هڪ صحافي جي جيل ياترا
My Prison Days افتخار گيلاني جي گرفتاري ۽ جيل جي اٽڪل ست مهينن جي ڪٿا آهي. هي ڄمون مان شائع ٿيندڙ اخبار ڪشمير ٽائمز جو دهلي ۾ نمائندو آهي ۽ ساڳي وقت پاڪستان جي فرائيڊي ٽائمز، ڊيلي ٽائمز ۽ هڪ ڊچ اخبار کي پڻ خبرون ۽ رپورٽون موڪليندو رهندو آهي. هي ڪشميرجي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ علي شاه گيلاني جو ناٺي بہ آهي.
9 جون 2002 جي رات ڏيڍ وڳي، جڏهين هو پنهنجو ڪم ختم ڪري ستو هو ۽ سندس ارادو هو ته هو پنهنجي ننڍ پوري ڪري صبوح دير سا اٿندو ته در تي زور سان ٺڪ ٺڪ جي آواز کيس سجاڳ ڪري ڇڏيو. در کولڻ تي انڪم ٽئڪس ۽ اينٽيليجينس بيورو جا همراه اندر گھڙي آيا. انڪم ٽئڪس واري همراه کيس وارنٽ ڏيکارنيدي چيو ته اسان کي تنهنجي اثاثن جي جاچ ڪرڻي آهي. ان وقت گھر ۾ رڳو هو پاڻ ۽ سندس زال هئي ۽ ننڍا ٻار ڪٿي ويل هئا. هڪ ليڊي پوليس آفيسر سندس زال کي ٿوري فاصلي تي علي شاه گيلاني جي گھر وٺي ويئي ته جيئن اها اتي موجود اڙدو دستاويزن کي سمجھڻ ۾ سندن مدد ڪري.
اهي اها رات ۽ ٻيو سڄو ڏينهن اتي رهيا ۽ سندن سڄي گھر کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. گھڻن ڪلاڪن تائين زال مڙس ٻنهي کي ڪمري ۾ بند ڪري پاڻ ڪمپيوٽر تي مختلف شين کي جانچيندا رهيا. انهن بينڪ اڪائونٽ وغيره مطلب ته هر شي جي جاچ ڪئي. انڪم ٽئڪس وارن ته کيس ڪليئر ڪري ڇڏيو پر پوليس ۽ خاص طوراينٽيليجينس وارا کيس ڪنهن به صورت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ جي موڊ ۾ هئا. انهن ڪمپيوٽر مان اهڙو هڪ دستاويز ڳولهي ڪڍيو جنهن ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي نقل و حرڪت متعلق معلومات ڏنل هئي. هن کين ٻڌايو ته اهو اڳ ئي پاڪستان جي اسٽريتيجڪ اسٽيڊيز رسالي ۾ ڇپيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي به موجود آهي. ٻيو ته ان ۾ ڪا به اهڙي ڳاله ڪونهي جيڪا لڪل هجي. انهن مان هڪ همراه کيس ٻڌايو ته تنهنجو انهن وضاحتن ڏيڻ جو ڪو فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته هو توکي گرفتار ڪرڻ ئي آيا آهن.
اهي سندس بينڪ اڪائونٽ جي جاچ ڪن ٿا جنهن ۾ معمولي رقم هجي ٿي ۽ هو جڏهين کانئس ڪار جي چاٻي گھرن ٿا ته هو کين بس جي پاس آڻي ڏئي ٿو. هو کين اهو به ٻڌائي ٿو ته وٽس ڪوبه ليپ ٽاپ وغيره ناهي.
نيٺ سندس زال کي چيو وڃي ٿو ته اسان هن کي ڪجھ پڇا ڳاڇا لاء ٿاڻي وٺي ٿا وڃون ۽ ان ۾ تشويش جي ڪا ڳالهہ ناهي. سندس گھرجي ٻاهران اخبارن ۽ ٽي وي جا نمائندا پنهنجي ڪئميرائن ۽ سڄي ساز و سامان سان موجود هجن ٿا ۽ مختلف ٽي وي چئنلز وقت بوقت بريڪنگ نيوز نشر ڪندا رهن ٿا.
ڏينهن ٻه ٿاڻي تي رکي پڇا ڳاڇا کانپوء کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. عدالت سندس موقف کي مڃڻ کان انڪار ڪندي کيس ريمانڊ تي موڪلي ٿي ۽ پوءِ کيس ملڪ جي قيدين سان ورتاء جي حوالي سان بدنام تهار جيل موڪليو وڃي ٿو. تهار دهلي جي ويجھو هڪ علائقي جو نالو آهي جتي اهو جيل قائم ڪيو ويو آهي. اهو هڪ وڏو جيل آهي ۽ هڪ جيل اندر ست جيل آهن، جتي مختلف درجن جي قيدين کي رکيو ويو آهي.
