اڪبر ۽ صلح ڪل جي پاليسي
اڪبر ڪا هندوستان. اهو پورچوگال جي عيسائي فادر مونسيراٽ جو لاطيني ٻولي ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن جو مسودو 1906 ۾ دريافت ٿيو ۽ ان جو انگريزي ۾ ترجمو جي ايس هولينڊ ۽ بئنرجي ڪيو جيڪو 1922 ۾ شائع ٿيو. ان انگريزي ترجمي تان ڊاڪٽر مبارڪ ان جو اڙدو ۾ ترجمو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اڪبر کي لکڻ پڙهڻ نه ايندو هو پر سلطنت جي معاملن کي هلائڻ جي سلسلي ۾ کيس مهارت حاصل هئي. هندوستان جي حڪمرانن جي حوالي سان کيس اشوڪا سان ڀيٽيو وڃي ٿو جنهن هڪ عظيم سلطنت جو بنياد وڌو هو. اڪبر جي خاص ڳاله سندس دين الاهي يا صلح ڪل جي فلسفي کي متعارف ڪرائڻ هو. شخصي لحاظ کان هو هڪ منفرد حڪمران هو. ڪجھ سياحن کيس فتح پور سيڪري جي ڇت تي لغڙ اڏائيندي ڏٺو هو. هو محل جي ڀر ۾ مختلف شين ٺاهڻ جو جيڪو ڪارخانو هو اتي ڪاريگرن سان گڏ ويهي ڪم ڪندو هو. هڪ ڀيري شڪار ڪندي هو اڪيلو ڪيڏانهن نڪري جانورن جي هڪ واڙي ۾ هليو ويو جتي کيس ننڊ اچي ويئي. واڙي جي مالڪن کيس نه سڃاتو ۽ کيس بند ڪري ڇڏيائون. پوء سندس همراه کيس ڳولهيندا اتي پهتا ۽ کيس آزاد ڪرايائون. هن انهن ماڻهن کي ڪا سزا نه ڏني.
ان وقت مختلف يورپي ملڪن ۽ خاص طور پرتگال هندوستان جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن شهرن جهڙوڪ گجرات ۽ گوا وغيره تي قابض هو. هندوستان جي حڪمرانن جو سمنڊ پاسي ڌيان گھٽ هو. پورچوگيزين جو ڄڻ سمنڊ تي راڄ هو. اهي مختلف واپاري ۽ حاجين جي جهازن وغيره کي يرغمال ڪندا هئا ۽ انهن کان ڀنگ وٺندا هئا. ڪجھ وقت کانپوء اڪبر پاران کانئن گجرات جو قبضو ته واپس ورتو ويو پر گوا سندن قبضي ۾ رهيو.
اڪبر کي مختلف مذهبن ۽ عقيدن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق هو. ان مقصد لاء هن فتح پور سيڪري ۾ باقاعدي هڪ عمارت تعمير ڪرائي هئي جتي هر خميس تي خاص اهتمام ڪيو ويندو هو. مختلف مذهبن جا عالم بحث مباحثي لاء گڏ ٿيندا هئا. ان ۾ اسلام، هندومت، ٻڌ مت ۽ جين مت وغيره جا عالم هوندا هئا. عيسائيت متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاء اڪبر گوا جي عيسائين کي عيسائي پادرين کي موڪلڻ لاء لکيو ۽ اتي پنهنجو هڪ وفد پڻ موڪليو. انهن پنهنجا ٽي مشن اڪبر جي دربار ۾ موڪليا جن مان آخري مشن جي وڌيڪ اهميت آهي.
