڪا کائڻا پوندا. ان ساڳي ڳالهہ جو اظهار هن هن جلد ۾ مولانا آزاد جي حوالي سان ڪيو آهي ته جڏهين سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن ۾ قوم پرستي زور وٺندي ته اهي اوهان کي ناپسند ڪرڻ لڳندا. سندس چوڻ آهي هن وقت به پنجاب ۾ مهاجرن کي ڀيا ۽ سنڌ ۾ انهن کي نفرت وڃان مڪڙ چيو وڃي ٿو.
هڪ ذهين ۽ قابل ماڻهو پر ساڳي وقت ڏک ۽ مسئلن ۾ ورتل ۽ فرستريشن جو شڪار. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر مبارڪ لاء اها ڳالهہ اطمينان جو باعث هئڻ گھرجي ته کيس هڪ عوامي تاريخ دان جو رتبو حاصل آهي ۽ کيس جيڪڏهين مقتدر طبقن پاران رد ڏنو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي کيس نوجوان ۽ عام ماڻهو عزت ڏين ٿا. ان ڳالهہ ۾ ڪو شڪ ناهي ته تاريخ جي حوالي سان سندس ڪم ساراهڻ جوڳو آهي.