عزيز ڪنگراڻي جو ڪھاڻي ڪتاب
عزيز ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي جي حوالي سان هڪ ليک آهي جيڪو آئون هتي شيئر ڪيان ٿو.
عزيز ڪنگراڻي سنڌي جو هڪ مڃيل ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس آهي ۽ هو ٽيليويزن چينلن لاء به ڊراما لکندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سندس آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي حوالي سان انگريزي ۽ سنڌي ۾ پڻ ڪجھ ليک آهن. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو پڻ اچي چڪو آهي.
هن وقت سنڌي جي ليکڪن کي ٻهراڙي ۽ شهري خانن ۾ ورهائي نه ٿو سگھجي. هن وقت ڄڻ سنڌي سماج جيان سنڌي ادب به هڪ Synthesis جي عمل مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ ڪٿي اهي ٻيئي ٻولي ۽ موضوع جي لحاظ کان ڌار ڌار هجن ٿا ته ڪٿي گڏجي وڃن ٿا. اها ساڳي ڳاله عزيز جي حوالي سان به چئي سگھجي ٿي. سندس ڪهاڻين تي جيتوڻيڪ ٻهراڙي جو رنگ حاوي آهي پر انهن کي شهري موضوعن ۽ مزاج کان بلڪل ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ممڪن آهي ته شهر ۾ رهندڙ ماڻهو جو ٻهراڙي سان گھڻو واسطو نه پوندو هجي پر ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهو جو پنهنجي پڙهائي، نوڪري، واپار ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ شهر سان واسطو لازمي طور تي پئي ٿو. سنڌ ۾ اهڙو شهر رڳو ڪراچي ئي آهي ۽ جڏهين شهري ماحول يا شهر جو ذڪر اچي ٿو ته اهو سکر، حيدرآباد ۽ سنڌ جو ٻيو ڪو شهر نه پر ڪراچي ئي هجي ٿو. هو شهر کي پنهنجي نڪته نظر کان ڏسي ٿو ۽ ان جو ان طريقي سان اظهار ڪري ٿو. اهڙي ريت عزيز جي شهري موضوعن تي لکيل ڪهاڻين کي سندس اهڙو اظهار ۽ ردعمل قرار ڏيئي سگھجي ٿو. اهڙين ڪهاڻين ۾ دونهاٽيل دعا جو درد جنهن ۾ هڪ پي جو پٽ ۽ ان جي پريمڪا شهر ۾ دهشت گردي جو نشانو بڻجي وڃن ٿا. پهرين انٽري ۽ ٽشو پيپرکي انهن مسئلن ۽ جنسي طور هراسان ڪرڻ جي حوالي سان ڏسي سگھجي ٿو جنهن جو نوڪري ڪندڙ ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ گھرن کان ٻاهر نڪرندڙ ڇوڪرين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. پر ان ڳاله کي ساڳي وقت ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اهو سڀڪجھ ئي رڳو شهر ناهي. شهر جي هڪ گوناگون ۽ منجھيل زندگي آهي جنهن سان هتي رهندڙ مختلف قسمن ۽ طبقن جي ماڻهن جو واسطو پئي ٿو. ان سڄي عمل کي پنهنجي اندر ۾ سموئڻ ۽ Internalize ڪرڻ جي ضرورت آهي.
عزيز جي ڪهاڻي جو انداز سنڌي جي گھڻن ڪهاڻيڪارن جيان پنهنجي ذات ۽ اندر جي دنيا نه پر ٻاهر جي دنيا ۽ ماڻهن سان لاڳاپيل موضوع آهن. هو پاڻ گھٽ ٿو ڳالهائي، سندس ڪردار گھڻو ڳالهائين ٿا. مڪالما سندس ڪهاڻي کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ شايد ساڳي وقت ڊراما نگاري سان به وابستا رهڻ آهي. ٻاهر جي دنيا سبدس موضوع هئڻ جي ڪري وٽس يڪسانيت جي بجائي هڪ تنوع آهي. گھڻا موضوع سندس قلم مان نڪرن ٿا.
ٻهراڙي جي ماحول جي حوالي سان ڪهاڻي وسڪاري کانپوء ٿر جي ماڻهن جيان ڪاڇي جي ماڻهن جي پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ ڇڪ جو اظهار ڪري ٿي.پنهنجي اظهار، ٻولي ۽ ڊڪشن جي حوالي سان اها ڪهاڻي ڪاڇي جو ماحول جو هڪ بهتر اظهار آهي ۽ ان کي عزيز جي سٺين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. ڪهاڻي مان اها ڳاله پڻ ظاهر ٿئي ٿي ته علائقو جيترو پٺتي پيل ۽ ماڻهو معاشي ۽ سماجي لحاظ کان جيترو پسمانده ۽ غريب آهي اوترو وڌيڪ هو ڀوتارن، ملڪن ۽ اربابن جي ڦرمار ۽ ظلم جو شڪار آهي. جڏهين ته ان جي ڀيٽ ڪهاڻي ڇاند کي هڪ روايتي ڪهاڻي ليکي سگھجي ٿو جنهن ۾ زمين ٻن ڪردارن جي وچ ۾ تنازعي ۽ دشمني جو سبب بڻجي ٿي.
