بدلجندڙ شهر
ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان ماڻهو هميشه روزگار، تعليم ۽ ٻين شهري سهولتن جي ڪري وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن. ان سان شهر جي مجموعي صورتحال ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي آهي ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو ڪهڙن مسئلن مان گذرندا آهن ان جو گھڻو تجربو ڪراچي جي ماڻهن کي آهي. شهر جي آبادي ورهاڱي وقت ٽي لک مان وڌي هاڻي اٽڪل ٻه ڪروڙ کي وڃي پهتي آهي. اها صورتحال اٽڪل دنيا جي سڀني ملڪن جي وڏن شهرن سان آهي. شهر تي نظر رکندڙ ۽ ان سان هڪ تعلق محسوس ڪندڙ ليکڪ انهن تبديلين کي پنهنجي اندر محسوس ڪري ٿو ۽ تخليقي انداز ۾ ان کي پنهنجن مختلف ڪردارن وسيلي ظاهر ڪري ٿو.
جيئن آئون ڪراچي جي حوالي سان پنهنجي لاء چوندو آهيان ته آئون ۽ شهر گڏوگڏ وڏا ٿيا آهيون. اهو ساڳيو تعلق ترڪ ليکڪ اورهان پامڪ جو پنهنجي شهر استنبول سان آهي. سندس گھڻن ناولن ۽ ڪهاڻين جا موضوع ۽ ڪردار ان شهر سان ئي هڪ يا ٻئي نموني لاڳاپيل آهن. سندس ناولA Strangeness in My Mind شهر جي بدلجندڙ صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ خاص طور 1969 کان 2012 تائين شهر ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن انهن کي چٽي ٿو. هڪ ته ملڪ جي مختلف ڳوٺن مان ماڻهو روزگار خاطر استنبول اچن ٿا ۽ ٻيو ته ڪرد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فوجي آپريشن ڪري به گھڻا ڪرد لڏپلاڻ ڪري استنبول اچن ٿا. اهڙي ريت مرڪزي اناطوليا جي هڪ ڳوٺ مان ٻه ڀائر حسن ۽ مصطفيٰ استنبول ۾ روزگار جي خاطر اچن ٿا.اهي اتي ڌوئنرو ۽ بوزا وڪڻڻ سان شروعات ڪن ٿا. بوزا هڪ اهڙو ڊرنڪ آهي جنهن کي ڪڻڪ ۽ الڪوهل جي مدد سان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ هلڪي قسم جو نشو هجي ٿو. اهو خلافت عثمانيه جي دور ۾ شراب تي پابندي کانپوء متعارف ڪرايو ويو هو. ڪمال اتاترڪ جيتوڻيڪ شراب تان پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ بيون به گھڻيون تبديليون آيون آهن پر گھڻا ماڻهو پوء به اهو استعمال ڪن ٿا.
ان وقت شهر جي چوڌاري ٽڪرين تي ماڻهو پنهنجي ليکي گھر ٺاهڻ شروع ڪن ٿا. ان زمين کي پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ لاء بس اهو ڪافي هجي ٿو ته اتان جي مقامي حڪومت جي نمائندي، ڪائونسلر، کان هڪ ڪاغذ تي ٺپوهڻايو وڃي. ڏسندي ڏسندي اهي سڀ ٽڪريون آباد ٿي وڃن ٿيون. ان علائقي جو چڱو مڙس عبدالحميد نالي هڪ همراه هجي ٿو جنهن پنهنجي سياسي لڳ لاڳاپن ۽ ڪامورن سان تعلق وسيلي علائقي جي گھڻن پلاٽن تي پنهنجن ماڻهن ذريعي قبضو ڪيو آهي ۽ هو پوء انهن کي ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪري ٿو. هو علائقي ۾ هڪ وڏي مسجد قائم ڪري ٿو جنهن جا گنبد پري پري کان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڳتي هلي هي نه رڳو ان علائقي پر شهر جو هڪ وڏو بلڊر ٿي وڃي ٿو۽ پوء حسن ۽ سندس ٻيئي پٽ به ان ڪم ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. اهي ٻيئي ڀائر به پنهنجي ليکي هڪ پلاٽ هٿ ڪن ٿا ۽ اتي پنهنجو هڪ ڪمري وارو گھر اڏي اتي رهڻ لڳن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء حسن ٿورو اڳتي هڪ ٻيو پلاٽ هٿ ڪري اتي پنهنجو ذاتي گھر اڏي ڳوٺ مان پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن کي گھرائي اتي رهڻ لڳي ٿو جڏهين ته مصطفا ائين نه ٿو ڪري ۽ هو پنهنجي پراڻي گھر ۾ ئي رهي ٿو. ڪجھ وقت کانپوء سندس پٽ ميولت به استنبول اچي ٿو جتي هو پڙهائي به ڪري ٿو ۽ فارغ وقت ۾ بوزا ۽ دوئنرو وڪڻڻ ۾ پنهنجي پي جو هٿ به ونڊائي ٿو. سندس چاچي حسن جي زال ساڳي وقت ميولت جي ماسي به هجي ٿي ۽ سندس گھڻو خيال ڪري ٿي. هو جڏهين به سندن گھر وڃي ٿو ته ساڻس قرب ۽ پيار سان پيش اچڻ سان گڏوگڏ کيس سٺا کاڌا پڻ کارائي ٿي جنهن جي ڪري هو سندن گھر وڃڻ پسند ڪري ٿو.
