وچ اوڀر جا عيسائي
وليم ڊارليمپل ڀارت ۾ گھڻو وقت رهيو آهي. هن دهلي ۽ خاص طور مغل دور جي حوالي سان گھڻا ڪتاب لکيا آهن. ساڳي وقت هو پنهنجي تحقيق ۽ مختلف ادبي ميلن وغيره جي سلسلي ۾ پاڪستان پڻ ايندو رهيو آهي. سندس ڪتاب From the Holy Mountain: A Journey in the Shadow of Byzantium ۾ تاريخي حوالي سان وچ اوڀر جي عيسائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي. سڄي وچ اوڀر ۾ رومن سلطنت جي دور ۾ بت پرستن جي گھڻائي هئي. رومن بادشاه ڪانسٽنٽائين پهرئين، جنهن 306 کان 337 عيسوي تائين حڪومت ڪئي هئي، سڄي عمر بت پرست جي طور گذاري هئي. هن 313 عيسوي ۾ عيسائين لاء سهپ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو جڏهين ته ان کان اڳ عيسائين سان چڱو ورتاء نه ڪيو ويندو هو ۽ اهي رياستي ڏاڍ جو شڪار هونڌا هئا. مرڻ گھڙي مهل هن عيسائي مذهب اختيار ڪيو. ان تبديلي جي ڪري رومن سلطنت جي گھڻن ماڻهن نئون مذهب اختيار ڪيو. اسلام جي اچڻ وقت وچ اوڀر ۾ عيسائين جي گھڻائي هئي. مسلمان حڪمرانن جيئن ته مذهبي معاملن ۾ گھڻي مداخلت نه ڪئي ان ڪري مسلمانن جي حڪومت هئڻ جي باوجود وچ اوڀر جي گھڻن ملڪن ۽ خاص طور بيت المقدس جي شهر ۾ عيسائين جي اها حيثيت برقرار رهندي آئي. پوء اهو سڄو علائقو 1453 ۾ قسطنطنيه يا استنبول جي ترڪن جي قبضي ۾ اچڻ کان اڳ تائين بازنطيني سلطنت جو حصو هو. ان کان پوء جي دور ۾ جيڪي تبديليون واقع ٿيون ۽ خاص طور قسطنطنيه تي ترڪن جي قبضي، اسرائيل جي قيام ۽ اسلامي بنياد پرستي جي فروغ جي ڪري ان صورتحال ۾ تبديلي واقع ٿي آهي. گھڻن ملڪن مان عيسائين جي گھڻائي اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي ويئي آهي ۽ لڏي رهي آهي جنهن جي ڪري هن وقت اٽڪل وچ اوڀر جي سڀني ملڪن ۾ اهي ٿورائي ۾ آهن.
ليکڪ پنهنجي تحقيق جو بنياد هڪ راهب جان ماشوس، جنهن پنهنجي هڪ ساٿي سوپرنيئس سان گڏ انهن علائقن جو سفر ڪيو هو، جي ڪتاب Spiritual Meadow تي رکيو آهي. بازنطيني سلطنت ڄڻ آرٿوڊوڪس عيسائين جو هڪ اهم مرڪز رهي آهي ۽ قسطنطنيه انهن جو روم رهيو آهي. ڪيٿولڪ عيسائين سان انهن جو بنيادي تضاد رهيو آهي ۽ انهن کي اهي ڪافر، فري ميسن ۽ شيطان جا پوئلڳ قرار ڏيندا آهن.
ليکڪ اهو سفر 1990 جي ڏهاڪي ۾ ڪيو آهي. پر هن وقت به سوائي شام جي ٻين ملڪن جي صورتحال اٽڪل ساڳي آهي ۽ ان ۾ ڪا خاصيتي تبديلي واقع نه ٿي آهي. پنهنجي سفر جي شروعات هن جبل اٿوس جي هڪ خانقاه کان ڪئي آهي جتي جي لائبريري ۾ جان ماشوس جي ڪتاب جي اصل ڪاپي موجود هئي. اتان جا راهب ڪيٿولڪ ۽ فري ميسن کي ساڳي ڳاله سمجھن ٿا ۽ انهن کي پنهنجي خانقاه ۾ گھڙڻ جي اجازت نه ٿا ڏين جڏهين ته ساڻس ڪيٿولڪ هئڻ جي باوجود اها خاص رعايت ڪن ٿا.
