نڪسل، آديواسي ۽ ڀارت سرڪار
نڪسل باڙي تحريڪ متعلق مختلف زاوين سان گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته اها ڀارت جي وڏن سرمائيدارن، بورجوازي ۽ گھڻ قومي ڪمپنين جي مقامي ماڻهن ۽ خاص طور جهنگل ۾ رهندڙ ماڻهن، جن کي آديواسي چيو وڃي ٿو خلاف جنگ، انهن کي پنهنجن گھرن مان تڙڻ ۽ انهن جي وسيلن تي قبضي خلاف مزاحمت آهي. ان تحريڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽي (مائوسٽ) جو اهم ڪردار رهيو آهي. پارٽي کي علائقي جي ماڻهن جي وڏي حمايت حاصل آهي. ان حوالي سان تازو منهنجي مطالعي ۾ ليکڪا نندني سندر جو ڪتاب The Burning Forest – India’s war against the Maoists رهيو. ليکڪا چتيش ڳڙه جي ڏکڻ ۾ بستر جي 39114 چورس ڪلوميٽر جي بسٽر ضلعي جي صورتحال جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو مزاحمت ۽ ماڻهن جي درد ۽ تڪليفن ۾ ورهايل آهي. اهو علائقو ڄڻ ته ڀارت سرڪار جي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) جي خلاف جنگ جو مرڪز رهيو آهي. هڪ پاسي سرڪار جا هيلي ڪاپٽر، فوجي سازوسامان، خاردار تارن وارا ڪئمپ، سڙڪون ۽ کاڻيون آهن جيڪي جهنگل ۾ پري تائين هليا وڃن ٿا ته ٻئي پاسي ڪميونسٽ پارٽي جي جناٿن سرڪار يا عوامي حڪومت جون مبهم سرحدون ۽ اطلاعن جا پراسرار ذريعا آهن.ِ سندن حڪومت ڄڻ عوام جي دلين تي آهي.
هتان جي ماڻهن جي پنهنجي علائقي سان هڪ جذباتي وابستگي آهي. هتي ڪنهن ڌارئين جي مداخلت سندن لاء برداشت جوڳي نه هوندي آهي. انگريزن، جن هن علائقي جي وسيلن جي استحصال لاء خاص قانون ٺاهيا هئا، جي اهڙن قدمن جي پڻ مزاحمت ڪئي ويئي هئي. آزادي کانپوء به اهڙن قانونن کي برقرار رکيوويو. هن علائقي ۾ جيتوڻيڪ آديواسين جي گھڻائي آهي پر اختيار ۽ اقتدار ٻين علائقن مان آيل ماڻهن کي حاصل آهي جيڪي هتان جي واپار ۽ ٻين وسيلن تي قابض آهن ۽ علائقي متعلق فيصلن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. انهن ماڻهن کي اهم جاين جهڙوڪ روڊ رستن جي ڪنارن سان آباد ڪيو ويو آهي ته جيئن کاڻين ۽ ٻين تنصيبات تائين پهچڻ ۾ گھڻي رنڊڪ پيدا نه ٿئي. نوآبادياتي حڪمرانن جو اهو وطيرو رهيو آهي ته مقامي ماڻهن کي گھٽ، نااهل ۽ ايستائين ته انسان کان به گھٽ درجي جو ثابت ڪيو وڃي ته جيئن کين پنهنجي استحصال ۽ ڦرمار جو جواز ملي سگھي. بلڪل اهڙي ريت جھنگل جي انهن ماڻهن کي سرڪار پاران جانور جي طور پيش ڪيو ويو آهي. ڀارت جي سياحت جي اشتهارن وغيره ۾ هتان جي هڪ ننڍي ڇوڪري کي جھڪي جانورن جيان وات سان تلاء مان پاڻي پيئندي ڏيکاريو ويندو هو. مختلف تنظيمن جي احتجاج کانپوء ان اشتهار کي واپس ورتو ويو.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب هن مائوسٽن جي حمايت ۾ نه پر ڀارت جي جمهوريت جي ڪمزورين ۽ ان جي پنهنجن ماڻهن سان روين متعلق لکيو آهي. هڪ پاسي اهو سندس پنهنجو ڪٿارسس به آهي جيڪا هڪ بيوسي جي ڪيفيت ۾ ماڻهن جي ڪوس ۽ مٿن ٿيندڙ ظلم کي ڏسي رهي هجي. ٻئي پاسي اهو انهن عام آديواسين لاء لکيو ويو آهي جن کان هو واقف آهي ۽ جن منجھيل صورتحال ۽ رڪاوٽن ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا آهن ۽ انهن مان گھڻن سندس تصور کان وڌيڪ بهادري وارا ڪم ڪيا آهن.
