استنبول جون يادگيريون
استنبول، قسطنطنيه، آرٿوڊوڪس عيسائين جو روم. مسلمان خليفن جون ان کي فتح ڪرڻ جون شروعاتي ڪوششون ناڪام ويون. نيٺ 1450 جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري، جڏهين بازنطيني سلطنت بحران ۽ زوال جو شڪار هئي ته ترڪن شهر تي قبضو ڪيو. اهو شهر گھڻن مرحلن مان گذريو آهي. پهرين مهاڀاري جنگ دوران شهر تي برطانيا ۽ فرانس جو قبضو هو. اتاترڪ جي اڳواڻي ۾ شهر کي ته آجو ڪرايو ويو پر هاڻي نئين ترڪي جي گادي جو هنڌ قسطنطنيه يا استنبول جي بجائي انقره هو.
اهڙي ريت جنهن شهر کي دنيا جا سياح ۽ عالم ڏسڻ ايندا هئا ۽ ان جي لاء سڄي دنيا جي گادي جي هنڌ هئڻ جي اڳڪٿي ڪندا هئا اهو هاڻي ترڪي جي گادي جو هنڌ به نه رهيو هو. ڪمال اتاترڪ جو مقصد ترڪي کي اوله جي ڪلچر سان ڳنڍڻ ۽ ان عمل ۾ ماضي جي گھڻين شين کي ختم ڪرڻ هو. ان عمل ۾ ظاهر ڳاله آهي ته سڀ کان گھڻو متاثر استنبول ئي ٿيو.
پنهنجي شهر سان محبت ۽ پيار ڪندڙ ترڪ ليکڪ اورهان پامڪ، جنهن جي سڄي زندگي استنبول ۾ ئي گذري آهي ۽ جيڪو ٻئي ڪٿي رهڻ جو تصور به نه ٿو ڪرڻ چاهي، پنهنجي ڪتاب Istanbul: Memories and the City ۾ پنهنجي ۽ شهر جي يادگيرين کي نهايت پيار ۽ ڏک سان بيان ڪري ٿو. پنهنجي هن سڄي بيان کي هو ترڪي ٻولي جي لفظ حزن، جنهن جو مطلب هڪ ڏک واري ڪيفيت آهي ۽ جنهن جو هو انگريزي ۾ ترجمو Melancholy ڪري ٿو، وسيلي بيان ڪري ٿو. دراصل ان ڪتاب جي تخليق به ليکڪ جي ان وقت جي ڪيفيت جي نتيجي ۾ ٿي آهي. هو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته ان وقت پنهنجي طلاق، پي جي وفات ۽ ٻين گھڻن هتان هتان جي مسئلن جي ڪري هو ڊيپريشن جي حد تي هو. کيس ان جو حل ڪتاب لکڻ جي صورت ۾ نظر آيو. هو روز صبوح جو اٿي ٿڌي پاڻي سان تڙ ڪري لکڻ ويهي رهندو هو. سندس چوڻ آهي ته ان ڪتاب ۾ پنهنجي خاندان جي ذڪر ڪري سندس گھڻا مائٽ کانئس ناراض ٿي ويا. خاص طور ان جي ڪري هن پنهنجي وڏي ڀاء کي وڃائي ڇڏيو ۽ کيس اها پڪ آهي ته سندس ماء به ان جي ڪري کانئس ناراض هوندي.
هو شروع ۾ پنهنجي ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته شهر جو زوال ۽ سندس خاندان جو معاشي عروج گڏوگڏ ٿين ٿا پر هو ان جي تصحيح ڪندي چئي ٿو ته نه پر ٻنهي جو زوال گڏوگڏ ئي ٿيو آهي. هو شهر جي پوش علائقي ۾ هڪ وڏي حويلي ۾ پنهنجي ماء پي چاچن ۽ ڏاڏي ڏاڏي سان گڏ رهي ٿو.