هو اتان استنبول پهچي ٿو. ترڪي جي خاص ڳالهہ اها آهي ته جيتوڻيڪ اتا ترڪ خلافت کي ختم ڪري ملڪ کي سيڪيولر ٺاهڻ ۽ ان کي اوله جي ملڪن سان ڳنڍڻ لاء مختلف قدم کنيا پر اهو سڀڪجھ هو ملڪ جي اندر نه ڪري سگھيو ۽ مختلف مذهبي ۽ نسلي ٿوراين سان امتيازي سلوڪ جاري رهيو. پهرين ته يونان سان هڪٻئي جي ماڻهن جي ڏي وٺ جو ٺاه ٿيو جنهن تحت گھڻا يوناني عيسائي يونان لڏي ويا ۽ يونان ۾ رهندڙ ترڪن کي ترڪي آندو ويو. ان ٺاه ۾ استنبول شامل نه هو. پر 1955 جي فسادن جي ڪري هتان به گھڻا يوناني عيسائي يونان لڏي ويا ۽ اهو جيڪو هڪ ڪاسموپوليٽن شهر سمجهيو ويندو هو جتي مختلف ٻولين، نسلن ۽ مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا اهو گھڻي ڀاڱي هڪ ٻولي، نسل ۽ مذهب جو شهر بڻجي ويو. ليکڪ شهر جي مختلف آرمينائي ۽ يوناني گرجائن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مان گھڻن کي ڊاهيو ويو آهي. گھڻن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ئي عبادت لاء اچن ٿا جڏهين ته انهن جي سنڀال لهندڙ ۽ پادري نهايت محتاط نموني سان اها شڪايت ڪندا نظر اچن ٿا ته حڪومت پاران ساڻن امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. نوان چرچ ٺاهڻ ته پري جي ڳالهہ موجوده گرجائن جي مرمت جي به اجازت نه ٿي ملي جڏهين ته اهڙي ڪا پابندي مسجدن لاء ناهي. ساڳي وقت خلافت جي دور ۾ ئي گھڻن گرجائن کي مسجدن ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
ليکڪ هتان ڏکڻ ترڪي ۾ ڪردن جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو جتي ڪرد گوريلا ۽ فوج جنگ ۾ رڌل آهن. ترڪي جي حڪومت ڪردن جي ڌار وجود ۽ سڃاڻپ کي مڃڻ لاء تيار ناهي ۽ انهن کي جابلو ترڪ ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي هو اهو ڏسي ٿو ته جيتوڻيڪ ڪرد ۽ فوج هڪٻئي سان جنگ جي حالت ۾ آهن پر ٻنهي جو عيسائين سان ساڳيو منفي رويو آهي. ڪرد انهن کي حڪومت جو ايجنٽ سمجھن ٿا جڏهين ته فوج اهو سمجھي ٿي ته اهي گوريلن جا مددگار آهن. هتي به ساڳي گرجائن ۽ خانقاهن جي ويراني نظر اچي ٿي. هتي گھڻو ڪري ٻن قسمن جا عيسائي آهن. هڪ جن کي شامي عيسائي چيو وڃي ٿو ۽ ٻيا آرمينائي. انهن جو ڪيٿولڪ چرچ سان تعلق ناهي. آرمينائي ٻولي جي قدامت جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته حضرت عيسا لاء اهو چيو وڃي ٿو ته سندس پنهنجي ٻولي آرمينڪ هئي. آرمينائين ۽ ترڪن جي تضاد جي هڪ تاريخي حيثيت آهي. ترڪ فوج پاران آرمينائين جي قتل عام ۽ انهن کي لڏڻ تي مجبور ڪرڻ جا قصا سڄي دنيا ۾ عام آهن پر ترڪي جي حڪومت پاڻ ان کي مڃڻ لاء تيار ناهي. اهو سلسلو ڄڻ ته لاڳيتو هلندڙ آهي. هن وقت به گھڻا آرمينائي اها شڪايت ڪن ٿا ته ترڪن پاران مٿن سختيون ڪيون وڃن ٿيون ، کين زوري گھرن مان بيدخل ڪيو وڃي ٿو، مذهبي لحاظ کان ساڻن امتيازي ورتاء ڪيو وڃي ٿو ۽ کين هڪ شهري جيان معمول جي زندگي گذارڻ نه ٿي ڏني وڃي. ان جي ڪري گھڻا اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي وڃن ٿا. ليکڪ هڪ ڳوٺ جو ذڪر ڪيو آهي جتان جي سڄي آرمينائي آبادي کي شام، جيڪو ان وقت گڏيل قومن جي مينڊيٽ جي تحت فرانس جي تحت هو، لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جتي انهن کي ڪيتري عرصي تائين ڪئمپن ۾ رکيو ويو. شام تائين ان سڄي علائقي ۾ مختلف جاين تي فوج جون چوڪيون قائم آهن. سج لٿي کانپوء گوريلن جي ڪارواين جي ڊپ کان سفر ڪرڻ کان منع ڪئي وڃي ٿي. ان سفر دوران ليکڪ کي هڪ شام وڻ ۾ هڪ ماڻهو جو لاش ٽنگيل نظر آيو. کيس ٻڌايو ويو ته ممڪن آهي ته ڪرد گوريلن ان کي فوج جي جاسوس هئڻ جي شڪ ۾ ماريو هجي.
ڪرد علائقي جي هن سفر ۾ ليکڪ لاڳيتو هڪ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهي ٿو. هڪ ته کيس سڄي رستي ۾ قائم ڪيل مختلف فوجي چوڪين تي روڪيو وڃي ٿو ۽ ڪاغذن ڏسڻ کانسواء آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻيو لاڳيتو اينٽيليجينس ۽ پوليس جون گاڏيون سندس پويان لڳل هجن ٿيون. جتي خانقاهن وغيره ۾ هو وڃي ٿو اتان جي راهبن ۽ انتظام سنڀاليندڙن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري هو مٿس زور ڏين ٿا ته هو گھڻو وقت اتي نه رهي. سندس هتان شام ۾ داخل ٿيڻ سان کيس صورتحال مختلف نظر اچي ٿي. اتي مذهبي لحاظ کان آزادي هجي ٿي ۽ ماڻهو امن ۽ سڪون سان رهن ٿا. ان جو ڪارڻ حافظ الاسد، جنهن جو واسطو ملڪ جي ٿورائي واري علوي فرقي سان هجي ٿو، جي حڪومت آهي. هتي ڪجھ ڏينهن تائين پنهنجو ٿڪ لاهڻ کانپوء هو اڳتي لاء روانو ٿي وڃي ٿو.