اڪبر جي لاء چيو وڃي ٿو ته هو جين مت جي وڌيڪ ويجھو هو ۽ هن 1582 عيسوي ۾ اهو فرمان جاري ڪيوهو ته ڇهن مهينن تائين سڄي مملڪت ۾ ڪوبه جانورذبح نه ڪيو ويندو، قيدي پکين کي آزاد ڪيو ويندو ۽ هڪ جين لائبريري قائم ڪئي ويندي. ساڳي ريت بادشاه مجوسين ۽ آتش پرستن کي گھڻي اهميت ڏيندو هو. ان جو اندازو ان ڳاله مان ڪري سگھجي ٿو ته هڪ ملازم کي رات جو ننڊ اچي ويئي ۽ هو باه جي حفاظت نه ڪري سگھيو.ِ باه وسامي ويئي ته بادشاه ان ملازم کي سزا طور قلعي جي فصيل تان هيٺ ڦٽو ڪري ماري ڇڏيو. انهن ٻنهي مذهبن جا استاد سندس دربار ۾ موجود رهندا هئا. ساڳي ريت سندس سک گروئن سان به خوشگوار ناتا هئا.
مختلف مذهبن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو لاڙو اسان کي چنگيز خان ۾ به ملي ٿو. هو جيتوڻيڪ فطرت جي مذهب ۾ يقين رکندڙ هو پر هن مختلف مذهبن جي عالمن کي پنهنجي دربار ۾ گھرائي کانئن سندن مذهبن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. جڏهين ته عيسائي پادرين چنگيز خان کي عيسائي ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ اڪبر لاء به اهي اهو ساڳيو خيال کڻي سندس دربار ۾ آيا هئا.
دربار ۾ انهن پادرين کي گھڻي عزت ڏني ويندي هئي. انهن مان هڪ کي بادشاه پنهنجي پٽ مراد، جنهن کي پهاڙي به چيو ويندو هو، جو استاد به مقرر ڪيو هو. اڪبردربار ۾ عيسائي پادرين سان مختلف مسئلن تي بحث ڪندو هو. هوِ خاص طور تثليث، يسوح جي خدا جي پٽ هئڻ ۽ سندس وري ظهور واري معاملي تي منجھيل هو ۽ ان کي سمجھڻ لاء هو انهن سان بحث ڪندو هو. هو مختلف مذهبن جي عالمن جا پاڻ ۾ بحث به ڪرائيندو هو. اڪبر جي اڻ پڙهيل هئڻ باوجود هڪ ذهين هئڻ جو ڪارڻ اهي بحث مباحثا به هئا. ان توجھ ۽ عزت جي ڪري پادرين کي اهو خيال ٿيو، جيئن انهن چنگيز متعلق به ڪيو هو، ته اڪبر بس عيسائيت قبول ڪرڻ وارو هو ۽ ايستائين ته انهن اها ڳاله پوپ کي به لکي موڪلي. پر ائين نه هو. پادرين اهو سمجھيو ٿي ته اڪبر عيسائيت کي سچو دين ته مڃي ٿو پر هو ان کي رڳو ان ڪري قبول نه ٿو ڪري ته ان جو سندس دربار ۽ عام ماڻهن ۾ سخت ردعمل ٿيندو. پر اڪبر کي رڳو عيسائيت جي مختلف پاسن متعلق هڪ تجسس هو جنهن جي ڪري هو کانئن مختلف سوال ڪندو رهندو هو. ان روئي جي ڪري نيٺ پادرين اهو سمجھي ورتو ته بادشاه عيسائيت قبول نه ڪندو. انهن پوپ کي اهو لکيو ۽ اڪبر کي چيو ته کين واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
ان ڳالهہ ساڳي وقت مسلمان عالمن ۽ ٻي خلق کي به پريشان ڪري ڇڏيو هو ته بادشاه جو لاڙو عيسائيت ڏانهن ٿي ويو هو. اڪبر خلاف سازشون شروع ٿي ويون. اڪبر جو ماٽيلو ڀاء مرزا حڪيم، جنهن کي هن ڪابل جو حڪمران بڻايو هو، ڪجھ درٻارين سان گڏجي ان سازش ۾ شامل ٿي ويو. هو ڪابل مان نڪري لاهور تائين پهتو پر کيس ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي ۽ واپس ڪابل موٽي ويو. اڪبر سندس ان ڳاله کي نظرانداز ڪندو آيو پر اهو رڳو هڪ ڀيرو نه پر ٻه ٽي ڀيرا ٿيو ۽ نيٺ اڪبر کي لشڪر وٺي ڪابل وڃڻو پيو جتي مرزا حڪيم ڀڄي وڃي جبلن ۾ لڪو ۽ اڪبر کيس پنهنجي ڀيڻ جي چوڻ تي معاف ڪيو ۽ سندس ڪابل جي حڪمراني کي برقرار رکيو. اڪبر کي قتل ڪرڻ جون پڻ ڪوششون ڪيون ويون پر ان ۾ به ڪاميابي نه ٿي سگھي.