سندس ڏاڏا جي هوندي ڪاروبار وغيره صحيح نموني هلندو ٿو رهي پر ان جي وفات کان پوء سندس پي ۽ چاچو ان کي سنڀالي نه ٿا سگھن ۽ خاندان معاشي ڏکيائين جو شڪار ٿي ٿو وڃي. حويلي کي ڊهرائي پامڪ اپارٽمنٽ جي نالي سان گھڻ ماڙ عمارت ٺهرائي ٿي وڃي جنهن جي مختلف فلور تي اهي سڀ ڌار ڌار رهڻ لڳن ٿا.
سندس ماء پي ۾ اڻبڻت رهندي اچي. پي گھڻو ڪري گھر کان ٻاهر ٿو رهي ۽ ماء به ان ماحول کان بيزار ٿي وقت بوقت پنهنجي ماء جي گھر هلي وڃي ٿي. اورهان ۽ سندس وڏو ڀاء، جيڪي پاڻ ۾ وڙهن به گھڻو ٿا ۽ منجھن پيار به گھڻو هجي ٿو، پنهنجن چاچن ۽ ماسي جي گھرن ۾ وڃي رهن ٿا. ننڍي هوندي جڏهين سندس ماسي سندس گھر ۾ لڳل هڪ تصوير متعلق کيس ٻڌائي ٿي ته اها تنهنجي تصوير آهي ته هو واقعي سوچي ٿو ته ڇا واقعي هو ان تصوير ۾ آهي يا ٻيو ڪو ماڻهو آهي. هڪ ٻٽي شخصيت جي شروعات ٿئي ٿي. اهو دراصل سندس تخليقي پاسو آهي ۽ هو وقت بوقت ان پاسي ڏانهن هليو وڃي ٿو.
اسڪول وڃڻ ۽ ان جي ڪمن ۾ سندس دلچسپي بس نالي ماتر ئي هجي ٿي. سندس لاڙو تصويرن ٺاهڻ ۽ مصوري ڏانهن گھڻو هجي ٿو. هو مصور ئي ٿيڻ چاهي ٿو. جڏهين هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو ۽ جڏهين هو حزن جو شڪار ٿئي ٿو جيڪو سندس چواڻي ته شهر سان گڏ سندس پنهنجي شخصيت جو به حصو بڻجي ويو آهي ته سندس ردعمل هڪ ته ڪمري ۾ بند ٿي مٺ هڻڻ هجي ٿو ۽ ٻيو ڪينواس، رنگ ۽ برش کڻي تصويرون ٺاهڻ هجي ٿو. هو پنهنجي هڪ خانداني فليٽ کي پنهنجي اسٽوڊيو طور استعمال ڪري ٿو. هتي هو پنهنجي محبوبه سان به ملي ٿو ۽ ان سان پيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جون مختلف تصويرون ٺاهيندو رهي ٿو. سندس ماء کيس سمجھائي ٿي ته هو پنهنجي آرڪيٽيڪٽ جي تعليم مڪمل ڪري باقي هي ترڪي آهي ۽ يورپ ۽ آمريڪا ناهي جتي هڪ مصور جي حيثيت ۾ ڪا سکي زندگي گذاري سگھجي پئي. پر هو ان ڳاله کي مڃڻ لاء تيار نه ٿو هجي. سندس محبوبه جو پي به ان ڳاله کي سمجھي ٿو ته سندس ڌي هڪ مصور سان سکي نه رهي سگھندي ۽ اهو سوچي هو ان کي پڙهائي لاء سوئٽزرلينڊ موڪلي ڇڏي ٿو. جيتوڻيڪ شروع ۾ سندس ليکڪ ٿيڻ جو ڪو ارادو نه ٿو هجي پر اڳتي هلي هو ليکڪ طور پنهنجي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪري ٿو.