انهن علائقن ۾ ساڳي وقت سياسي سرگرميون شروع ٿي وڃن ٿيون. ميولت جا ٻيئي سوٽ ڪورڪٽ ۽ سليمان قوم پرست ۽ مذهبي جماعتن سان لاڳاپيل هجن ٿا جڏهين ته ميولت ڪنهن جماعت ۽ نظرئي سان ته لاڳاپيل نه ٿو هجي پر سندس دوستي علائقي جي کاٻي ڌر جي علوي فرقي سان واسطو رکندڙ هڪ ڪرد نوجوان فرحت سان هجي ٿي. فرحت ۽ سندس سوٽن جو ٽڪراء لاڳيتو هلندو رهي ٿو.ان ۾ ميولت جي ڪردار جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ رات هو فرحت سان گڏجي پنهنجن سوٽن جي علائقي ۽ ايستائين ته انهن جي گھرن تي به انهن جي خلاف چاڪنگ ڪري ٿو جڏهين ته ٻي رات هو اهو ساڳيو ڪم پنهنجن سوٽن جي چوڻ تي انهن سان گڏجي سندن پارٽي جي حمايت ۾ ڪري ٿو.
انهن ٻنهي علائقن ۾ جھيڙو وڌي ٿو، ماڻهو قتل ٿين ٿا ۽ قوم پرست جماعتن جا ڪارڪن پوليس ۽ حڪومتي مشنيري سان گڏجي فرحت جي جماعت ۽ فرقي جي ماڻهن ۽ انهن جي گھرن تي حملا ڪرڻ شروع ڪن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ علائقي مان گھڻي لڏپلاڻ ٿئي ٿي. اها صورتحال بلڪل اهڙي آهي جيڪا ڪجھ وقت اڳ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نظر ايندي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي هئي ۽ هرٻولي ۽ نسل جي ماڻهن پنهنجن ماڻهن سان رهڻ کي ترجيح ڏني هئي.
ميولت ساڳي ريت پنهنجي پڙهائي به جاري رکي ٿو ۽ بوزا ۽ دونئرو وڪڻڻ ۾ پنهنجي پي جي مدد به ڪندو رهي ٿو. سندس پي جو پنهنجي ڀاء حسن سان ان ڳاله تي اختلاف هجي ٿو ته هو سندس گھر جي اڌ جي ملڪيت جي دعوا ڪري ٿو ۽ ان ڪري هو پنهنجي پٽ کي سندن گھر وڃڻ ۽ ساڻن ڪو لڳ لاڳاپو رکڻ کان منع ڪري ٿو. پر ميولت سندس ان ڳاله کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي سوٽ ڪورڪٽ جي شادي جي دعوت، جنهن ۾ وڃڻ کان سندس پي کيس سختي سان منع ڪئي هئي، ۾ شريڪ ٿئي ٿو. اتي سندس نظر پنهنجي سوٽ جي ننڍي سالي سيما تي پئي ٿي ۽ هو ڄڻ ان جي نظرن جو اسير ٿي وڃي ٿو. بس اکيون سندس لاء ڇڪ جو باعث هجن ٿيون. سندس سوٽ سليمان کيس بجائي صحيح نالو ٻڌائڻ جي سندس وڏي ڀيڻ ريحا جو نالو ٻڌائي ٿو ۽ پوء هو پنهنجي دوست فرحت ۽ ٻين جي مدد سان ريحا جي نالي خط لکڻ شروع ڪري ٿو جن کي پهچائڻ ۾ سندس سوٽ سليمان ۽ ڪورڪٽ جي زال وديعا سندس مدد ڪن ٿا. جڏهين هو ڇهن مهينن جي لازمي فوجي تربيت لاء وڃي ٿو ته اتان به هو ريحا جي نالي سان خط موڪليندو رهي ٿو. ان دوران ئي سندس پي جي به وفات ٿي وڃي ٿي.
