يارن جون ڪسرون ٻارن مان
ڀارت جي صحافي ڪرن ٿاپر جو تازو ڪتاب Devil’s Advocate- The Untold Story شائع ٿي آيو آهي. هي ڪتاب ليکڪ جي پنهنجي ڪم جي دوران مختلف شخصيتن سان ناتن وغيره جي حوالي سان آهي. هن اميتاڀ بچن سان پنهنجي هڪ انٽرويو جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اميتاڀ جي زال ۽ سندس ٻار به موجود هئا. هن اميتاڀ کان هڪ سوال ڪيو ته ڇا هن پنهنجي شادي کانپوء ڪنهن سان عشق ڪيو آهي. اميتاڀ چيو ته نه هن نه ڪيو آهي. ڪرن وري کانئس پڇيو ته ڀلا پروين بابي متعلق اوهان جي حوالي سان گھڻيون خبرون هليون انهن ۾ ڪيتري حقيقت آهي. اميتاڀ چيو ته نه اهو سڀ غلط آهي. مون به اهڙيون خبرون پڙهيون هيون پر اوهان هر رسالي ۽ اخبار کي روڪي ته نه ٿا سگھو. ان تي ڪرن کانئس پڇيو ته ڀلا ريکا متعلق اوهان ڇا چوندا. اميتاڀ جو چوڻ هو ته اهو سڀ غلط آهي. ان تي ڪرن ٿاپر اتي ويٺل سندس زال جيه کان پڇيو ته ڇا کيس يقين آهي ته سندس مڙس جيڪي چئي پيو اهو صحيح آهي. ان تي اميتاڀ جيه ڏانهن مڙي ڏٺو ۽ جيه چيو ته ها کيس پنهنجي مڙس تي يقين آهي. ان تي ٿاپر کانئس وري پڇيو ته ڇا هو واقعي اهو سمجھي ٿي يا مڙيئي ائين ئي چئي رهي آهي. هن جواب ڏنو ته نه هو واقعي ائين سمجھي ٿي.
انٽرويو کانپوء اميتاڀ اصرار ڪندي کين چيو ته هو ماني کائي پوء وڃن. انهن اهو سمجھيو ته انٽرويو خوش اسلوبي سان ٿي ويو آهي ۽ اميتاڀ کي خاص طور سندس عشق متعلق سوال ناراض نه ڪيو آهي. پر اسان کي ڪهڙي خبر ته اهو معاملو اندر ئي پچي رهيو آهي ۽ هاڻي ٻي صورت ۾ ٻاهر ايندو. اسان ماني لاء ويٺا هئاسين ته جيه اچي اميتاڀ کان پڇيو ته ڇا اوهان چانور کائيندا ته هن ان کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته ڇا توکي خبر ناهي ته آئون چانور ناهيان کائيندو. اسان کي سندس رويو ڏاڍو عجيب لڳو. ٿوري دير کانپوء هن وري پڇيو ته دراصل ماني پچڻ ۾ ٿوري دير آهي تيسين اوهان ٿورا چانور کائي وٺو. اميتاڀ رڙ ڪندي کيس چيو ته توکي سمجھ ۾ ڳالهہ ڇو نه ٿي اچي ته آئون چانور نه کائيندو آهيان. اها ساڳي ڳالهہ ٽيون ڀيرو به ورجائي ويئي ۽ اميتاڀ ڄڻ پنهنجو پاڻ ۾ نه ٿي رهيو. پوء جيه جيئن ڪمري مان ويئي تيئن موٽي نه آئي. ٻي ڪنهن وڌيڪ ڳالهہ ٻولهہ کانسواء اسان جيڪو پليٽن ۾ هو سو کائي موڪلياسون. پوء اها ڳالهہ سمجھ ۾ آئي ته اسان جي سوال جي ڪاوڙ ڪٿي وڃي نڪتي هئي.