ڊي ايس ايف ۽ شاگردن جي تحريڪ
ڊاڪٽر رياض شيخ سان منهنجي واقفيت اٽڪل ويهہ سال پراڻي آهي جڏهين هو همدرد يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي ڪري رهيو هو. سول سروس پاڪستان ۽ سنڌ جي گھڻن نوجوانن جو آدرش ۽ مقصد هوندو آهي ۽ ان جي لاء پنهنجي پروفيشنل پڙهائي ۽ تربيت کي به ڇڏڻ لاء تيار ٿي ويندا آهن. پر رياض انهن ٿورن ماڻهن مان آهي جن سول سروس کي ڇڏي لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪم کي ترجيح ڏني. کيس ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پيو پر هن ان ۾ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. رياض هن وقت هڪ نجي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي پر ساڳي وقت هو مختلف ٻين ڪمن سان پڻ لاڳاپيل آهي.
يونيورسٽي ۾ مختلف موضوعن تي ورڪشاپ ۽ سيمينار وغيره منعقد ڪرائڻ کانسواء هو شهر جي مختلف تنظيمن جهڙوڪ ارتقاء انسٽيٽيوٽ جو هڪ سرگرم ڪارڪن آهي. ان سان گڏوگڏ هو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي رسالي تاريخ جو ايڊيٽر پڻ آهي. سندس لکڻ پڙهڻ جو ڪم لاڳيتو هلندو رهندو آهي. تازو سندس ڪتاب سحر هوني تڪ ڇپجي آيو آهي. پاڪستان ۾ شاگردن جو ملڪ جي سياست ۾ شروع کان هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. پر ان سلسلي ۾ گھٽ لکيو ويو آهي. هي ڪتاب ملڪ جي ٺهڻ جي شروعاتي سالن جي شاگردن ۽ خاص طور ڊي ايس ايف جي جدوجهد جي تاريخ تي ٻڌل آهي. ان موضوع تي لکت ۾ ذريعن جي نه هئڻ ڪري ليکڪ انهن ماڻهن، جيڪي ان جدوجهد جو حصو رهيا ۽ اڃا حيات آهن، کان ڳاله ٻوله وسيلي معلومات ورتي آهي. منهنجي خيال ۾ انهن مان گھڻا ماڻهو جيڪڏهين رڳو پنهنجيون يادگيريون ئي لکن ها ته نه رڳو شاگرد جدوجهد پر ان وقت جي حالتن متعلق به گھڻو مواد ملي سگھي ها.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاگردن ۽ نوجوانن مختلف سياسي تحريڪن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏکڻ آفريقا ۾ نسل پرستي خلاف اي اين سي جي جدوجهد ۾ شاگردن جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. ساڳي ريت ننڍي کنڊ جي آزادي جي تحريڪ ۾ نوجوانن ۽ شاگردن هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ بنگلا ديش جي تحريڪ ۾ به هڪ لحاظ کان شاگردن ئي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو هو. ان حوالي سان سٺ جو ڏهاڪو اڃا به هڪ مثال آهي جڏهين شاگردن يورپ جي مختلف ملڪن ۽ خاص طور فرانس ۾ ڄڻ سڄي نظام کي دوڏي ڇڏيو هو.
فرانس ۾ 1968 ۾ شروع ٿيل شاگردن جي تحريڪ سڄي يورپ کي پنهنجي وڪوڙ ۾ وٺي ڇڏيو هو. هاڻي به وقت بوقت شاگردن جا اهي احتجاج هلندا رهندا آهن. اهو ساڳيو ڏهاڪو پاڪستان جي حوالي سان انتهائي اهم هو جڏهين شاگردن ملڪ مان آمريت ۽ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاء هلايل تحريڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. تازو 2011-13 ۾ چلي، جتي تعليمي شعبي جو اڌ کان وڌيڪ حصو نجي شعبي وٽ آهي جيڪو ان کي پنهنجي نفعي ڪمائڻ لاء استعمال ڪري ٿو، جي شاگردن مختلف مسئلن ۽ خاص طور تي تعليمي شعبي ۾ سرڪار جي شرڪت کي وڌائڻ لاء هڪ ڊگھي جدوجهد هلائي هئي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ سان لاڳاپيل مسلم اسٽوڊينٽس فيڊريشن ملڪ جي قيام وقت موجود هئي ۽ ان مختلف تعليمي ادارن ۾ پنهنجا يونٽ پڻ قائم ڪيا هئا پر هڪ ته اها پنهنجي سرپرست جماعت جي اندر اختلافن ۽ ٽوڙ ڦوڙ ۽ ٻيو شاگردن جي نون پيدا ٿيندڙ مسئلن کي موثر نموني نه کڻي سگھڻ جي ڪري شاگردن جي حوالي سان ڪو موثر ڪردار ادا نه ڪري سگھي. اهڙي ريت نئين ملڪ جي ٺهڻ سان ڀارت مان لڏي آيل شاگردن جا گھڻا مسئلا هئا جن جي حل لاء هڪ موثر تنظيم جي ضرورت هئي جيڪا حڪومت آڏو انهن کي پيش ڪري سگھي. اهڙي ريت هڪ خال هو جنهن کي ڀرڻ جي ضرورت هئي. ايستائين عام تاثر اهو آهي ته ڊي ايس ايف ڪراچي ۽ خاص طور ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ٺاهي هئي پر ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ان جي متعلق يقين سان ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي ۽ ٻي ڳاله ته هڪ مضبوط رايو اهو آهي ته ان جي بنياد 1949 جي شروعات ۾ راولپنڊي جي گورڊن ڪاليج ۾ رکي ويئي. ساڳي وقت پنجاب جي صوبي ۾ مختلف شاگرد تنظيمن کي گڏ ڪرڻ جو عمل به جاري رهيو. 1954 ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي کانپوء پنجاب جي ڊي ايس ايف به پنهنجو ڪم جاري نه رکي سگھي.
