مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

گبرئيل گارشيا مارڪيز جي زندگي جا ڪجھ پاسا

گبرئيل گارشيا مارڪيز جي زندگي جا ڪجھ پاسا

ادب جونوبل انعام گھڻن اديبن کي مليو آهي. انهن مان ڪجھ اهڙا نالا آهن جن واقعي ان انعام جي وقار ۽ ساک کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ڪجھ نالن مان هڪ اهم نالو گبرئيل گارشيا مارڪيز جو آهي. هن جڏهين نوبل انعام وصول ڪرڻ واري تقريب ۾ تقرير ڪئي هئي ته سندس موضوع لاطيني آمريڪا جي اڪيلائي، اتان جي ماڻهن جي محرومي ۽ صدين کان انهن جو ٿيندڙ استحصال هو. مارڪيز ۽ سندس جهڙن سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ ٻين گھڻن ماڻهن لاء لاطيني آمريڪا جو سڄو خطو ڄڻ ته سندن وطن آهي ۽ ڪنهن هڪ خاص ملڪ سان پنهنجي سڃاڻپ رکڻ سندن لاء ڏکيو هوندو آهي. چي گويرا جڏهين ڪيوبا ۾ انقلاب کانپوء بوليويا ۾ اچي انقلاب لاء جدوجهد شروع ڪئي ته وٽس اها ئي سوچ ۽ اهو ئي نظريو هو ته هتان جي ماڻهن کي صدين جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيارجي. ساڳي ريت منهنجي لاء پڻ اهو ڏکيو هونڌو آهي ته گارشيا مارڪيز کي ڪهڙي ملڪ جي خاني ۾ وججھي. هو ساڳي وقت ڪولمبيا ۾ ڄائو ۽ اتان جو شهري آهي، ميڪسيڪو سندس ٻيو گھر آهي ۽ ساڳي ريت ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسواء هو ڪيوبا ۾ سندس دوست فيڊل ڪاسترو پاران ڏنل گھر ۾ رهي سگھيو ٿي. علائقي جي ڪنهن به ملڪ ۾ سندس اچڻ وڃڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي.
ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ هي شخص رڳو ڪهاڻين ۽ ناول لکڻ جهڙي ڪم تائين محدود نه هو. پنهنجي تعليم جي مختلف مرحلن مان گذرندي ۽ مختلف مضمونن کي آزمائيندي هن نيٺ اچي ادب ۽ صحافت تي دنگ ڪيو. هن صحافت کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ پاڻ چوندو هو ته هو بنيادي طور تي صحافي آهي ۽ ڪهاڻيون وغيره ته بس ائين ئي لکي وٺندو آهي. ايڏي وڏي مرتبي جي ليکڪ کي اهو مڃڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي ته هڪ مستند ليکڪ طور پنهنجي حيثيت قائم ڪرڻ کانپوء به سندس ماء سندس لکيل خطن مان صورتخطي ۽ گرامر جون غلطيون ڪڍندي هئي ۽ انهن جي نشاندهي ڪندي هئي. سندس ننڍپڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏي وٽ گذريو هو. سندس ڏاڏي کيس مختلف ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي جڏهين ته سندس ڏاڏو فوج ۾ ڪرنل هو ۽ ڪولمبيا ۾ آزاد خيال ۽ قدامت پسندن جي وچ ۾ هزار ڏينهن جي جيڪا جنگ هلي هئي ان ۾ آزاد خيالن پاران شريڪ ٿيو هو. هو کيس جنگ جي حوالي سان ۽ ٻيا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. ان ۾ اهم 1928 ۾ يونائٽيڊ فروٽ ڪمپني خلاف احتجاج ڪندڙ ڪيلي جي آبادگارن جو وڏي پئماني تي قتل عام هو جنهن واقعي کي حڪومت پاران لڪايو ويو هو ۽ سوين لاشن کي ريل جي مال گاڏن ۾ وجھي سمنڊ ۾ لوڙهيو ويو هو.ِ ان کانپوء ڪيترن ڏينهن تائين مينهن پوندو رهيو هو. اهو واقعو ليکڪ پنهنجي ناول هڪ سو سالن جي اڪيلائي ۾ لکيو هو. ساڳي ريت 1948 ۾ ڪولمبيا جي شهر بوگوٽا ۾ صدارتي اميدوار گئٽان، جنهن کي عام ماڻهن جي وڏي حمايت حاصل هئي، جي قتل جي نتيجي ۾ ٿيل وڳوڙن پڻ ليکڪ کي متاثر ڪيو. اهڙي ريت جنهن کي ليکڪ جي جادوئي حقيقت پسندي چيو وڃي ٿو اها دراصل ليکڪ جي پنهنجي چوڌاري جي صورتحال هئي جنهن کي هن پنهنجين ڪهاڻين ۽ ناولن جو موضوع بڻايو.
