برلن جي ديوار جو ڊهڻ ۽ سوشلزم جو بحران
ويهين صدي مهاڀاري جنگين، انقلابن ۽ علام قومن جي آزادي جي صدي طور ڄاتي وڃي ٿي. ان صدي جي شروع ۾ آيل سوويت يونين جو انقلاب هڪ اهم واقعو هو جنهن سڄي دنيا کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت ان صدي جي ختم ٿيندي ٿيندي خاص طور سوويت يونين جي ڊهڻ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي ختم ٿيڻ هڪ پاسي گھڻن سوالن کي سامهون آندو ته ٻئي پاسي گھڻن ماڻهن، لاء جيڪي ان سڀڪجھ کي ذهني طور قبول ڪرڻ ۽ نين حقيقتن سان هم آهنگ ٿيڻ لاء تيار نه هئا، گھڻن نفسياتي مسئلن کي پيدا ڪيو. ان جا گھڻا مثال پاڪستان ۾ به ڏسي سگھجن ٿا.
سوويت يونين ۾ گورباچيف جي گلاسنوست ۽ پريسٽريڪا کانپوء اوڀر يورپ جا ملڪ، جيڪي بين مهاڀاري جنگ کانپوء يورپ جي ورهاست جي نتيجي ۾ سوويت يونين جي اثر هيٺ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جو حصوهئا، شانت نه رهيا. ان کان اڳ به انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ ماڻهن جو احتجاج، جمهوري آزادين جي گھر ۽ نتيجي ۾ انهن ملڪن ۾ سوويت يونين جي فوجي مداخلت ڄڻ هڪ معمول جي ڳالهہ هئي. شروعات اوڀر جرمني کان ٿي هئي. 1953 ۾ اوڀر جرمني ۾ اجرتن گھٽائڻ خلاف مزدورن جو احتجاج، جيڪو برلن کان شروع ٿي ملڪ جي گھڻن شهرن ۾ ڦهلجي ويو هو، سوويت يونين جي فوجي مداخلت ۽ اٽڪل ويهہ احتجاج ڪندڙن جي مرڻ کانپوء ختم ٿيو. 1956 ۾ هنگري، 1968 ۾ چيڪو سلواڪيا ۽ پوء پولينڊ. اهو سلسلو سوويت يونين ۾ گوربا چيف جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ 1989 ۾ برلن ديوار جي اچي پٽ پوڻ تي پنهنجي انت تي پهتو.
جيتوڻيڪ اوڀر جرمني جا ماڻهو ديوار کي ڊاهڻ ۽ اوله سان گڏجڻ چاهين پيا پر اهو هڪ لحاظ کان اوڀر جرمني جي گھڻن ماڻهن لاء نفسياتي، معاشي ۽ سياسي طور ايترو سولو معاملو نه هو. اها ملڪ جي ٻنهي حصن جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ برابري جي سطح تي طئي ٿيڻ واري ڳاله نه هئي پرهڪ لحاظ کان ڄڻ اولهہ پاران پنهنجو سڄو معاشي ۽ سياسي نظام اوڀر مٿان مڙهڻ هو ۽ ساڳي وقت اهو تاثر به ڏيڻو هو ته اوڀرمعاشي طور پٺتي پيل ۽ اولهہ جي ماڻهن تي هڪ بار آهي جنهن کي اولهہ جي معاشي معيار تي آڻڻ لاء اولهہ جي ماڻهن کي قرباني ڏيڻي پوندي.
اوڀر جي ماڻهن لاء سندن ملڪ ۾ سڀڪجھ خراب نه هو. کين ساه کڻڻ، اختلاف رائي رکڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ سياسي جماعتن واري سياسي نظام جي ضرورت هئي. ان مقصد لاء حڪمران پارٽي اندر ۽ ان کان ٻاهرمختلف ماڻهو ۽ گروپ پنهنجي ليکي ڪوشش ۽ جدوجهد ڪري رهيا هئا. پر برلن جي ديوار ڪرڻ کان پوء جيڪي ڪجھ ٿيو اهو سندن لاء هڪ صدمي کان گھٽ نه هو. گھڻا حساس ۽ سوچيندڙ ماڻهو ان کي سهي نه سگھيا ۽ معاشي مسئلن سان گڏ نفسياتي مسئلن جو به شڪار ٿي ويا. انهن مان ڪجھ ڄڻن آپگھات ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته ان دوران ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هڪ پروگرام ٿيو هو جنهن ۾ اوڀر جرمني جا ڪجھ ليکڪ ۽ دانشور شريڪ هئا. سندن چيل لفظ ته مون کي چڱي ريت ياد ناهن پر سندن رويو ۽ باڊي لئنگوئج اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ آهي. سندن مطلب اهو هو ته جيڪي ڪجھ ٿيو هو ان ۾ کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو ۽ نه ئي جيڪي قدم کنيا ويا انهن ۾ سندن مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو هو. ساڳي ريت کين هڪ بار ۽ اهڙو غريب ڀاء ڪري ورتو ويوهو جنهن جي ڪري اوله جي ماڻهن کي قرباني ڏيڻي پئي آهي.
