مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

ڊاڪٽر ۽ مهاتما

ڊاڪٽر ۽ مهاتما

ذات پات جو مسئلو هندوستان جي سماج ۽ سياست جو هڪ اهم مسئلو رهيو آهي. خاص طور آزادي جي تحريڪ هلندي ان جي اهميت اڃا وڌي ويئي هئي. ان مسئلي کي مهاتما گانڌي پنهنجي نموني حل ڪرڻ چاهيو ٿي پر بي آر امبيدڪر، جنهن جو واسطو مهر ذات سان هو، جنهن کي گھٽ ليکيو وڃي ٿو، ان سان متفق نه هو ۽ هن پنهنجي هڪ مضمون Annihilation of Caste ۾ پنهنجو ڌار موقف پيش ڪيو. ارون دتي رائي انهن ٻنهي جي موقف جو تقابلي ۽ تنقيدي جائزو پنهنجي ڪتاب The Doctor and The saint ۾ ورتو آهي.
هندوستان جي آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان امبيدڪر ۽ گانڌي هڪ ٻئي جا مخالف هئا ۽ سندن اختلاف حل ٿيڻ جوڳا نه هئا. امبيدڪر گانڌي سان نه رڳو سياسي ۽ مذهبي اختلاف رکيا پر هن ساڳي وقت کيس اخلاقي طور به چئلينج ڪيو. هن اهو سوال اٿاريو ته گانڌي ٻن جوان ڇوڪرين کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿو ۽ پنهنجي سهپ کي آزمائڻ لاء انهن کي پاڻ سان گڏ سمهاري به ٿو، ان سان سندس سهپ جو اندازو ته ٿئي ٿو پر هن ڪڏهين ان ڳاله کي ڏٺو آهي ته هڪ انسان طور ان جو انهن ڇوڪرين تي ڪهڙو اثر پوندو هونڌو. چيو وڃي ٿو ته امبيدڪر 1931 ۾ جڏهين پهريون ڀيرو گانڌي سان مليو هو ته گانڌي کانئس سندس ڪانگريس تي سخت تنقيد متعلق سوال ڪيو هو جنهن جو مطلب هو آزاد وطن لاء جدوجهد تي تنقيد ڪرڻ ته امبيدڪر کيس اهو مشهور جواب ڏنو هو ته گانڌي جي منهنجو ڪو وطن ناهي، ڪو به نالي وارو اڇوت ان ڌرتي کي پنهنجو وطن چوڻ ۾ فخر محسوس نه ڪندو.
ذات پات جي حوالي سان اها نئين بحث ناهي. امبيدڪر صدين پراڻي ذات پات مخالف روايت جو امين آهي. ذات پات جو بڻ بنياد ٻارنهن سو کان نو سو قبل مسيح ۾ رگ ويد ۾ لکيل پروشا سڪتا گيت ۾ ملي ٿو جنهن کي اٽڪل هڪ هزار سال کان پوء ٻه سو کان هڪ سو سال قبل مسيح ۾ آيل ٻڌ مت چئلينج ڪيو جن ذات پات کان ڌار ٿي پنهنجا سنگھا قائم ڪيا جن ۾ ذات پات جي فرق کانسواء ڪو به اچي سگھيو ٿي پر ان سان گڏ ذات پات جو نظام پڻ هلندو رهيو. ٻارنهين صدي جي وچ ڌاري ڏکڻ هندوستان ۾ بساوا جي اڳواڻي ۾ ويرا شيواس ذات پات جي نظام کي چئلينج ڪيو پر کيس ڪچليو ويو. چوڏنهين صدي ٰ۽ ان کانپوء ڀڳتي روايت جي ذات پات مخالف پيارن شاعرن بزرگن ڪوکميلا، روي داس، ڪبير، ٽڪا رام، ميرا ۽ جنا ڀائي کي اڃا به ڳايو ۽ سندن احترام ڪيو وڃي ٿو. اوڻهوين ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ اولهندي هندوستان ۾ جوتيبا ڦلي ۽ سندس ستياشودڪ سماج سامهون آيو. شايد هڪ مرهٽي برهمن پنڊيتا راماڀائي هندوستان جي پهرين فيمنسٽ هئي جنهن هندوازم کي رد ڪري عيسائيت اختيار ڪئي ۽ پوء ان کي به چئلينج ڪيو. اهڙي ريت ڪافي شخصيتن جا نالا ملن ٿا جن ان سلسلي ۾ ڪم ڪيو جڏهين ته امبيدڪر جي همعصرن ۾ مدراس پريزيڊينسي جي اي وي راماسوامي نيڪر، بنگال جي جوگندر ناٿ منڊل ۽ پنجاب جي منگورام کي ڳڻي سگھجي ٿو.
