سنڌو سرسوتي تهذيب: ڪجھ سوال
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي قديم آثارن جي تحقيق جي ڪم کي وڏو نقصان پهچايو. ان وقت تائين چاليهہ کن قديم آثاردريافت ٿي چڪا هئا ۽ انهن مان گھڻا ان خطي ۾ هئا جيڪو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هو. اهڙي ريت جن محققن جو ڀارت سان تعلق هو انهن لاء هن نئين ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو هو. انهن ۾ گھڻن ڀارت جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو کي درخواست ڪئي ته کين ڪڇ، ڀڄ، راجستان، هريانا ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جتي خاص طور سرسوتي جي پيٽ جي حوالي سان ان تهذيب جي گھڻن آثارن جي ملڻ جي توقع هئي. نهرو پاران اهڙي اجازت ڏني ويئي ۽ فنڊ وغيره به مهيا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ايستائين گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھ وقت اڳ تائين ننڍي کنڊ ۾ دريافت ٿيل آثارن جو تعداد اٽڪل 3700 ٿي ويوهو.
جيڪي آثار مليا آهن انهن جو اٽڪل پنجويهہ سيڪڙو گجرات ۾ آهي جنهن مان اٽڪل ٽيٽيهہ سيڪڙو ترقي ڪيل شڪل ۾ آهن. ماهرن جو خيال آهي ته اتر راجستان ۾ ڪالي بنگن ۾ جيڪي آثار مليا آهن انهن مان خبر پيئي ٿي ته اها تهذيب موئين جو دڙو ۽ هڙپا کان به اڳ جي آهي. انهن ۾ ڪجھ ڳالهيون ته سنڌو تهذيب سان مشابهت رکن ٿيون پر ڪجھ اهڙيون به آهن جيڪي سنڌو تهذيب کان مختلف آهن. مثال طور هتي باه جي پوڄا ڪئي ويندي هئي جيڪا ڳالهہ سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ نه هئي. ساڳي ريت هتي لوٿل جي جاء تي سمنڊ جي ديوي وينووتي ماتا جي پوڄا جا آثار ملن ٿا جيڪا ڳاله سنڌو تهذيب ۾ ناهي. انهن دريافتن جي بنياد تي اهو خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان پراڻي تهذيب جو مرڪز سنڌ نه پر بيڪانير ۽ جيسلمير هئا جتان سرسوتي وهندو ڪڇ نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ان بنياد تي ليکڪ اهو خيال پيش ڪري ٿو ته ان تهذيب کي بجائي سنڌو تهذيب جو نالو ڏيڻ جي سنڌو سرسوتي تهذيب چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ساڻس ڪجھ ڄڻا ته متفق آهن پر ان ڳاله کي اڃا عام قبوليت حاصل نه ٿي سگھي آهي.
ننڍي کنڊ ۾ آرين جي اچڻ ۽ هتان جي اصلوڪن رهاڪن سان سندن ورتاء جو معاملو هڪ وڏي بحث جو موضوع آهي ۽ هڪ لحاظ کان سرسوتي جي ڏند ڪٿا يا حقيقت جو معاملو به ان سان لاڳاپيل آهي. عام خيال ته اهو آهي ته آريا ٻاهران ايران، وچ ايشيا ۽ يورپ وغيره مان آيل حملي آور ۽ ڌاريان آهن جن هتان جي اصلوڪن رهاڪن، جن کي دراوڙ چيو وڃي ٿو، تي حاوي ٿي مٿن پنهنجو مذهب، ديويون، ديوتائون، ٻولي ۽ ثقافت وغيره مڙهي. جڏهين ته ان جو مخالف اهو خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهي ٻاهران آيل نه پر هتان جا ئي مقامي ماڻهو هئا. ٽيون خيال اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهي هتان جا مقامي ماڻهو هئا جيڪي ڪن حالتن جي ڪري لڏي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هئا ۽ پوء حالتن جي سازگار ٿيڻ تي موٽي آيا هئا. جن جن ملڪن ۾ اهي رهيا اتان جي ٻولين ۽ ثقافت وغيره تي سندن اثر اڃا به ملن ٿا. ويدن جي حوالي سان به هڪ رايو ته اهو آهي ته اهي سنڌو جي ڪناري تي ويهي لکيا ويا ۽ ان جي ساراه ڪئي ويئي جڏهين ته ٻيو رايو اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهو پوتر دريا جنهن جي ڪناري ويد لکيا ويا اهو سنڌو نه پر سرسوتي هو.