هن وقت هن علائقي جي ماحول ۽ هتان جي ماڻهن جو جياپو ڄڻ دائو تي لڳل آهي. هتان جا معدني ذخيرا ۽ دريا ملڪي ۽ پرڏيهي سرمايا داران لاء وڏي ڇڪ جو باعث آهن. حڪومت پاران ٽاٽا، ايسڪس ۽ ٻين گھڻ قومي ڪمپنين کي مختلف پروجيڪٽ ڏنا ويا آهن جن جي نتيجي ۾ جهنگل کي صاف ڪرڻ سان گڏ هتان جي ماڻهن کي وڏي پئماني تي بي گهر ڪري لڏايو پيو وڃي. ان جي خلاف ملڪ جي انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ فردن آواز اٿاريو آهي ۽ نڪسل به انهن جو هڪ حصو آهي.
1980 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ مائوسٽن بسٽر کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو. شروع ۾ انهن ماڻهن کي سرڪاري آفيسرن جي زيادتين کي منهن ڏيڻ لاء تيار ڪيو. حڪومت سان سالن تائين سندن خودرو قسم جون جھڙپون هلنديون آيون. حڪومت پاران ان کي هڪ امن امان جو مسئلو سمجھيو ٿي ويو جيڪا مائوسٽن يا ڪميونسٽ پارٽي لاء هڪ انقلابي تحريڪ هئي. نيٺ 2005 ۾ حڪومت پاران علائقي تي پنهنجي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاء ان تحريڪ کي سختي سان ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڏٺو وڃي ته مختلف ملڪن ۾ عوامي تحريڪن ۽ بغاوتن جون پنهنجيون مقامي خاصيتون به هونديون آهن جڏهين ته حڪومتن پاران انهن بغاوتن ۽ تحريڪن کي منهن ڏيڻ لاء پوء ڀلي اهو سري لنڪا هجي، لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جو ڪو ملڪ هجي، هڪ جهڙا طريقا ئي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي ئي تربيت جي مختلف ادارن ۾ رياست جي ڪارندن کي سيکاريا وڃن ٿا.
حڪومت مقامي ماڻهن ۽ باغين خلاف پوليس ۽ فوج جي استعمال ڪرڻ سان گڏ بسٽر جي جهنگل ۾ هيلي ڪاپٽرن جو استعمال به ڪيو. ان ۾ حڪومت پاران ميزو ۽ ناگا فورس جو به استعمال ڪيو ويو. اها واقعي هڪ سوچڻ جهڙي ڳاله آهي ته ناگا جن هڪ ڊگھي عرصي تائين ڀارتي فوج سان ويڙه ڪئي ۽ ان جا ظلم سٺا اهي پاڻ کي ڀارتي محب وطن قرار ڏين ٿا ۽ ڀارتي فوج جو حصو بڻجي ڪم ڪن ٿا. اهي ساڳي وقت ٻين ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۾ نه رڳو ڪا هٻڪ محسوس نه ٿا ڪن پر هڪ لحاظ کان اڳي کان اڳرا آهن. هتي بسٽر ۾ انهن ماڻهن کي مارڻ ۽ آديواسي عورتن سان زوري زنا ڪرڻ ۾ حد ڪري ڇڏي. هتي نون ڄاول ٻارن ۾ ناگا ۽ آديواسين جون گڏيل خاصيتون نظر آيون. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن هتي اچڻ سان ڪتن ۽ سورن جو تعداد گھٽجي ويو. اهي ڪتو سو روپين ۾ وٺندا هئا جڏهين ته آديواسي عورت جا هزار روپيا ڏيندا هئا.
