ڊپ به ڏاڍ جي هڪ صورت آهي
ڏاڍ ۽ تشدد ته رياست جو هڪ اهم هٿيار آهي پر ان کان وڌيڪ موثر هٿيار ماڻهن ۾ ان ڏاڍ متعلق هڪ ڊ پ پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ هونڌو آهي جنهن سان ماڻهن جي گھڻائي کي قابو ۾ رکڻ ممڪن ٿيندو آهي. اهو ضروري ناهي ته اهو ڪنهن خاص قسم جي نظام واري رياست سان وابستا هجي بلڪ اهو هر قسم جي رياست ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي ضرور استعمال ڪندي آهي. ڀارت هڪ جمهوري ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اتي بظاهر تحرير ۽ تقرير ۽ سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي آزادي آهي پر ان سان گڏوگڏ رياست ساڳي وقت ان سڀڪجھ کي هڪ حد ۾ رکڻ لاء تشدد جو استعمال به ڪري ٿي جيڪو مختلف طريقن سان رياست جي حڪمران طبقن ۽ پرڏيهي سرمائي جي مفاد ۾ هڪ معمول موجب ته هميشه جاري رهندو آهي پر ڪڏهين ڪڏهين ان جي لاء خاص قدم پڻ کڻڻا پوندا آهن ۽ اهو سڄي ملڪ تي لاڳو ٿي ويندو آهي.
اندرا گانڌي جي حڪومت پاران هنگامي حالتن جو لاڳو ڪرڻ هڪ غير معمولي قدم هو. ان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڊپ ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي سماج جي سڀني طبقن پاران احتجاج ۽ ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ويو هو.ِ نتيجي ۾ ايندڙ چونڊن ۾ کيس هار کي منهن ڏيڻو پيو هو. هندي جي ليکڪ نرمل ورما جو ناول رات جو رپورٽر ان صورتحال تي ردعمل ظاهر ڪندڙ پهريون ناول هو. جيئن نالي مان ظاهر آهي اهو ناول هڪ صحافي متعلق آهي جيڪو فري لانس ڪم ڪري ٿو ۽ سندس دوستي ۽ ناتا مختلف سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن سان هجن ٿا جيڪي حڪومت جي ان هنگامي حالتن واري قدم کي پسند نه ٿا ڪن.
هڪ ڏينهن اهو صحافي لائبريري ۾ پنهنجو ڪم پيو ڪري ته هڪ شخص اچي ساڻس ملي ٿو ۽ کيس ٻئي ڏينهن ڀر ۾ ٽيليفون بوٿ جي ٻاهران ملڻ جو چئي ٿو. ٻئي ڏينهن هو پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي کيس ٻڌائي ٿو ته اسان انو ڀائي جي گھر هڪ ڀيرو گڏيا هئاسين. هو کيس ٻڌائي ٿو ته انو ڀائي ته گرفتار ٿي ويو آهي ۽ آئون به اندران ٿي آيو آهيان. تنهنجي لاء اهو نياپو آهي ته تون محتاط رهو. ان سان گڏ سندس گھر ۾ هونڌي ۽ نه هونڌي نامعلوم فون اچن ٿا جيڪي ڪڏهين ڳالهائين ٿا ۽ ڪڏهين نه ٿا ڳالهائين ۽ جيڪڏهين ڳالهائين به ٿا ته رڳو سندس متعلق پڇا ڪري فون بند ڪري ڇڏين ٿا. ڪجھ موقعن تي هو محسوس ڪري ٿو ته سندس پيڇو پڻ ڪيو پيو وڃي.