هڪ صحافي جي حيثيت ۾ گھڻن صحافي دوستن سندس ساٿ ڏنو ۽ سندس پنهنجي اخبار ڪشمير ٽائمز جي انتظاميا پڻ ساڻس گڏ بيٺي، پر ٻين گھڻن ضحافين ۽ اخبارن ان کي پنهنجي فائدي لاء پڻ استعمال ڪيو. جيل ۾ مقبول هڪ اخبار ۾ کيس غدار ۽ دهشت گرد ڪري پيش ڪرڻ جي ڪري اتان جي عملي ۽ قيدين ۾ سندس لاء هڪ منفي تاثر اڳ ئي قائم ٿي چڪو هو. ان ڪري سندس جيل ۾ داخل ٿيڻ سان ئي مٿس تشدد ۽ مارڪٽ شروع ٿئي ٿي. کانئس پنهنجي قميص سان ليٽرين صاف ڪرائي وري ان کي پائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جيڪا گھڻن ڏينهن تائين کيس پاتل هجي ٿي. شروع ۾ کيس اڪيلائي ۾ ڦاهي گھاٽ جي بند وارڊ ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوء به جيل انتظاميا جي چوڻ ۽ هشي تي مختلف قيدي مٿس تشدد ڪندا رهن ٿا. مٿس ان تشدد جو ٻيو ڪارڻ اها غلط فهمي به هجي ٿي ته کيس اهو گيلاني سمجھيو وڃي ٿو جيڪو ڀارتي پارليامينٽ تي دهشت گردن جي حملي ۾ شامل هو. ڪجھ وقت کانپوء سندس زال کي ساڻس ملڻ ڏنو وڃي ٿو جنهن کي هو ساڻس ٿيل اها سڄي وارتا ٻڌائي ٿو. هو اهو سڀڪجھ سندس صحافي دوستن کي ٻڌائي ٿي جيڪي ان تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ ان وقت جي گھرو معاملن جي وزير ايل ڪي آڏواڻي سان به رابطو ڪن ٿا. ان جي ڪري مٿس ڪجھ سختي گھٽجي ٿي ۽ کانئس جيڪو صفائي وغيره جو ڪم ڪرايو وڃي ٿو ان ۾ ڪجھ نرمي ٿئي ٿي.
جيلر ڪرن بيدي پنهنجي دور ۾ طهار جيل ۾ قيدين جي تعليم ۽ انهن جي اصلاح لاء مختلف سڌارا متعارف ڪرايا هئا. سندس وڃڻ کانپوء جيتوڻيڪ انهن مان گھڻا غير موثر ٿي ويا پر ڪجھ جو اثر اڃا باقي هو. انهن مان هڪ قيدين جي تعليم متعلق هو جنهن ۾ افتخار کي به شامل ڪيو ويو هو. ان ڪلاس ۾ هر قيدي پنهنجا تجربا ٻڌائي ٿو. جيب ڪترا پنهنجا تجربا ٻڌائن ٿا ته ڪار چوري ڪرڻ وارا پنهنجا قصا ٻڌائن ٿا. هڪ ڀيري جڏهين هڪ ڪار چوري ڪندڙ پنهنجو قصو ٻڌائي پيو ته اهو ماڻهو جنهن جي ٻه ڀيرا ڪار چوري ٿي هئي اهو به ان ڪلاس ۾ موجود هو ۽ چوري ڪندڙ اهو ساڳيو همراه هو جيڪو اهو قصو ٻڌائي رهيو هو. پوء اهي ٻيئي پاڻ ۾ اچي هٿين پيا ۽ ٻنهي کي مشڪل سان ڌار ڪيو ويو.
هن اتان جي قيدين متعلق به تفصيل ڏنا آهن. وڏي گھڻائي اهڙن قيدين جي آهي جيڪي ننڍن ڏوهن ۾ گرفتار ٿيا آهن ۽ انهن ۾ به گھڻا اهڙا آهن جيڪي ڪيس هلڻ ۽ سزا ملڻ جي انتظار ۾ هڪ ڊگھو عرصو جيل ۾ گڏاري چڪا آهن جيڪو سندن ممڪنه سزا کان گھڻو وڌيڪ آهي. ڪجھ اهڙا قيدي به آهن جيڪي سندس جيان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت گرفتار ٿيا آهن پر هڪ صحافي هئڻ جي حيثيت ۾ سندس پوئواري ڪندڙ صحافي تنظيمون ۽ ٻيا ماڻهو آهن جنهن جي ڪري سندس لاء اهو ممڪن ٿي سگھيو ته ست مهينن کانپوء آزاد ٿي ويو جڏهين ته انهن ماڻهن ۽ ٻين عام قيدين کي اها مراعت حاصل ناهي ۽ اهي داد رسي ۽ شنوائي نه ٿيڻ جي ڪري قيد ۾ ڀوڳيندا رهن ٿا.