رياستي ادارن جي طاقت کي استعمال ڪرڻ سان گڏ حڪومت پاران پنهنجن حامين کي مائوسٽن خلاف تحرڪ ۾ آڻي اهو تاثر ڏنو ويو ته اهو ماڻهن جو ڪميونسٽن جي زيادتين خلاف پنهنجو ۽ خود رو ردعمل آهي. 2009 ۾ ان کي باقاعدي طور سرڪاري سرپرستي ڏيئي هڪ پوليس فورس جي صورت ۾ ان کي هٿيار ۽ ٻيو سازوسامان مهيا ڪيا ويا. ان کي مقامي ٻولي ۾ سلوا جدوم جو نالو ڏنو ويو مطلب ته اهڙي تحريڪ جيڪا علائقي کي باغين کان صاف ڪندي. ان سان گڏوگڏ خاص پوليس فورس قائم ڪئي ويئي جنهن ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جيڪي نڪسل کان ڌار ٿي آيا هئا ۽ اهي باغين خلاف جاسوس طور استعمال ٿيندا هئا. انهن جي پوليس فورس وانگر ڪا مستقل حيثيت نه هئي ۽ نه ئي انهن جي گھڻي پگھار هوندي هئي. حڪومت جيڏي مهل چاهي انهن کي فارغ ڪري ڇڏيندي هئي.. ان ۾ گھڻا اهڙا به هوندا هئا جيڪي رڳو روزگار خاطر انهن ۾ شامل ٿيندا هئا. ساڳي ريت اهي مائو باغين جي نشاني تي به هوندا هئا.
علائقي جا عام ماڻهو جيڪي سڌي ريت ان بغاوت جو حصو ۽ ان ۾ شامل نه هئا. هر ملڪ جيان انهن مان گھڻن جون باغين سان همدرديون هيون ۽ گھڻا اڻ ڌريا هئا. انهن مان گھڻن ڳوٺن کي نڪسل باغين پاران پناه گاه ۽ کاڌ خوراڪ جي فراهمي لاء استعمال ڪيو ويندو هو. ان ۾ اتان جي ماڻهن جي رضامندي جو شامل هئڻ ضروري نه هو.
سلوا جدوم ۾ مقامي ماڻهن کي زوري شامل ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد انهن پاران نڪسل جي نشاندهي ڪرڻ هو. بجائي باغين کي ختم ڪرڻ جي ان تحريڪ ڪنهن امتياز کانسواء ڳوٺاڻن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي. سندن نالو ئي ڳوٺاڻن لاء هڪ دهشت ۽ ڊپ جي علامت هو. ڳوٺن کي باهيون ڏيڻ، عورتن سان زنا ڪرڻ ۽ مال ملڪيت جي ڦرمار سندن طريقه ڪار هو. ڳوٺاڻن کي جيئن ئي سندن اچڻ جي خبر ملندي هئي ته اهي پنهنجا گھر ٻار ڇڏي جهنگلن ڏانهن ڀڄي ويندا هئا. حڪومت پاران مختلف ڪئمپ قائم ڪيا ويا هئا جتي ماڻهن کي ڳوٺن مان لڏائي رهايو ويندو هو. جيڪي انهن ڪئمپن ۾ اچڻ کان انڪار ڪندا هئا انهن جي لاء اهو فرض ڪيو ويندو هو ته اهي مائوسٽن جا حامي آهن. انهن ڪئمپن قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته ڳوٺن کي ڊاهي جھنگل کي صاف ڪيو وڃي ته جيئن ڪمپنين وغيره کي کاڻين ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ رٿائن تائين پهچڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي ۽ انهن کي ماڻهن جي ڪنهن مزاحمت کي منهن ڏيڻو نه پوي.
سلواجدوم جي انهن ڪارواين ۽ جھنگ صاف ڪري ڪئمپ وغيره قائم ڪرڻ ۽ اتي مختلف سهولتن جي فراهمي جي ڪري اهي ڄڻ شهرن جو ڏيک ڏيڻ لڳا هئا ۽ هڪ لحاظ کن اتي شهرن هئڻ جو عمل ٿيڻ لڳو هو.
