گانڌي جو قتل، مولانا آزاد ۽ هندوستان جا مسلمان
دهلي ۾ ڪلديپ جو پهريون ڪم برلا هائوس وڃڻ هو جتي مهاتما گانڌي روز قرآن، گيتا ۽ بائبل جي ورد کانپوء پنهنجو باشن ڏيندوهو. ان ڏينهن شروع ۾ ئي هڪ همراه قرآن جي تلاوت تي اعتراض ڪيو جنهن تي گانڌي اهو سلسلو روڪي ڇڏيو. اتي موجود ٻين همراهن جي سمجھائڻ تي ته اهڙي ريت مهاتما اهو سلسلو ئي بند ڪري ڇڏيندو هو همراه ماٺ ڪري ويٺو. گانڌي جي قتل جي خبر کيس اهڙي ريت پيئي ته هو نيوز روم ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيو هو ته ٽيلي پرنٽر تي هڪ خبر آئي ته گانڌي کي قتل ڪيو ويو آهي. هو فوري طور برلا هائوس ويو. اها فسادن واري صورتحال هئي. ان ڪري ان ۾ ڪنهن به مسلمان جو شامل هئڻ اڃا باه تي تيل جو ڪم ڏيئي سگھيو ٿي. ان ڪري سياسي اڳواڻن پاران ان ڳاله تي زور ڏنو ويو ته ريڊيو تان گھڙي گھڙي ان ڳاله جو اعلان ڪيو وڃي ته مهاتما کي قتل ڪندڙ جن سنگھ سان واسطو رکندڙ هڪ انتها پسند هندو آهي.
ان کان اڳ ئي گانڌي کي نهرو ۽ پٽيل پاران پاسيرو ڪيو ويو هو ۽ کيس اهم فيصلن ۾ شريڪ ڪرڻ ته ڌار کيس انهن جو اطلاع به نه ٿي ڪيو ويو. ليکڪ موجب گانڌي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو مخالف هو. ان ڪري جڏهين نهرو ۽ پٽيل ورهاڱي جي رٿا کي منظور ڪيو ته انهن گانڌي کي اعتماد ۾ نه ورتو. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ڄاڻائي ٿو ته نهرو ۽ پٽيل سياسي جدوجهد ڪندي شايد ثڪجي پيا هئا. ان وقت نهرو پنجونجاه ۽ پتيل ٻاهتر سالن جو هو. ٻنهي جي اها خواهش هئي ته اهي پنهنجي زندگي ۾ اقتدار جا مزا ماڻين. ساڳي ريت آزادي کانپوء به خاص طور تي پاڪستان کي اثاثن منتقل ڪرڻ جي معاملي تي انهن جا گانڌي سان اختلاف هئا. هڪ ته انهن چاهيو ٿي ته اثاثن نه ملڻ ڪري پاڪستان جو نئون ملڪ جنهن وٽ انتظامي ۽ حڪومتي ڍانچو نه هو ۽ معاشي وسيلا به محدود هئا پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگھي. ان معاملي تي پٽيل جو موقف نهرو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت هو. ان سلسلي ۾ انهن هڪ اهو آپشن ڏنو هو ته هندو ۽ سک پاڪستان ۾ جيڪا ملڪيت ڇڏي آيا هئا اها ان ملڪيت کان تمام گھڻو وڌيڪ هئي جيڪا پاڪستان لڏي ويل مسلمان ڀارت ۾ ڇڏي ويا هئا ان ملڪيت کي انهن اثاثن جي مد ۾ حساب ۾ آندو وڃي. گانڌي سندن ان ڳاله سان متفق نه هو ۽ هن ان مسئلي تي مرن ڀرت جي ڌمڪي ڏني جنهن جي ڪري پاڪستان کي ڪجھ اثاثا منتقل ٿي سگھيا.
اهڙي ريت جڏهين گانڌي جو قتل ٿيو ته ماڻهن پٽيل تي آڱر کڻڻ شروع ڪئي. پٽيل پاڻ به ان ڳاله کي محسوس ڪيو ٿي ته گانڌي ڏانهن سندس رويو درست نه هو. ان ڳاله کي محسوس ڪندي هن وزارت تان استعفا ڏني ۽ نهرو کي چيو ته هو گانڌي سان جيڪي ٿيو آهي ان لاء پاڻ کي به ڪنهن حد تائين ذميوار سمجھي ٿو. پر نهرو پاران سندس ان استعفا کي قبول نه ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته هن وقت جنهن ڏکي صورتحال مان گذري رهيا آهيون ان کي گڏجي منهن ڏيڻو آهي ۽ ڌار ٿيڻ مناسب ناهي. بهرحال پٽيل پنهنجو استعفا واپس ورتو.