گانڌي ۽ امبيدڪر جي موقف جو پنهنجو سياسي ۽ سماجي پس منظر هو. مهاتما گانڌي جو واسطو وئش يا بنيا ذات سان هو. هن هڪ وڏو عرصو ڏکڻ آفريڪا ۾ گذاريو هو. هتي هن جيتوڻيڪ نسلي مت ڀيد ۽ امتيازي ورتاء خلاف جدوجهد ڪئي هئي پر ان سلسلي ۾ هن ڪجھ حد بنديون رکيون هيون. پهرين ڳاله ته هن ان کي رڳو اتي رهندڙ هندوستانين تائين محدود ڪيو هو ۽ ٻي ڳاله ته ان سلسلي ۾ به هن انگريزن تي اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته سندس گورن جي زرعي فارمن تي ڪم ڪندڙ هندوستاني مزدورن، جن کي قلي چيو ويندو هو۽ جن سان انتهائي غير انساني ورتاء ڪيو ويندو هو، سان ڪو واسطو ناهي ۽ هو رڳو اعلا طبقي جي هندوستانين لاء مساوي ورتاء گھري ٿو. ساڳي وقت انگريزن سان پنهنجي وفاداري ڏيکارڻ لاء هو زولو قبيلي، جن انگريزن جو سخت مقابلو ڪيو هو، سان ويڙه ۾ انگريزن سان گڏ هو. اهڙي ريت گورن جي پاڻ ۾ جنگ، بوئر وار ۾ هن انگريزن جي مدد ڪئي. موٽ ۾ هن جنگ ختم ٿيڻ کانپوء هندوستانين لاء جيڪي رعايتون گھريون ٿي اهي انگريز کيس ڏيڻ لاء تيار نه هئا.
ساڳي ريت جڏهين هو 1915 ۾ هندوستان آيو ته هتي ذات پات وارو سوال سندس آڏو آيو. سندس چوڻ هو ته اهو نظام باقي رهڻ گھرجي. ان جو بنياد پيشي ۽ ڪم تي آهي ۽ اهو هندوستان جي ڳوٺاڻي سماج جي بقاء ۽ ترقي لاء هڪ بنياد فراهم ڪري ٿو. ساڳي وقت ان متعلق سندس هڪ آدرشي تصور اهو هو ته مختلف ذاتن جي وچ ۾ کاڌي پيتي، اٿ ويه ۽ ٻين سماجي معاملن ۾ تفريق نه هئڻ گھرجي جيڪا ڳاله نه رڳو اوچي ذات جي هندن لاء قبولڻ جوڳي نه هئي پر انهن ان ڳاله تي گانڌي تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو هو. هڪ سماج سڌارڪ جي طور تي گانڌي کي 1828 ۾ راجا رام موهن رائي جي برهمو سماج، سوامي ديانند سرسوتي جي 1875 ۾ قائم ڪيل آريا سماج ۽ 1897 ۾ سوامي ويوڪنند جي راما ڪرشنا مشن جو تسلسل چئي سگھجي ٿو.