گهڻا ڳوٺاڻا ان ظلم کان جهنگل ڏانهن ڀڄي ويا ۽ گھڻا پاسي واري رياست آندرا پرديش هليا ويا جتي اهي اڳ به روزگار وغيره جي سلسلي ۾ ويندا رهندا هئا. آديواسين ۾ گھڻا پڙهيل ڳڙهيل بيروزگار نوجوان به هئا جيڪي پنهنجو مفاد ان ڳالهہ ۾ سمجھندا هئا ته علائقي ۾ مختلف رٿائن شروع ٿيڻ ۽ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۾ ان ريت سندن مفاد آهي ته کين روزگار ملندو ۽ اهي ذاتي طور خوشحالي ماڻيندا.
ان صورتحال ۾ ماڻهن کي عدالتن کان ڪنهن ريليف ملڻ جي توقع گھٽ هوندي هئي. ماڻهو پاڻ ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل ڪارڪن ۽ وڪيل مختلف معاملن ۾ عدالتن سان رجوع ڪندا هئا. پهرين ڳالهہ ته انهن جي شنوائي ٿيڻ ڏکي ڳاله هوندي هئي ۽ جيڪڏهين عدالتن پاران سندن حق ۾ ڪو فيصلو ڏنو به ويندو هو ته ان تي عمل نه ٿيندو هو ۽ نه ئي عدالتون ان ڳالهہ جي پوئواري ۽ پڪ ڪنديون هيون ته ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه. ساڳي ريت رياستي ادارن جي ڏاڍ خلاف ماڻهن جي دانهن کي ملڪ جي مين اسٽريم پريس ۽ ٻئي ميڊيا به ڪا ڪوريج ۽ اهميت نه ٿي ڏئي. اهي سيڪيوريٽي ايجنسين ۽ حڪومت جي موقف کي وڌيڪ اهميت ڏيئي ان کي ماڻهن تائين پهچائيندا هئا. اهڙي ريت اتان جي ماڻهن جو هڪ منفي تاثر ڏنو ويندو هو ته اهي ملڪ جا دشمن ۽ ترقي جا مخالف آهن.
حڪومت پاران ماڻهن ۽ علائقي جي ڀلائي ۽ ترقي لاء جيڪي ڪجھ ڪيو ويو اهو انهن ڳالهين مان ظاهر آهي. هتان جي کاڻين مان ساليانو ٻه ڪروڙ ٽن لوهي معدنيات حاصل ڪئي وڃي ٿي. پر علائقي جا ماڻهو بکيا سمهن ٿا. هتان جا آديواسي ملڪ جي غريب ترين ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. هتي 2011 ۾ غريب ترين ماڻهن جو تناسب 45.3 سيڪڙو هو جيڪو ملڪ جي سراسري غربت جي سظح جي 25.4 سيڪڙو کان گھڻو وڌيڪ هو. هتي حڪومت جي نظر ۾ ترقي جو مطلب ئي سيڪيوريٽي تي خرچ ڪرڻ آهي. تعليم ۽ صحت جون اڻ پوريون سهولتون آهن. بجيٽ جو هڪ وڏو حصو ٿاڻن کي محفوظ ڪرڻ، پوليس ٰ ۽ ٻين فورسز کي هٿيار وٺي ڏيڻ وغيره تي خرچ ٿئي ٿو. گھڻو زور سڙڪن جي تعمير تي آهي. بجيٽ جو اٽڪل چاليهہ سيڪڙو ان تي خرچ ٿئي ٿو. ان جو بنيادي مقصد جهنگل ۾ پري تائين هڪ ته سيڪيوريٽي فورسس کي باغين تائين رسائي ڏيڻ ۽ ٻيو معدني وسيلن جي کاڻين تائين رسائي حاصل ڪرڻ آهي. ڏٺو وڃي ته ان جو آديواسين کي ڪو فائدو ناهي. ڇاڪاڻ ته موٽر ڪار وغيره ته پري جي ڳاله آهي انهن جي هڪ سيڪڙو کان به گھٽ ماڻهن وٽ سائيڪلون آهن. اٺ سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ ٽي سيڪڙو صحت تي جڏهين ته رڳو 0.81 سيڪڙو پيئڻ جي پاڻي لاء آهي.