هو پامڪ اپارٽمنٽ ۾ پنهنجن چاچن ۽ ڏاڏي جي فليٽن ۾ ويندو رهي ٿو. ڏاڏي جي فليٽ ۾ هو اتي رکيل ڪتابن وغيره کي پڙهندو رهي ٿو جڏهين ته ر باسفورس ۽ سمنڊ سندس لاء اتساه جو باعث هجن ٿا. اهو سڀ سندس گھر جي سامهون ئي هجي ٿو. سندس فليٽ جي دري مان اهو سڀڪجھ نظر اچي ٿو ۽ هوڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ويٺو ان کي ڏسندو رهي ٿو ۽ ڪڏهين ڪڏهين اتان لنگھندڙ جهازن جي ڳڻپ به ڪرڻ لڳي ٿو. ان حوالي سان هو ڪجھ واقعن کي ياد ڪري ٿو. هڪ ڀيري اٽڪل پنج هزار رڍون کڻي ايندڙ جهاز جو هڪ ٻئي جهاز سان ٽڪر ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهي سڀ رڍون سمنڊ ۾ ڪري پون ٿيون جن مان ڪجھ ٻڏي وڃن ٿيون، ڪجھ مئل حالت ۾ ڪناري تي پهچن ٿيون ۽ ڪجھ کي بچايو وڃي ٿو. رڍن جي ان حالت کي ڏسڻ ۽ ان کي برداشت ڪرڻ سندس لاء ڏکيو هجي ٿو ۽ شهر جا گھڻا ماڻهو ڪجھ وقت لاء رڍن جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏين ٿا. ٻئي هڪ حادثي متعلق هو ٻڌائي ٿو جنهن ۾ سامونڊي جهاز ديوار ڀڃي سندن ڀر واري گھر ۾ گھڙي آيو هو ۽ جڏهين اهي ان کي ڏسڻ ويا هئا ته کين خبر پيئي هئي ته هن گھر ۾ به اهو ئي ساڳيو فرنيچر ۽ ٻيو سامان هو جيڪو سندن گھر ۾ هو. ساڳي وقت هو جهازن ۾ لڳل وڏين باهين جو ذڪر پڻ ڪري ٿو جيڪي گھڻو وقت هلنديون هيون، پري پري کان ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ هو ۽ شهر جا ماڻهو ان کي ڏسڻ لاء ويندا هئا.
هو شهر کي تبديل ٿيندو ڏسي ٿو. هو سمجھي ٿو ته اهي تبديليون شهر جي شان ۽ وقار کي نقصان پهچائي رهيون آهن ۽ اها ڳالهہ سندس پنهنجي طبيعت ۾ حزن ۽ هڪ ڏک جي ڪيفيت جو باعث بڻجي ٿي. سڀ کان اهم ڳالهہ ته شهر پنهنجي ڪاسموپوليٽن حيثيت وڃائي رهيو آهي. هتي مختلف مذهبن جا، مختلف لباس پائڻ وارا ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هئا. اهو تنوع ڄڻ شهر مان ختم ٿي ويو آهي. هڪ ته ٿوري عرصي ۾ ملڪ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهن جي هتي اچڻ جي ڪري شهر جي آبادي ڪجھ عرصي ۾ ئي ڏه لک مان وڌي هڪ ڪروڙ ٿي ويئي آهي. شهر جي چوڌاري ٽڪريون جيڪي پهرين غيرآباد هونڌيون هيون ۽ ماڻهو جتي پڪنڪ وغيره لاء ويندا هئا اهي هاڻي آباد ٿي ويون آهن. شهر ڄڻ سوڙهو ٿي پيو آهي. پسگردائي جا گھڻا علائقا شهر جو حصو بڻجي ويا آهن.