مذهب کي پنهنجي حڪمراني لاء جواز ڏيڻ ۽ ماڻهن ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ رڳو اڄ جي ڳالهہ ناهي پر اهو پراڻي دور کان ٿيندو آيو آهي. اشوڪا ٻڌ مت جو سهارو ورتو. اهڙي ريت اڪبر مختلف مذهبن کي گڏي هڪ نئون مذهب آڻڻ ٿي چاهيو جيڪو ملڪ جي سڀني ماڻهن جي ضرورتن سان ٺهڪي اچي. ان مذهب کي سندس ڪجھ پوئلڳن پاران دين الاهي جو نالو ڏنو ويو. پر اشوڪا ۽ اڪبر ۾ اهو فرق آهي ته اشوڪا ڪلنگا جي جنگ ۽ قتل عام کانپوء ٻڌ مت جي تعليم ۽ اصولن تي خلوص سان عمل ڪيو هو جڏهين ته اڪبر لاء اهو چيو وڃي ٿو ته هو هڪ چالاڪ حڪمران هو ۽ سندس ڪنهن ڳاله تي اعتبار نه پيو ڪري سگھجي. سندس قول ۽ فعل ۾ وڏو فرق هوندو هو ۽ تيمور جي صحيح جانشين جي حيثيت ۾ ڪنهن به علائقي تي قبضي ڪرڻ ۽ رتو ڇاڻ ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندو هو.
مون کي ياد ٿو پئي ته گھڻو عرصو اڳ ڊاڪٽر مبارڪ جو اڪبر جي حوالي سان ڊان جي Encounter صفحي ۾ هڪ مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ هن اڪبر کي هڪ سيڪيولر حڪمران جي طور پيش ڪيو هو. مون ان تي ڪجھ ڪمينٽ ڏيندي لکيو هو ته اڪبر جڏهين دين الاهي جي نالي سان هڪ نئون مذهب متعارف ڪرائڻ پيو چاهي ته پوء ان کي سيڪيولر ڪيئن چئي سگھجي ٿو. اهي ڪمينٽ به ڊان جي ساڳئي صفحي ۾ شائع ٿيا هئا. ڊاڪٽر مبارڪ ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي جواب ڏنو هو ته دين الاهي جو نالو اڪبر پاران نه ڏنو ويو هو پر اهو سندس دربار جي ڪجھ ماڻهن پاران ڏنو ويو هو. پر هن ڪتاب ۾ اهو لکيل آهي ته اڪبر هڪ نئون مذهب آڻڻ پئي چاهيو ته جيئن پنهنجي حڪمراني کي هڪ جواز ڏيئي سگھي. هاڻي ان کي نالو کڻي ڪهڙو به ڏجي ۽ نه به ڏجي پر اها ڳالهہ ته پنهنجي ليکي هئي ته سندس صلح ڪل واري پاليسي هڪ نئين مذهب متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش هئي.
اڪبر اهڙو حڪمران هو جنهن کي مسلمان ۽ عيسائي عالمن ٻنهي اسلام جي دائري مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻيئي ان ۾ ناڪام رهيا.