جيتوڻيڪ بي جي پي جو باغين خلاف مهم ۾ وڏو حصو آهي پر ٻين وڏين سياسي جماعتن جهڙوڪ ڪانگريس وغيره مان به باغين کي ڪا سهائتا نه ٿي ملي . اها سلوا جدوم ۽ ٻين مسئلن تي ورهايل هوندي هئي. ايستائين ته پارٽي جا راهول گانڌي ۽ سونيا گانڌي جهڙا اڳواڻ ان بنياد تي سيڪيوريٽي فورسز جي ڪاروائين جي حمايت ڪن ٿا ته ان سان مائوسٽن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي ريت اها ڄڻ انهن جي مخالفت ۾ ئي هوندي آهي. ساڳي ريت وزير اعظم من موهن سنگھ ۽ سندس گھرو وزير پڻ سلوا جدوم جي ڪارواين کي ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. انهن جماعتن جي لاتعلقي جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته رياستي اسمبلي ۾ 2005 کان 2015 تائين ڪنهن رڪن انهن ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم تي ڪو آواز نه اٿاريو. اهي ميمبر ان وقت ڳالهائيندا هئا جڏهين مائوسٽ سيڪيوريٽي فورسز تي حملا ڪندا هئا ۽انهن حملن ۾ انهن جا ڪي ماڻهو مرندا هئا. نڪسل جا ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان جيتوڻيڪ اختلاف آهن ۽ اهي گهڻين ڳالهين ۾ هڪٻئي سان متفق ناهن هوندا پر ملڪ جي اهم جماعتن مان اها واحد جماعت آهي جيڪا هتان جي ماڻهن سان گڏ هوندي آهي. سندس ان گھر جي ڪري ته ڀارت جي قانون ۾ شيدول 6 تحت ان علائقي جي زمين وغيره جي حوالي سان سڀ فيصلا هتان جي مقامي ماڻهن جي رضامندي سان ڪيا وڃن ان کي سلوا جدوم، سيڪيوريٽي فورسز،ِ بي جي پي ۽ ڪانگريس پاران پنهنجي لاء سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪري ليکيو ويندو آهي. ان جماعت جي اهم ڳالهہ اها آهي ته ان جي اڳواڻن مان گھڻائي جو واسطو مقامي آديواسين سان آهي جڏهين ته اها ڳالهہ مائوسٽن لاء به نه ٿي چئي سگھجي.
انساني حقن جا مختلف گروپ جيڪي علائقي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي پڻ سلوا جدوم. سيڪيوريٽي فورسز ۽ حڪومت پاران باغين جي حامي مخالف قوت طور ڏٺو وڃي ٿو.
تجزيه نگار ان ڳالهہ تي زور ڏين ٿا ته انهن جماعتن جي ان روئي هڪ سياسي خال کي جنم ڏنو آهي جنهن جي ڪري صورتحال ويتر خراب ٿي آهي. اهي ان حوالي سان آندرا پرديش جو حوالو ڏين ٿا جتي وڏين سياسي جماعتن جي شموليت جي ڪري مسئلي جي حل ۾ مدد ملي هئي.
ڪشمير جيان انهن علائقن ۾ به چونڊن وغيره ڪرائڻ ۽ پنهنجي اختيار کي صحيح ثابت ڪرڻ لاء سيڪيوريٽي جي فراهمي، فوج، هيلي ڪاپٽر ۽ ٻين هٿيارن وغيره تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهين اهو پئسو علائقي جي ماڻهن جي ڀلائي تعليم، صحت، روزگار ۽ صاف پاڻي وغيره جي فراهمي تي خرچ ڪيو وڃي ته ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري اچڻ سان گڏوگڏ علائقي جي صورتحال ۾ به بهتري اچي سگھي ٿي.
رياست باغين سان ڳالهہ ٻولهہ ۽ کين رعايتن ڏيڻ کي پنهنجي شڪست سمجھندي آهي ۽ اها ساڳي صورتحال ڀارت سرڪار سان به آهي. بهرحال اهو ته طئي آهي ته ڳالهہ ٻولهہ کانسواء ان مسئلي جو ٻيو ڪو حل ڪونهي.