هڪ رايو آهي ته 1900 قبل مسيح ۾ هڙپا نهذيب جي زوال ۽ 1200 قبل مسيح ۾ آرين جي اچڻ ۽ هندوستاني سماج جي نئين سر تنظيم ڪرڻ ۾ اٽڪل ست سو سالن جي هڪ ڪاري رات ۽ وقفو آهي. پر ليکڪ ان خيال سان متفق ناهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙي ڪنهن ڪاري رات جو وجود ناهي. پر اهو هندوستاني تهذيب جو هڪ تسلسل آهي جيڪو هلندو آيو آهي ۽ ست سو سالن جو اهو عرصو ان جي نئين سر تنظيم ۽ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جو عمل آهي. دريا جي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري گھڻا شهر ۽ آباديون ختم ٿي ويون ۽ ماڻهن کي مجبور ٿي ٻين علائقن ڏانهن لڏڻو پيو. گھڻا گنگا ۽ جمنا جي ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا. گھڻا برهمڻ ڪشمير، ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪا وغيره ڏانهن لڏي ويا. اهڙي ريت اهي ماڻهو جيڪي سرسوتي جي ڪنارن تان لڏي گنگا ۽ جمنا جي ڪنارن تي آباد ٿيا ٻاهران حملي آور نه هئا جن اچي ڦرمار ڪئي ۽ هتان جي ماڻهن کي غلام بڻايو پر اهي هتان جا اصلوڪا ماڻهو هئا جيڪي شروع کان ئي هتي رهيل هئا.
ان جي لاء هو اهو ثبوت پيش ڪري ٿو ته ويد ان وقت لکيا ويا جڏهين سرسوتي پنهنجي عروج تي هو جڏهين ته ٻارنهين تيرنهين صدي قبل مسيح ۾ آرين جي هندوستان ۾ اچڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ان وقت دريا گھڻي ڀاڱي گم ٿي چڪو هو. ان ڪري ان کي صحيح نه ٿو مڃي سگھجي.
پر تاريخدان عرفان حبيب ان نظرئي کي صحيح نه ٿو سمجھي. هو پهرين ڳالهہ ته سرسوتي جي هئڻ سان ئي اختلاف ڪري ٿو. ٻي ڳالهہ ته سندس چوڻ آهي ته ان نظرئي کي پيش ڪرڻ جو مقصد هڪ لحاظ کان دراوڙن کي پنهنجي تاريخي ڪردار ۽ ورثي کان محروم ڪرڻ آهي.
هن وقت الميو اهو آهي ته ڀارت ۾ تاريخ اهڙو موضوع ۽ سائنس نه رهي آهي جنهن کي معروضي ۽ اڻ ڌريو ٿي پرکي سگھجي. خاص طور بي جي پي جي حڪومت اچڻ کانپوء تاريخ به ڄڻ هڪ سياسي هٿيار ٿي پيو آهي. هڪ لحاظ کان نسل پرستي ۽ مٿڀرائپ جو جيڪو تصور آهي ان کي صحيح ثابت ڪرڻ آهي ۽ صدين کان جن ماڻهن حڪمراني ڪئي آهي انهن جي لاء اهو جواز پيش ڪرڻ آهي ته اهي ڪي ڌاريان ۽ ٻاهران آيل ماڻهو نه پر هتان جا ئي اصلوڪا رهاڪو آهن.
اها به ڳالهہ آهي ته محققن ۽ عالمن جو پنهنجي ليکي هڪ موقف ۽ نظريو هوندو آهي ۽ اهي ڪوشش ڪندا آهن ته ان کي درست ثابت ڪن ۽ ساڳي وقت ان تحقيق لاء سرڪاري سرپرستي ۽ فنڊنگ وغيره به ضروري شيون آهن. ان ڪري اهي هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جيڪي گھڻي ڀاڱي سرڪار پاران کين ڌنا ويندا آهن. بهرحال ان موضوع تي بحث جي ختم ٿيڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ في الحال ممڪن نه ٿو لڳي.