ايجنسين پاران پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽيجڪ اسٽيڊيز جي ان شماري جي اوريجنل ڪاپي کي لائبريرين مان غائب ڪيو وڃي ٿو ۽ عدالت پاران فوٽو ڪاپي يا انٽرنيٽ تي ڪاپي کي قبول نه ٿو ڪيو وڃي. نيٺ سندس دوست اسلام آباد ۾ شيرين مزاري، جيڪا ان قت ان اداري کي هلائي رهي هئي، سان رابطو ڪن ٿا جيڪا کين اوريجنل ڪاپي موڪلي ٿي. پرسرڪار پاران اهو دليل ڏنو ٿو وڃي ته اها معلومات ڀلي شائع ٿيل ڇو نه هجي پر جيئن ته ان جو واسطو قومي سلامتي جي مسئلي سان آهي ان ڪري ملزم کي آزاد نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳي وقت مٿس اهي الزام به لڳايا ويا ته سندس دهلي ۾ پاڪستان جي هائي ڪميشن سان رابطا آهن ۽ انهن هن جي مشرف جي ڀارت جي دوري وقت آگره ۾ هن جي هوٽل جي رهائش وغيره جو خرچ کنيو هو. جڏهين ته هي انهن کي ڪشمير ۾ ڀارتي فوجن جي نقل و حرڪت متعلق حساس معلومات ڏيندو رهيو آهي.
ايجنسين جي مضبوط هئڻ جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته گھڻن ميمبرن پاران پارليامان ۾ ان مسئلي کي کنيو ويو ۽ افتخار جي آزادي جي گھر ڪئي ويئي پر ان جو ڪو اثر نه ٿيو. جارج فرنانڊيس ان وقت بچاء جو وزير هو. جڏهين ليکڪ جي زال ساڻس ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو ته هن ان جي نهايت مثبت موٽ ڏني ۽ ايستائين ته کين پنهنجي گھر ۾ اچي رهڻ جي آڇ ڪيائيين ته جيئن اهي ڪنهن به قسم جي هراسمنٽ کان محفوظ رهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سندس آزادي ۾ جارج فرنانڊيس جو اهم ڪردار آهي.
ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته ساڻس ٿيل ان وارتا جي ڪري سندس پاڙيسرين جو رويو بلڪل بدلجي ويو هو. نه رڳو پاڙي جي عورتن سندس گھر اچڻ ڇڏي ڏنو هو پر اهي پنهنجن ٻارن کي سندس ٻارن سان کيڏڻ لاء منع ڪندا هئا. ان ڪري سندس زال ۽ ٻار گھڻو وقت گھر ۾ ئي گذاريندا هئا.
جيتوڻيڪ سندس پنهنجي اخبار ڪشميرٽائمز جي انتظاميا ۽ سندس دوست صحافي ساڻس گڏ بيٺل هئا پر مجموعي طورصحافين جو رويو مخاصمانا ۽ عداوت وارو هو ۽ اهي پنهنجي بريڪنگ نيوز ۽ خاص خبر جي چڪر ۾ تصديق ڪرڻ کان سواء گھڻيون ڪوڙيون سچيون خبرون هلائيندا هئا جن مان گھڻن جي پوءِ اخبار جي انتظاميا کي پاڻ کي ترديد ڪرڻي پوندي هئي. انهن خبرن جي ڪري هڪ ته سندس عام ماڻهن ۾ غلط تاثر جڙندو هو ۽ ٻيو ان جي ڪري جيل ۾ مٿس جيل انتظاميا ۽ قيدين جو تشدد وڌي ويندو هو. آزادي کانپوء به گھڻن صحافين ۽ اخبارن جي ان روئي ۾ تبديلي نه آئي ۽ اهي روز سندس متعلق نوان انڪشاف ڪندا هئا ۽ اهو لکندا هئا ته کيس وري جلد ئي گرفتار ڪيو ويندو.
ان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت وڌ ۾ وڌ سزا چوڏنهن سال قيد آهي جنهن جي لاء سرڪار پاران پوري تياري ڪئي ويئي هئي پر صحافي برادري ۽ سندس خاندان وارن جي ڪوششن جي ڪري ائين نه ٿي سگھيو. ٻي ڳاله ته ڪيس پاڻ ڪمزور هو ۽ ان ۾ گھڻا جهول هئا، جنهن جي ڪري گھڻين ڪوششن جي باوجود به سرڪار ان کي اڳتي نه وڌائي سگھي. بهرحال 9 جون 2002 کان 13 جنوري 2003 تائين قيد جو عرصو افتخار گيلاني، سندس خاندان ۽ دوستن لاء نهايت ڏکيو ۽ آزمائش وارو هو.