طارق علي پنهنجي ناولFear of Mirrors ۾ ان سڄي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ جي نظرئي ۽ نڪته نظر کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. طارق علي نظرياتي طور ٽرائٽسڪائٽ رهيو آهي ۽ خاص طور اسٽالن جي حوالي سان سندس لکڻين ۾ اهو نڪته نظر حاوي آهي.
ناول جو مک ڪردار ولادي آهي. هو اوڀر برلن جي يونيورسٽي ۾ ادب جو استاد هجي ٿو. هي اهڙو وقت هو جڏهين سوويت يونين ۾ گورباچيف اقتدار ۾ هو ۽ اوڀر يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهن جا احتجاج وغيره هلندڙ هئا. ساڳي ريت ولادي هڪ سوشلسٽ هوندي اهڙي هڪ گروپ جو حصو هو جيڪو ملڪ ۾ جمهوري سڌارن،برلن جي ديوار کي ڊاهڻ ۽ گھڻ سياسي جماعت واري نظام لاء متحرڪ هجي ٿو. هو پاڻ جيتوڻيڪ ديوار کي ڊاهڻ ۽ ماڻهن ۾ ويڇا ختم ڪرڻ جي حق ۾ هجي ٿو. پر ديوار جي ڊهڻ کانپوء جيڪي ڪجھ ٿئي ٿو اهو سندس لاء غير متوقع ۽ هڪ صدمي کان گھٽ نه ٿو هجي. نئين نظام ۾ سندن ڪا رائي ۽ ڪو حصو نه ٿو هجي. سندس آدرش اڻ پورا رهجي ٿا وڃن. اوله جا سرمائيدار ۽ ڪارپوريشنون هر شي ۽ اثاٿي تي قابض ٿي وڃن ٿيون. ولادي کي يونيورسٽي جي نوڪري مان اهو چئي جواب ڏنو وڃي ٿو ته هو جيڪي ڪجھ پڙهائي رهيو هو هاڻي ان جي ضرورت نه رهي هئي. سندس خاندان ورهائجي وڃي ٿو. سندس پٽ ڪارل، جنهن کي انهن زال مڙس پنهنجين سياسي سرگرمين کان پري رکيو هو، نظرياتي ۽ سياسي طور مختلف نموني سوچي ٿو ۽ اولهہ جي نظرئي ۽ سياسي سوچ کي صحيح سمجهي ٿو. هوِ پنهنجي ماء پي لاء سمجهي ٿو ته سندن سوچ مدي خارج آهي. هو ميونخ ۾ رهي ٿو ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي لاء ڪم ڪري ٿو. جڏهين ته ولادي جي زال کانئس ناراض ٿي نيويارڪ هلي وڃي ٿي. هو هڪ نفسياتي مونجھاري ۽ اڻ تڻ جو شڪار هجي ٿو انهن حالتن جي هوندي هو ۽ سندس دوست سمجھن ٿا ته سندن لاء ڪم ڪرڻ جي ڪا گنجائش نه رهي هئي. سندس هڪ دوست ۽ گروپ جو هڪ اهم رڪن انهن دٻائن کي نه سهندي آپگھات ٿو ڪري ڇڏي. هو پاڻ ان متعلق سوچي ٿو پر اهڙو قدم کڻڻ لاء تيار نه ٿو ٿئي.
هو سوچي ٿو ته نيٺ ائين ڇو ٿيو جنهن جي ڪري کين اهو سڀڪجھ ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هو ان سڄي صورتحال کان پنهنجي پٽ ڪارل کي آگاه ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاء هڪ ڊگھو خط لکي ٿو. هو کيس سڄو پسمنظر ٻڌائي ٿو ته اهو سڀڪجھ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. سندس پنهنجي زندگي جا گھڻا پاسا لڪل هجن ٿا. ان سڄي صورتحال ۾ سندس ماء گرٽريڊ جو اهم ڪردار هجي ٿو.