ان پسمنظر جي ڪري کاٻي ڌر ڏانهن سندس لاڙو شروع کان ئي هو. ڪجھ عرصو هو ڪولمبيا جي ڪميونسٽ پارٽي سان به لاڳاپيل رهيو. هڪ ڏينهن کيس پارٽي جي اڳواڻ سان ملاقات ڪرائي ويئي جنهن کيس چيو ته جيڪڏهين هو سياسي طور سرگرم نه ٿو رهڻ چاهي ته پوء ڀلي پارٽي کان پاسيرو ٿي پنهنجو صحافتي ۽ ادبي ڪم ڪندو رهي ۽ اهڙي ريت هو پنهنجي اصل ڪم ڏانهن موٽي آيو.
ڪولمبيا ۾ هڪ پاسي مختلف گوريلا تنظيمون سرگرم هيون ته ٻئي پاسي منشيات جي وڏن گروهن جو ملڪ جي مختلف علائقن تي قبضو هو ۽ اڃا به آهي. آمريڪا ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوڪين جو اٽڪل اسي سيڪڙو هتان فراهم ٿيندو رهيو آهي. هن لاڳيتو هلندڙ گھرو ويڙه ۾ وڏو نقصان عام ماڻهو جو آهي جيڪو هڪ پاسي حڪومت ۽ ٻئي پاسي گوريلن ۽ منشيات فروش گروهن جي تشدد جو شڪار رهندو آيو آهي. پوء ڀلي کيس باقاعدي نشانو ڪري ماريو وڃي يا هو ٻن ڌرين جي ويڙه جي وچ ۾ اچي مارجي وڃي. ان جو اندازو هن ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته جيتوڻيڪ هڪ ليکڪ طور پنهنجي حيثيت کي مڃرائڻ کانپوء عام ماڻهو کيس سڃاڻڻ لڳا هئا،ِ واٽ ويندي ساڻس سلام دعا به ڪندا هئا ۽ سندس حال احوال به پڇندا هئا ۽ ساڳي وقت گوريلا تنظيمن سان به سندس واسطا هئا پر ملڪ جي صورتحال سڀني کي متاثر ڪيو هو ۽ ان کان ڪير به محفوظ نه هو. بگوٽا ۾ رهندڙ مارڪيز کي پڻ پنهنجي تحفظ لاء جديد هٿيارن سان هٿيار بند محافظ رکڻا پيا ٿي.