ترڪي ۾ ڪنوار جي قيمت ڏيڻ جو رواج هجي ٿو ۽ ميولت جي سوٽ به پنهنجي سهري عبدالرحمان کي سندس وڏي ڌي وديعا جي قيمت ادا ڪئي هئي. پر ميولت وٽ ڪنوار جي قيمت ڏيڻ جا پئسا نه ٿا هجن. سندس سوٽ سليمان کيس صلاح ڏئي ٿو ته هو ريحا کي ڀڄائي وٺي اچي جنهن ڪم ۾ هو سندس مدد ڪرڻ لاء تيار هجي ٿو. رٿابندي ڪري هو ريحا کي ڀڄائي استنبول وٺي اچي ٿو. پر واٽ تي جڏهين ان ڇوڪري تي سندس نظر پئي ٿي ته کيس لڳي ٿو ته اها ته اها ساڳي ڇوڪري ناهي ۽ سندس ذهن جي هڪ عجيب ڪيفيت ٿي وڃي ٿي. بهرحال هو کيس قبول ڪري ٿو ۽ ساڻس نڪاح ڪري گڏ رهڻ لڳي
ٿو.
ميلوت پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگھڻ جي ڪري ڪا سرڪاري ملازمت حاصل نه ٿو ڪري
سگھي. سندس واحد ذريعو بوزا وڪڻڻ ئي هجي ٿو. پنهنجو پراڻو گھر مسواڙ تي ڏيڻ ۽ ريحا جي گھر ۾ ڀرت وغيره ڪرڻ جي باوجود ڏکيائين جو شڪار هجي ٿو. ڪجھ وقت لاء هو آئسڪريم وڪڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ پوء ڪنهن همراه کان چانورن، جيڪي ريحا گھر ۾ تيار ڪري ٿي، جو گاڏو وٺي چانور وڪڻڻ شروع ڪري ٿو. ساڳي وقت شام جي وقت بوزا وڪڻڻ وارو ڪم جاري رکي ٿو. پر هڪ ته اهو ڪم اطمينان جوڳي نموني هلي نه ٿو ۽ ٻيو ته هڪ ڏينهن سندس ڪجھ وقت لاء غيرموجودگي ۾ پوليس ۽ مقامي حڪومت وارا سندس گاڏو کڻي ٿا وڃن جيڪو گھڻي ڪوشش کانپوء به نه ٿو ملي سگهي. بوزا وڪڻڻ لاء هو شهر جي مختلف نون ۽ پراڻن علائقن ۾ وڃي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين هو شهر جي کنڊرن ۽ قبرستانن ڏانهن به نڪري وڃي ٿو ۽ اتي ڪنهن قبر تي گھڻو وقت ويٺو رهي ٿو. شهر ۾ وڏيون عمارتون ٺهي ويون هيون ۽ اڳ وانگر ماڻهن تائين سندس بوزا وڪڻڻ وارو آواز مشڪل سان پهچندو هو. ڪجھ بوزا جا شوقين ماڻهو کيس مٿي پنهنجي فليٽ ۾ گھرائيندا هئا. اهڙي ئي هڪ موقعي تي سندس ملاقات هڪ اهڙي بزرگ شخص سان ٿئي ٿي جيڪو ڪيلي گرافي ۽ مذهبي علمن جو ماهر ۽ سياسي لحاظ کان ترڪي جي مذهبي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. سندس گڏجاڻين ۾ گھڻا ماڻهو شريڪ ٿين ٿا ۽ اهو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌنڌو وڃي ٿو. اهو شخص ميولت سان نهايت پهنجائپ ۽ قرب سان پيش اچي ٿو جنهن جي ڪري هو پنهنجي ليکي وٽس ويندو رهي ٿو. بوزا وڪڻڻ دوران کيس ڪتن کان گھڻو ڊپ ٿئي ٿو. ان ڳاله جي باوجود ته سندس پي کيس هڪ عالم وٽ وٺي وڃي ٿو جيڪو کيس ان ڊپ کان بچڻ لاء دعا ٻڌائي ٿو پر اها دعا کيس عين وقت تي وسريو ٿي وڃي. هو پنهنجي مختلف ڪمن دوران ڪتن متعلق پنهنجو مشاهدو بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪتا گھڻو ڪري انهن ماڻهن تي ڀونڪندا ۽ تنگ ڪندا آهن جيڪو ان علائقي ۾ اوپرو هجي ۽ جنهن متعلق کين شڪ هجي ته اهو پاڙي وارن کي هڪ نه ٻئي طريقي سان تنگ ڪندو. جڏهين شهر ۾ وڏيون عمارتون ٺهي ويون ۽ مقامي حڪومت ڪچري لاء هر علائقي ۾ ڪنٽينر رکي ڇڏيا ته ڪتن لاء به کاڌو حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ نتيجي ۾ گھڻن علائقن مان ڪتن جو تعداد گھٽجي ويو.