عزيز وٽ محبت جو مطلب ملاپ نه پر وڇوڙو ۽ درد آهي. هڪ ته اها محبت مختلف طريقن سان عمر ۽ سماجي رتبي جي لحاظ کان اڻبرابري جو اظهار ڪري ٿي ۽ ٻيو ته سماج ان کي قبول نه ٿو ڪري. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هن سماج ۾ عورت ۽ مڙد جو ناتو ٻن آزاد فردن جو نه پر ٻن خاندانن، ذاتين ۽ قبيلن جي وچ ۾ هوندو آهي جنهن سان هٿ چراند انهن فردن ۽ خاص طور تي عورت لاء هاڃيڪار ٿي سگھي ٿي. اها ڳالهہ سندس ڪهاڻي بارشن جو روڳ ۾ به نظر اچي ٿي ۽ پيار گرهڻ ۾ به. سندس ٽي ڪهاڻيون وڇوٽي جي لڪير، وکري ويل خواب جو الميو ۽ هو منهنجي نه هئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن جنهن ۾ هڪ جوان ڇوڪري پاڻ کان وڏي عمر جي مڙد، پنهنجي استاد يا باس سان هڪ تعلق رکڻ چاهي ٿي. پر ان تعلق ۾ ڪو ڪمٽمنٽ ۽ جذباتي لڳاء نظر نه ٿو اچي ۽ ان جو انجام ڌار ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ئي نڪري ٿو. انهن ڪهاڻين ۾ اڳڀرائي گھڻو ڪري عورت ڪردار پاران ئي ڪئي وڃي ٿي. ڪهاڻيڪار جيڪڏهين انهن جي جذباتي ۽ معاشي گھرجن جو نفسياتي ڇيد ڪري ها ۽ ٿورو ان ڪردار جو پس منظر بيان ڪري ها ته اهي ڪهاڻيون پنهنجي موضوع جي حوالي سان منفرد هئڻ جي ڪري پڙهندڙ جي وڌيڪ دلچسپي جو باعث بڻجن ها.
انهن ڪهاڻين ۾ عورت جو ڪردار رڳو محبت ۽ قرباني جو نه پر طاقتور مڙد لاء هڪ رانديڪي ۽ تفريح جي سامان جو به آهي جنهن جو اظهار ٽشو پيپر ۽ پهرين انٽري ۾ ٿئي ٿو. ڪهاڻي زندگي جو امر گيت ان ڳالهہ جو اپٽار ڪري ٿي ته عورت جي مڙد جي وچ ۾ ناتو جانورن جيان رڳو جنس ۽ مفاد جو ناهي هونڌو پر بنيادي طور تي احساس ۽ هڪٻئي سان ڏک سک ۾ گڏ رهڻ جو هوندو آهي. گھوڙي ۽ پٽ جي ڀيٽ ڪندڙ ڪهاڻي سهارو ان احساس جواپٽار آهي. ليکڪ ان ڳالهہ جي وضاحت ڪري ٿو ته ماڻهو جا ناتا ۽ تعلق رڳو رت جا ناهن هونڌا پر انهن ۾ احساس جو وڏو ڪردار هونڌو آهي جيڪو هڪ انسان جي سلسلي ۾ به ٿي سگھي ٿو ۽ هڪ جانور جي سلسلي ۾ به. اها ساڳي ڳاله سانت جون سرگوشيون ۾ پڻ محسوس ٿئي ٿي جنهن ۾ هڪ معصوم ٻار جي هڪ معصوم خواهش کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو ان جي وضاحت نه ٿي ڪري سگھجي.
صدين جي صدا پارٽي جي گڏجاڻي پوليس جو ڇاپو گرفتاري ۽ ٽارچر جي نتيجي موت پر ڪنهن ڳاله کي ظاهر نه ڪرڻ ليکڪ جي سياسي ڪمٽمنٽ کي ته ظاهر ڪري ٿي پر سراج جي ڪهاڻي اٺون ماڻهو ۽ ف م لاشاري جي ڪهاڻي ٽنگيل وقت جيڪو تاثر پيدا ڪن ٿيون اهو تاثر پيدا نه ٿي ڪري. ساڳيو سوال ڪهاڻي ڊهندڙ ديوار جي سلسلي ۾ به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا جنهن سماجي منظر نامي کي چٽيو آهي جنهن ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي سوٽ ۽ ڳوٺ جي وڏيري سان مهاڏو اٽڪائي ٿي ۽ ڪورٽ به سندس حق ۾ فيصلوڏئي آهي واقعي هڪ حقيقت آهي ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ائين ٿئي ٿو. ها باقي اهو چئي سگھجي ٿو ته ليکڪ هڪ آدرشي ڪردار ڏنو آهي جيڪو هڪ مثال طور ڪم اچي سگھي ٿو.
ڪهاڻين جو هي مجموعو يقيني طور سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ مثبت واڌارو ڪري ليکيو ويندو.