منهنجي خيال ۾ ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته پنجاب جي شاگردن کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻو نه پيو جيڪي ڪراچي جي شاگردن جي آڏو هئا. ان ڪري پنجاب ۾ شروعات کانپوء شاگرد تحريڪ جو مرڪز ڄڻ ته ڪراچي منتقل ٿي ويو ۽ اڳواڻي جو ڪردار انهن جي هٿ اچي ويو. ڏٺو وڃي ته ان وقت شاگردن جون ڪي سياسي گھرون نه هيون ۽ نه ئي اهي بظاهر ڪنهن سياسي جماعت سان لاڳاپيل هئا يا ان جي ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهيا هئا. اهي پوري ريت شاگردن جي مسئلن جهڙوڪ فين ۾ گھٽتائي، رهائش جو مناسب بندوبست ۽ ڪاليجن وغيره ۾ گھربل سهولتن جي فراهمي تائين محدود هئا.
انهن مسئلن کي جيڪڏهين انتظاميا پاران فوري طور حل نه به ڪيو وڃي ها ته به شاگردن کي انهن تي همدردي سان غور ڪرڻ جو يقين ڏياري ٽڪراء کان بچي سگھجي پيو. پر اها ڳاله حڪمرانن ۽ خاص طور انهن جن جي تربيت انگريز سرڪار جي نگراني ۾ ٿي هجي مزاج جي خلاف هئي. نوڪر شاهي ۽ خاص طور ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر اي بي حليم ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ڪمشنر ان کي ڄڻ پنهنجي عزت جو مسئلو بڻائي ڇڏيو ۽ مسئلي کي طاقت وسيلي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا شاگرد مارجي ويا ۽ گھڻا ڦٽجي ويا. ان وقت ئي نوڪر شاهي پاران پنهنجن ماڻهن کي ڊي ايس ايف جي متبادل جي طور پيش ڪيو ويو جن جو ڪم هڪ ته انتظاميا سان ان جي مرضي موجب معاملن کي طئي ڪرڻ ۽ ٻيو ڊي ايس ايف جي پروگرامن ۾ گڙبڙ ڪرڻ ۽ ان کي خراب ڪرڻ هو. ساڳي وقت جماعت اسلامي جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ ان جي شاگرد تنظيم اسلامي جميعت طلبه سرگرم ٿي ويئي ۽ ان باقاعدي هڪ پروپئگنڊا مهم ذريعي ڊي ايس ايف کي ڪميونسٽ ۽ ڪافر وغيره طور پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
اهو ملڪ ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ مختلف طبقن جي ماڻهن جي احتجاج ۽ جدوجهد کي طاقت وسيلي ختم ڪرڻ جو پهريون مثال هو. جيتوڻيڪ ان جا نتيجا حڪمرانن جي توقعات جي خلاف ئي نڪتا پر انهن پوء به اڳتي هلي مختلف سياسي مسئلن جي حوالي سان اها ساڳي پاليسي اختيار ڪئي جنهن جا نتيجا ملڪ جي سڀني ماڻهن کي ڀوڳڻا پيا. اهڙي ريت اها جدوجهد بجائي ختم ٿيڻ جي اڃا وڌيڪ ڦهلجي ويئي. هڪ ته ان ۾ شهر جي اسڪولن جا شاگرد شامل ٿي ويا ۽ ٻيو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان کي حمايت حاصل ٿي ۽ نوان اتحادي مليا.
