روشن چھرا
”بلوچ روشن چهري“ رمضان بلوچ جو ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻه ڪتاب لياري ڪي ان ڪهي ڪهاني ۽ لياري ڪي اڌوري ڪهاني شائع ٿي چڪا آهن. نوڪري مان ڪجھ سال اڳ رٽائر ٿيڻ کانپوء رمضان سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ سرگرم زندگي گذاري رهيو آهي. منهنجي ساڻس واقفيت آزاد بلوچ جي حوالي سان اٽڪل ٽيهہ پنجٽيهہ سالن کان آهي ۽ فيس بڪ ان کي اڃا وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو آهي. رمضان لياري جو پراڻو رهاڪو ۽ اتان جي ماڻهن، مختلف علائقن، سياست ۽ سماجي سرگرمين جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ آهي.
پاڪستان ٺهڻ اڳ ۽ ان کان گھڻو عرصو پوء به لياري ۽ ملير جا بلوچ سنڌي ميڊيم ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ سنڌي ۾ ئي لکپڙه ڪندا هئا. اهو لاڙو پوء مختلف سياسي ڪارڻن جي ڪري تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ گھڻا سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ بند ٿي ويا. رمضان ٻڌائيندو آهي ته سندس وڏو ڀاء سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندو هو پر سندس پي رمضان کي الائي ڇو اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ ٻائيتاليهہ کان وڌيڪ اهم بلوچ شخصيتن جو ذڪر آهي. هڪ ته ان ۾ گھڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن جن سان رمضان جو واسطو رهيو آهي ۽ ٻيو ته ان ۾ لياري جي ماڻهن ۽ رمضان جي دوستن جو هڪ حاوي تعداد آهي. ان ۾ سياستدان، اديب، سماجي ڪارڪن ۽ اڪبر جلال جهڙا فلمن ۽ موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو شامل آهن.
لياري جو بلوچ سياست، ادب ۽ سياست جي واڌ ويجھ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. بلوچ ادب ۽ سياست جي اهم نالن جهڙوڪ واجه عبدلله جان جمالديني، آزاد جمالديني، ظهور هاشمي، صبا دشتياري، غوث بخش بزنجو، عطاءالله مينگل ۽ خيربخش مري وغيره جو واسطو مختلف طريقن سان لياري سان رهيو آهي. بي ايس او سميت گھڻيون بلوچ تنظيمون هتي ئي وڌيون ويجھيون. هتان جي بلوچ نوجوانن جهڙوڪ لالا لعل بخش رند، آزاد بلوچ، صديق بلوچ ، عثمان بلوچ، يوسف نسڪندي، ن م دانش ۽ اڪبر بارڪزئي هتان جي ادب، سياست ۽ ماڻهن کي سياسي شعور ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چاڪيواڙي جو نور محمد ٽي شاپ، لالا لعل بخش رند جي گھر جي سامهون خالي پلاٽ، جيڪو سندس ئي ملڪيت هو ۽ پوء لينن گراڊ جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ ٻيون مختلف جايون نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ملڪ ۽ دنيا جي مخلتف حصن مان ايندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻين جون مستقل جايون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهوبه هو ته 1960 جي ڏهاڪي کان بلوچ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي تعليم ۽ روزگار وغيره جي سلسلي ۾ ڪراچي اچڻ شروع ٿيو. اهم بلوچ رهنما غوث بخش بزنجو 1935 ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ هتان ئي بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان هن پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. ساڳي وقت بزنجو هتان ئي محمود هارون جي خالي ڪيل قومي اسمبلي جي نشست تي سندس ئي حمايت سان اسمبلي جو رڪن ٿيو هو جنهن تي بلوچ سياسي ڪارڪنن پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ ليکڪ ان کي بلوچ سياست ۾ بگاڙ جو اهم ڪارڻ قرار ڏئي ٿو. ساڳي ريت عطاءالله مينگل پڻ 1962 ۾ بلوچ حقن جي حوالي سان ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيل هڪ جلسي ۾ متعارف ٿيو هو.
هي ڪتاب بلوچ سياست، ادب ۽ ثقافت ۽ خاص طور لياري سان ان جي تعلق جي حوالي سان اهم آهي.