ان صورتحال ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ جنهن کي حڪومت ۽ گوريلن جون تنظيمون احترام جي نظر سان ڏسنديون هيون ۽ سندس ڳالهہ کي اهميت ڏينديون هيون هن اهو پنهنجو فرض ٿي سمجھيو ته انهن ڌرين ۾ ٺاه ڪرائجي ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ ماڻهو آرام سان پنهنجي زندگي گذاري سگھن. سندس ان ساک کي عالمي طور تي مڃيو ويو ٿي ۽ آمريڪا پاران پاڻ سندس ان ٽياڪڙي واري ڪردار جي پٺڀرائي ڪئي ٿي ويئي. جيتوڻيڪ ان کي مڪمل طور تي سندس ڪم نه ٿو ليکي سگھجي پر اهو چيو وڃي ٿو ته ايل سلواڊور ۽ نڪاراهوا جي سياسي تصفئي ڪرائڻ ۾ مارڪيز جو هڪ اهم ڪردار هو. لاطيني آمريڪا جي خاص طور ٻن اڳواڻن ڪيوبا جي فيڊل ڪاسٽرو ۽ پناما جي عمر ٽوريجاس سان سندس ويجھن ناتن جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. ڪاسٽرو سان سندس ويجھڙائي کي سندس ڪجھ دوست ۽ چاهيندڙ ناپسند به ڪندا هئا ۽ ڪي ٽوڪ طور کيس ڪاسترو جو درٻاري ڪري به ڪوٺيندا هئا. پر هن هڪ ته انهن ناتن ۾ پنهنجو هڪ فاصلو رکيو هو ۽ انهن کي هن ڪاسترو مخالفن جي فائدي لاء پڻ استعمال ڪيو. هن اٽڪل ٻه هزار ڪاسترو مخالفن کي جيل مان آزاد ڪرائڻ ۽ ملڪ مان نڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هو ميامي ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ڪاسترو مخالفن جي گھر وڃي رهندو هو ۽ اتي گھڻا اهڙا ماڻهو هاسيڪار ساڻس ملڻ ايندا هئا ۽ ساڻس عزت سان پيش ايندا هئا جن جي هن ڪنهن نموني مدد ڪئي هئي. ڪاسترو لاء سندس خيال هونڌو هو ته هو ڪنهن کي به پنهنجو انت نه ڏيندو آهي. هوانا ۾ مارڪيز کي جيڪو گھر ڏنو ويو هو اهو ڪاسترو جي گھر جي ويجھو ئي هو پر کيس ان گھر متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي. سندس چوڻ آهي ته ڪاسترو پنهنجي زال سان به ڪنهن کي نه ملائيندو هو ۽ اها ڳاله گھڻي ڀاڱي سندس ڀاء راهول تي به لاڳو ٿيندي هئي. رڳو هڪ ڀيرو فلائيٽ ۾ هو سندس زال سان ملي سگھيو هو. پناما جي عمر ٽوريجاس سان سندس ان کان به وڌيڪ ويجھا ناتا هئا. جڏهين گارشيا ڪولمبيا جي گوريلن سان ناتن جي ڪري آمريڪا جي بليڪ لسٽ تي هو ان وقت عمر ٽوريجاس آمريڪا سان پناما ڪئنال جي ٺاه تي صحيح ڪرڻ لاء کيس پاسپورٽ ڏيئي پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ هو ان ٺاه تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ موجود هو.
ساڻس تعلق رکندڙ گھڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته گابو، جيئن عام طور کيس لاطيني آمريڪا جا ماڻهو پيار مان سڏين ٿا، کي وڏن ماڻهن سان تعلق رکڻ جو شوق هو جنهن جو ڪارڻ سندس هڪ غريب خاندان ۽ غريب علائقي سان واسطو هئڻ ٻڌايو وڃي ٿو. سندس هڪ پڙهندڙ ته ايستائين چوي ٿي ته گابو جيڪڏهين ايڏو وڏو ليکڪ نه هجي ها ته جيڪر سمنڊ جي ڪناري تي سياحن کي چشما وڪڻندو نظر اچي ها. پر گابو جو پنهنجو چوڻ آهي ته سندس ان تعلق جو مقصد ماڻهن جي ڪم اچڻ ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرائڻ آهي. ڏٺو وڃي ته سندس اها ڳاله ان لحاظ کان درست به آهي ته سندس واسطو هميشه علائقي جي عوام دوست حڪمرانن ۽ تحريڪن سان رهيو ۽ ڪڏهين به اهڙن حڪمرانن سان نه رهيو جيڪي عام ماڻهو جي ڦرلٽ ڪندڙ هجن. هڪ يگانو ڪردار جنهن جي شخصيت پوري ريت لاطيني آمريڪا جي تاريخ، ڪلچر، سياست ۽ عام زندگي سان هم آهنگ هئي.