بوزا وڪڻڻ جي ڊگھي عرصي ۾ ميولت کان هڪ رات جو ڦر ٿئي ٿي ۽ هو گھر پهچي پنهنجي زال کي چئي ٿو ته هو هاڻي بوزا نه وڪڻندو. ان وقت ۾ ئي سندس سالي سيما جنهن سان سندس سوٽ سليمان شادي ڪرڻ چاهي ٿو پر هو ميولت جي دوست فرحت سان ڀڄي وڃي ٿي. فرحت کي شهر جي اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ نوڪري ملي ٿي. ان ڪمپني جي نجڪاري کانپوء به اها ڪمپني سندس نوڪري کي برقرار رکي ٿي. مختلف علائقن ۽ ڪمپنين وغيره جي غير قانوني ڪنيڪشن جي ڪري فرحت جي آمدني چڱي خاصي هجي ٿي. اها ساڳي صورتحال ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين مختلف علائقن ۾ به ڏسي سگھجي ٿي. ميولت مختلف ڪم ڪرڻ کانپوء فرحت سان ملي ٿوجيڪو کيس پاڻ سان ڪم ۾ شامل ڪري ٿو ۽ ڪم جا سڀ گر ٻڌائي ٿو.
ان دوران ٻه واقعا ٿين ٿا. ميولت جي زال ريحا جنهن کي اڳ ئي ٻه ڌيئرون آهن وري پيٽ سان ٿئي ٿي پر هو اهو ٻار نه ٿي ڄڻڻ چاهي. ڪجھ وقت کانپوء جڏهين هو ٻار ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان دوران سندس موت ٿي وڃي ٿي. ساڳي ريت شهر ۾ بجلي جي چوري وڏي پئماني تي هجي ٿي ۽ ان ۾ وڏا واپاري، صنعت ڪار ۽ نائٽ ڪلب وغيره جا مالڪ شامل هجن ٿا. ان سلسلي ۾ فرحت هڪ نائٽ ڪلب جي مالڪ سان ڳٺجوڙ ڪري ٻئي ڪلب جي بجلي چوري کي پڪڙڻ چاهي ٿو. پر جيئن ته انهن جا پنهنجا واسطا هجن ٿا ان ڪري اهي رٿابندي ڪري کيس قتل ڪرائي ڇڏين ٿا. پوليس ان سلسلي ۾ ميولت کان به پڇا ڳاڇا کانپوء کيس آزاد ڪري ٿي ڇڏي.
ميولت جون ٻيئي ڌيئرون پنهنجي پسند سان شادي ڪن ٿيون ۽ اهڙي ريت ميولت اڪيلو ئي هجي ٿو. جڏهين ته ساڳي وقت سيما کي به فرحت مان ڪو ٻار نه ٿو هجي. ميولت اهو کيس ٻڌائي ٿو ته هن ريحا جي نالي جيڪي خط لکيا هئا اهي دراصل تنهنجي اکين جي تعريف ۾ هئا جڏهين ته سليمان جي شرارت ڪري اهي خط تنهنجي ڀيڻ کي مليا. اڳتي هلي اهي ٻيئي شادي ڪن ٿا ۽ ميولت جو بوزا وڪڻڻ جو ڪم ساڳي ريت جاري رهي ٿو ۽ شهر ۾ به نيون تبديليون اينديون رهن ٿيون.