ڪمال اتا ترڪ جي حڪومت جو مطلب نه رڳو ترڪي کي اوله جي ڪلچر سان ڳنڍڻ پر ان مقصد لاء خلافت عثمانيه جي دور جي هر نشان کي ختم ڪرڻ هو. ان ۾ لباس، رسم الخط سان گڏوگڏ انهن حويلين وغيره کي پڻ ختم ڪرڻ هو جيڪي خلافت عثمانيه جي دور جي اميرن ٺهرايون هيون. انهن کي هڪ ته ڊهرائي انهن جي جاء تي جديد دور جون گھڻ ماڙ عمارتون تعمير ڪيون ويون ۽ ٻيو ته جيئن اهي ڪاٺ جون ٺهيل هيون ان ڪري گھڻيون اهڙيون حويليون باه ۾ سڙي ويون ۽ گھڻين کي هٿرادو باه ڏيئي ساڙيو ويو. ليکڪ جڏهين پنهنجي ليکي شهر جي مختلف علائقن ۾ گھمندو هو ته کيس اهڙيون ويران، ڀڳل ٽٽل ۽ تباه ٿيل ڪيئي عمارتون نظر اينديون هيون. سندس چوڻ آهي ته کنڊرن ۽ پراڻين عمارتن جي اهميت ۽ شان کي ٻاهر وارو ماڻهو ئي محسوس ڪري ۽ ان کي ساراهي سگھي ٿو جڏهين ته انهن ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاء اهي اهڙي ڪا اهميت نه رکندا آهن.
ساڳي ريت جتي يوناني، ڪردش ۽ ٻيون ٻوليون عام ڳاله بوله ۾ هونديون هيون اتي رڳو هڪ ٻولي، ترڪي ڳالهائڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهين ڪي ماڻهو پنهنجي مادري ٻولي ڪردش يا يوناني وغيره ۾ ڳالهائيندا ته انهن کي فوري طور ٽئين ماڻهو پاران ٽوڪيو ويندو ته مهرباني ڪري ترڪي ۾ ڳالهايو. ساڳي ريت هو 1955 ۾ يونان ۾ اتاترڪ جي ڄم جي جاء ۾ ترڪي جي هڪ ايجنٽ پاران ڪيل بم ڏماڪي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فسادن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن فسادن ۾ خاص طور يوناني عيسائين، ٻين غير مسلمانن ۽ شهر جي سکين ستابن ماڻهن ۽ سندن ملڪيتن کي نشانو بڻايو ويو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته فسادي سندن گھر تائين به پهتا هئا پر اتي لڳل ترڪي جو جھنڊو ڏسي موٽي ويا هئا. انهن فسادن جي نتيجي ۾ گھڻا غيرمسلم شهر ڇڏي يونان ۽ ٻين هنڌن ڏانهن هليا ويا. اهڙي ريت جيڪو شهر اڳ ئي مسلم گھڻائي جو شهر هو اتي غير مسلمانن جو تناسب اڃا وڌيڪ گھٽجي ويو.
ڪتن جو استنبول سان هڪ اڻ ٽٽ تعلق آهي. ليکڪ ٻڌائي ٿو ته خلافت عثمانيه جي دور ۾ محمود ٻئين ملڪ کي اولهہ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ۾ ٻه قدم کنيا. هڪ ته فوج جي جنيسري واري تنظيم کي ختم ڪيو ويو ۽ ٻيو استنبول جي ڪتن کي ڪنهن ٻيٽ تي منتقل ڪيو ويو. سندس پهريون قدم ته ڪامياب ويو پر ڪتا وري شهر ۾ موٽي آيا. ساڳي ريت پهرين مهاڀاري جنگ ۾ جڏهين شهر انگريزن جي قبضي ۾ هليو ويو هو ته انهن به هڪ ڀيرو ٻيهر ڪتن کي شهر کان ٻاهر ٻيٽ تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪجھ عرصي کانپوء اهي ڪتا وري شهر ۾ موٽي آيا هئا.
ڪن ماڻهن لاء شهر سندن زندگي جو حصو هوندا آهن. اهي شهر ۾ ايندڙ تبديلين کي به ڄڻ پنهنجي اندر محسوس ڪندا آهن. شهر جي آسودگي، خوشي ۽ ڏک ڄڻ سندن پنهنجا ڏک ۽ خوشيون هونديون آهن. اهڙو ئي تعلق ليکڪ جو استنبول سان آهي. هن ساڳي وقت ڪتاب ۾ مواد موجب مختلف پورٽريٽ ۽ فوٽو پڻ ڏنا آهن. جيڪڏهين ڪير واقعي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ کي ائين پنهنجي اندر محسوس ڪري ته ان متعلق گھڻو ڪجھ لکي ۽ چئي سگھجي ٿو.