هڪ اڇوت هئڻ جي ناتي امبيدڪر سان اسڪول ۽ ٻين جاين تي جيڪو ورتاء ڪيو ويو هو ان جي ڪري هن اهو موقف ورتو هو ته مسلمانن جيان اچوتن کي به ڌار نمائندگي ڏني وڃي. هن کي گانڌي جي حامين پاران برطانوي وائسرائي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي رڪن هئڻ ۽ پهرين گول ميز ڪانفرنس جي دعوت ملڻ ڪري، جڏهين ڪانگريس جا اڳواڻ لوڻ واري تحريڪ جي ڪري قيد هئا، انگريز جو ايجنٽ سڏيو ويو، اچوتن لاء ڌار نمائندگي جي گھر ڪرڻ ڪري عليحدگي پسند ۽ مسلم ليگ جي پاڪستان جي گھر جي حمايت ڪرڻ ۽ ڪشمير کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏيڻ ڪري قوم دشمن جا خطاب ڏنا ويا. امبيدڪر گول ميز ڪانفرنس، جنهن ۾ گانڌي به شريڪ هو، اچوتن کي ڌار نمائندگي ڏيڻ جي تجويز رکي هئي جنهن کي گانڌي جي مخالفت جي باوجود برطانوي حڪومت پاران قبول ڪيو ويو هو. ان فيصلي جي خلاف گانڌي بک هڙتال ڪئي هئي ۽ مرن ڀرت رکيو هو. امبيدڪر تي پنهنجي موقف تان هٽڻ لاء دٻاء وڌي ويو. سڄي ملڪ ۾ اوچي ذات جي ماڻهن گھٽ ذات وارن سان ميل جول وڌائي ڇڏيو ۽ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن ۾ ڪو فرق نه هو. گانڌي جي خراب ٿيندڙ حالت جي ڪري امبيدڪر کي مجبور ٿي ساڻس ٺاه ڪرڻو پيو جنهن تحت هن ڌار نمائندگي تان ته هٿ کنيو پر اڇوتن کي ٻن ووٽن جو حق ڏنو ويو جنهن تحت اهي عام چونڊن ۾ به حصو وٺي سگھندا ۽ سندن ڌار نمائدگي به هوندي.
امبيد ڪر جو اهو مشاهدو هو ته ذات پات جو نظام هندوستان جي سڄي سماج ۽ سڀني مذهبن ۾ سرايت ڪيل آهي. ان سان ڪو فرق نه ٿو پئي ته اڇوت پنهنجو مذهب بدلائي مسلمان يا عيسائي وغيره ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته اتي به ساڻن ساڳيو ورتاء ڪيو ويندو ۽ کين برابري جو درجو نه ڏنو ويندو. امبيدڪر جي پاڻ ٻڌ مت اختيار ڪرڻ ۽ ٻين اڇوتن کي به ان ڏانهن مائل ڪرڻ گانڌي کي ڪاوڙائي ڇڏيو هو. پر هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هندوستان جي سماج ۽ سياست ۾ گھٽ ذات وارن کي جيڪا اهميت ۽ حيثيت ملي ان ۾ امبيدڪر جي انهن ڪمن جو وڏو ڪردار آهي.
امبيدڪر جو اهم ڪم آزادي کانپوء نئين ملڪ هندوستان جو آئين تيار ڪرڻ هو. ان آئين ۾ هن جيتوڻيڪ گھٽ ذات وارن کي گھڻا حق ڏنا پر هو پاڻ ان مان مطمئن نه هو. ساڳي ريت ان جو هڪ پاسو اهو به آهي ته هن جيتوڻيڪ گھٽ ذات وارن جي مسئلن تي توجھ ڏنو ۽ ان جي لاء جدوجهد ڪئي پر آئين ۾ به ۽ هونئن به هن جھنگلن ۾ رهندڙ آديواسين جي مسئلن تي ڪو توجھ نه ڏنو ۽ انهن تي اڄ به اهي ئي قانون لاڳو آهن جيڪي انگريزن جي دور ۾ هئا. خير ان آئين ۾ وقت گذرڻ سان سڌارا آڻي سگھجن ٿا. ان سلسلي ۾ آمريڪي آزادي جي ابي ٿامس جيفرسن جو اهو قول ڏنو وڃي ٿو ته هر نسل آئين کي پنهنجين ضرورتن آهر ٺاهيندي نه ته ٻي صورت ۾ ته اهو مرده ماڻهن جو دستاويز بڻجي ويندو.
امبيدڪر ۽ گانڌي ٻيئي آزادي جي تحريڪ جا ٻه اهم ڪردار آهن ۽ انهن جو هڪٻئي سان تعلق به نهايت منجھيل رهيو آهي جنهن کي سولائي سان نه ٿو سمجھي سگھجي. اها ٻي ڳاله آهي ته گانڌي جو نالو تاريخ ۽ سياست ۾ هڪ نمايان حيثيت جو حامل رهيو آهي جڏهين ته امبيدڪر کي ايتري اهميت نه ملي سگھي آهي جيتري هو لهڻي ٿو ۽ جيترو ان جو حصو آهي.