گانڌي جي موت سڀ کان وڌيڪ ابوالڪلام آزاد کي متاثر ڪيو. ڪانگريس جي صدر هوندي هن برطانيا جي مختلف ڪميشنن اڳيان جيڪو موقف ۽ تجويزون رکيون انهن جو مقصد ئي ننڍي کنڊ کي هڪ وفاق جي صورت ۾ متحد رکڻو ۽ ورهاڱي کي ٽارڻو هو. کيس ان ڳاله تي افسوس هو ته هن آخري وقت ۾ پارٽي جي صدارت ڇو نهرو جي حوالي ڪئي هئي جنهن ان وقت جڏهين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ڪيبينيٽ مشن جي رٿا تي راضپو ڏيکاري چڪيون هيون اهو بيان ڏيئي ته آزاد هندوستان جي آئين ساز اسمبلي ان ۾ تبديليون ڪري سگھي ٿي ان سڄي رٿا کي سبوتاز ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ان کان بهتر هو ته هو اها صدارت سردار پٽيل جي حوالي ڪري ها.
آزادي کانپوء جيتوڻيڪ هو نهرو جي ڪابينا ۾ وزير هو ۽ نهرو سندس خيال به ڪندو هو پر سندس اها اهميت نه هئي. پٽيل پاران آزادي کان اڳ ان وقت به جڏهين هو ڪانگريس جو صدر هو کيس گھڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي. جڏهين ڪئبينيٽ مشن ۾ هن وفاق واري فارمولي جي حمايت ڪئي ته پٽيل ڪميشن کي چيو ته اهو آزاد جو پنهنجو موقف آهي جڏهين ته ان سلسلي ۾ آخري فيصلو پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي ڪندي. هوِ هاڻي به کيس نظر انداز ڪندو هو. مهاتما گائڌي واحد شخص هو جنهن سان هو هڪ هم آهنگي محسوس ڪندو هو ۽ هاڻي ان جي وڃڻ کانپوء سندس اڪيلائي وڌي ويئي هئي.
هڪ لحاظ کان ورهاڱي ڀارت جي مسلمانن جي سياسي ۽ سماجي حيثيت کي متاثر ڪيو هو. کين پاڪستان جي حوالي سان شڪ جي نگاه سان ڏٺو ٿي ويو ۽ اهي ڄڻ پاڻ کي ٻئي درجي جا شهري سمجھڻ لڳا هئا جيئن پاڪستان ۾ هندن سان ڪيو ٿي ويو. ان جو مثال ڏيندي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته اڙدو اخبار انجام، جتي گھڻو ڪري سڄو عملو مسلمانن تي ٻڌل هو، سڀيئي هندو هئڻ ڪري ساڻس ڏاڍي عزت سان پيش ايندا هئا ۽ جونيئر هئڻ جي باوجود ايڊيٽر پاران کيس جوائنٽ ايڊيٽر جو وزيٽنگ ڪارڊ ٺاهي ڏنو ويو هو ته سرڪاري ادارن وغيره ۾ سندس حيثيت مان فائدو وٺي سگھجي. اها ساڳي ڳاله ڪانگريس جي مسلمان سياسي اڳواڻن ۽ ايستائين ته مولانا آزاد سان به ٿي جيڪو ڪانگريس جو صدر رهي چڪو هو ۽ جنهن جو آزادي جي تحريڪ ۾ هڪ ڀرپور ڪردار هو. هن پنهنجي ورهاڱي متعلق واضح موقف جي ڪري مسلم ليگ جي اڳواڻ محمد علي جناح جي ناراضگي سٺي. هن ان کي شو بوائي وغيره جهڙا مختلف خطاب پڻ ڏنا. ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ڪانگريس جي اڳواڻن سان هڪ گڏجاڻي ۾ جناح نهرو، پٽيل سان ته هٿ ملايو پر هن آزاد کي هٿ ڏيڻ به گوارا نه ڪيو.
ان ڳالهہ ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ورهاڱي ڪانگريس جي سيڪيولر حيثيت ۽ موقف کي متاثر ڪيو. نهرو ان سلسلي ۾ هڪ مضبوط آواز هو پر پٽيل سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن ان آواز کي وڌيڪ موثر ٿيڻ نه ڏنو. ان صورتحال ۾ مولانا آزاد جهڙن اڳواڻن کي گھڻو ڪجھ سهثو پيو.
اهو هڪ لحاظ کان ننڍي کنڊ جي گھڻن اهڙن ماڻهن ۽ اڳواڻن جو الميو آهي جيڪي مذهبي هم آهنگي، سهپ ۽ گڏ رهڻ ۾ يقين رکندا هئا پر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا ۽ نتيجي ۾ کين ذاتي ۽ سياسي لحاظ کان گھڻو ڪجھ سهڻو پيو.