عام تاثر اهو آهي ته ڊي ايس ايف جو واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ان جا اڳواڻ گھڻي ڀاڱي روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن جا هئا ۽ انهن مان ڪجھ پنهنجن ڀارت جي اصلوڪن شهرن ۾ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن سان واسطي ۾ به هئا. پر ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڊي ايس ايف جو پارٽي سان تنظيمي طور ڪو واسطو نه هو ۽ نه ئي اها ان جو کليل فرنٽ هئي. ان جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ يونين جي چونڊن ۾ پارٽي پاران ايوب مرزا کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو ويو هو پر ڊي ايس ايف جي اڳواڻ محمد سرور پنهنجن دوستن سان صلاح کانپوء ان فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ايوب مرزا جي مقابلي ۾ پنهنجو نمائندو عبدالرئوف آندو ۽ ان جي لاء ڀرپور مهم هلائي ان کي ڪامياب ڪرايو. پر ٻئي هنڌ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته جڏهين محمد سرور ۽ ٻين پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ته پارٽي ۾ شاگردن جي معاملن جي انچارج ايرڪ رحيم پاران کين ڊي ايس ايف جي اڳواڻي ڇڏڻ لاء چيو ويو ۽ انهن ان حڪم جي پوئواري ڪئي. اهڙي ريت ڊي ايس ايف ۽ پارٽي جي تعلق ۾ هڪ ابهام آهي.
پاڪستان جي آمريڪا سان مختلف ٺاهن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ ترقي پسندن ۽ خاص طور ڪميونسٽن لاء زمين تنگ ٿي ويئي هئي. پارٽي تي پابندي سان گڏوگڏ ان سان ڪنهن به ريت لاڳاپيل تنظيمن جهڙوڪ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ڊي ايس ايف وغيره لاء به ڪم ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. ان صورت ۾ متبادل هم خيال اڳ ئي موجود يا نين قائم ٿيل تنظيمن جهڙوڪ نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ادبي انجمن ۽ نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۾ ڪم ڪرڻ جي گنجائش هئي. اين ايس ايف جو شاگردن جي مسئلن جي حوالي سان موقف ڊي ايس ايف جي موقف جي ويجھو هو پر نظرياتي طور انهن جو طبقاتي جدوجهد وغيره جي حوالي سان ساڻن اختلاف هو ۽ اهي ٻه قومي ۽ پاڪستان جي نظرئي جي حوالي سان سرڪاري پاليسي جي وڌيڪ ويجھو هئا. پر ڊي ايس ايف جي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ ان ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري ان جي نظرياتي بيهڪ ۾ پڻ تبديلي اچي ويئي ۽ اڳتي هلي خاص طور سٺ جي ڏهاڪي ۾ ملڪ جي جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان سان لاڳاپيل گھڻن اڳواڻن قومي سطح تي پنهنجي لاء نالو پيدا ڪيو.
ان وقت پاڪستان ۽ خاص طور ڪراچي جون خاص حالتون هيون جن ڊي ايس ايف جي ٺهڻ، اڀرڻ ۽ ان جي اڳواڻن جي سامهون اچڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ لحاظ کان پنهنجو ڪم پورو ڪري اها تنظيم تاريخ جو حصو بڻجي ويئي ۽ ان جي جاء نين تنظيمن ورتي. جيتوڻيڪ پوء ڪميونسٽ پارٽي ان نالي سان پنهنجو شاگردن جو کليل پليٽ فارم قائم ڪيو پر جيئن ته وقت ۽ حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون ان ڪري اها تنظيم ڄڻ پارٽي جي سياست جي ئي هڪ توسيع هئي ۽ شاگردن جي مسئلن جي حوالي سان ان جو ڪو اهم ڪردار نه رهيو.
ملڪ جي تعليمي نظام ۽ تعليمي ادارن سان گڏوگڏ سياسي ۽ نظرياتي حوالي سان وڏيون تبديليون اچي چڪيون آهن. تعليم ۾ نجي شعبي جو ڪردار وڌي ويو آهي. پئسي کانسواء سٺي تعليم جو حصول ناممڪن آهي. ساڳي ريت شاگردن جي تنظيم به ماضي جي اصولن ۽ طريقه ڪار موجب ممڪن ناهي. ان حوالي سان نئين سر سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال زيرنظر ڪتاب ان سلسلي ۾ هڪ شروعات جو ڪم ڏيئي سگھي ٿو.