ساڳي وقت سندس گھر جو ماحول ۽ سندس زال جي ذهني حالت سندس لاء اڃا وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪري ٿي. مختلف وقتن تي ان کي اسپتال ۾ علاج لاء داخل ڪرڻو پئي ٿو جڏهين ته گھر ۾ رڳو سندس ماء هجي ٿي. زال مٿس شڪ ڪري ٿي ۽ اهو سمجھي ٿي ته هو شهر کان ٻاهر وڃڻ جو بهانو ڪري رڳو ساڻس اسپتال ۾ ملڻ کان نٽائي ٿو. هو کيس ڏسندي ئي هسٽريائي ڪيفيت ۾ اچي وڃي ٿي ان ڪري ڊاڪٽر پاران کيس ان سان ملڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته هو رڳو ان وقت صحتياب ٿي سگھي ٿي جڏهين هو توکي پوري ريت ڀلجي وڃي. اهڙي ريت هو لاڳيتي ڇڪتاڻ ۾ هجي ٿو. دوست کيس شهر کان ٻاهر وڃڻ جي صلاح ڏين ٿا پر هو ٻڏتر ۾ هجي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ڇا ان سان سندس مسئلو حل ٿي ويندو.
ان دوران انو ڀائي جي زال پنهنجي ڌي سان گڏ ساڻس ملڻ اچي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته انو ڀائي کي ڪنهن نامعلوم جاء تي منتقل ڪيو ويو آهي جنهن متعلق ڪا ڄاڻ نه ٿي ڏني وڃي. هو کيس چئي ٿي ته جيڪڏهين اهو ممڪن هجي ته کيس صحت جي بنياد تي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي جيئن ٻين گھڻن کي ڪيو ويو آهي. کيس فوري طور ذهن ۾ ان ماڻهو جو خيال اچي ٿو ته جيڪو ساڻس مليو هو ۽ کيس چيو هئائين ته ڪنهن ڪم جي صورت ۾ هو ساڻس رابطو ڪري سگھي ٿو. وٽس جيئن ته ان جو وزيٽنگ ڪارڊ هجي ٿو ان ڪري هو سندس گھر پهچي ٿو ۽ ساڻس سڄي ڳالهہ ڪري ٿو. هو سندس سڄي ڳالهہ ٻڌي کيس چئي ٿو ته اهي ماڻهن کي اندر موڪلڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻاهر ڪڍڻ جو. ساڳي وقت هو کيس اها تنبيه پڻ ڪري ٿو ته آئينده انو ڀائي جي زال وغيره سان ملڻ ۾ احتياط ڪري جنهن سان سندس لاء وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿي سگھن ٿيون. هو پنهنجي قميص کولي پٺي تي تشدد جا نشان کيس ڏيکاريندي چئي ٿو ته هو اندر جو هي سڄو عذاب ڀوڳي چڪو آهي ۽ تون پهريون ماڻهو آهين جنهن کي آئون اهي نشان ڏيکاري رهيو آهيان جڏهين ته کيس گھڻي مهلت ملي آهي ۽ ڪنهن وقت به هو مٿس هٿ وجھي سگھن ٿا. هو کيس ان ڳاله کان به هوشيار ڪري ٿو ته هن وقت انهن جي پرڏيهي صحافين تي نظر آهي ۽ جيئن ته سندس هڪ اهڙو دوست آهي ان ڪري هو ان سلسلي ۾ پڻ احتياط کان ڪم وٺي. آخر ۾ هو کيس ڪاغذن جو هڪ بنڊل ڏيندي ٻڌائي ٿو ته اهو انو ڀائي توکي ڏيڻ لاء ڏنو آهي ته جيئن تون ان کي پنهنجي پرڏيهي دوست تائين پهچائي سگھين. پر اها تنهنجي مرضي آهي ته تون اهي نه کڻي وڃ، انهن کي واٽ تي ڦٽو ڪري ڇڏ يا پنهنجي دوست تائين پهچائي. هو ڊپ ۽ هراس واري ڪيفيت ۾ اهي ڪاغذ کڻي اتان نڪري پنهنجي دوست جي فليٽ تي وڃي ٿو پرفليٽ بند هجي ٿو ۽ هو اڳ ئي اتان وڃي چڪو هجي ٿو. کيس سندس محبوبا اها صلاح ڏئي ٿي ته هو اهي ڪاغذ گھر نه کڻي وڃي ۽ انهن کي ضائع ڪري ڇڏي. آخر ۾ هو اهي ڪاغذ کڻي مزدورن جي هڪ ميڙ ۾ وڃي ويهي ٿو جيڪي مچ تي پنهنجا هٿ سيڪي رهيا هجن ٿا ۽ کيس اها پڪ هجي ٿي ته هتي کيس ڪير به نه سڃاڻندو.