مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

تنوير عباسي

تنوير عباسي
گھڻن سنڌي ليکڪن سان منهنجي ملاقات رڳو سندن لکڻين وسيلي آهي. انهن ۾ هڪ اهم ۽ معتبر نالو تنوير عباسي جو آهي. تنوير جي شهرت جيتوڻيڪ هڪ شاعر جي آهي پر هو هڪ گھڻ پاسائون ليکڪ آهي جنهن مختلف موضوعن تي تحقيق به ڪئي آهي، سفرنامو به لکيو آهي ۽ نثر جي ٻين موضوعن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ هو ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان هڪ ايڪٽوسٽ به رهيو آهي. سندس شروعاتي تعليم ڪراچي جي آهي. هن اين جي وي هائي اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج مان پڙهي پوء حيدرآباد ۾ ايل ايم سي جوائن ڪئي. جڏهين ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو هو ته هو انهن شاگردن ۾ شامل هو جن ان جي خلاف سنڌ اسمبلي جو گھيراء ڪيو هو. مون تازو سندس ڪتاب منهن تنين مشعل پڙهيو جنهن ۾ هن مختلف شخصيتن متعلق پنهنجا تاٿر لکيا آهن.
هو ٻڌائي ٿو ته اسڪول مان فارغ ٿيڻ کانپوء ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو هڪ ڪارڻ ڪراچي ۾ رهڻ ۽ پير حسام الدين راشدي جي صحبت مان مستفيض ٿيڻ هو. هو پير صاحب جي گھڻو ويجھو رهيو سندس لائبريري مان پڻ فائدو ورتائين. حيدرآباد ۾ رباني سان سندس دوستي هوندي هئي ۽ ٻيئي شام جو ڪراچي هوٽل ويندا هئا جتي ٻيا به گھڻا اديب، ليکڪ ۽ عالم ايندا هئا ۽ رات جو دير تائين ڪچهري هلندي هئي. هتي مولانا غلام محمد گرامي به ايندو هو جنهن کان تنوير پنهنجي شاعري جي اصلاح به ڪرائيندو هو. گرامي جي لاء هو لکي ٿو ته هن گھٽ مالي وسيلن ۽ ٿوري پگھار جي ڪري ڏاڍي ڪسمپرسي واري زندگي گذاري. هو بس ۾ سفر ڪندو هو ۽ اهڙي ئي هڪ سفر دوران سندس ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو جنهن جي ڪري هو آخر تائين منڊڪائيندو هلندو هو. تنوير حيدرآبد ۾ علامه آئي آئي قاضي جي ليڪچرن جو ذڪر ڪيو آهي جن ۾ هو ويندو هو. انهن ليڪچرن ۾ حيدر بخش جتوئي به ايندو هو جيڪو پنهنجي سوچ موجب قاضي صاحب کان سوال ڪندو هو ۽ هو ان جا ڏاڍي تحمل سان جواب ڏيندو هو. ان وقت شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تان ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سرگرم هو. تنوير عباسي ان وقت ٿيندڙ چونڊن ۾ شيخ صاحب جو پولنگ ايجنٽ هو. تنوير اهو به ذڪر ڪيو آهي ته ان وقت سنڌ يوٿ فرنٽ جي پليٽ فارم تان ذوالفقار علي ڀٽو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سنڌي نوجوانن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.
سنڌ ۾ سياسي ۽ ادبي محاذ تي اهڙا کوڙ ڪارڪن آهن جن جيتوڻيڪ وڏو ڪم ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون آهن پر انهن جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. اهڙي ئي هڪ ڪارڪن ۽ پنهنجي دوست مقبول ڀٽي جو هن ذڪر ڪيو آهي جنهن خاص طور سنگت کي منظم ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ ان جي تنظيم ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان ڪتاب ۾ تنوير جن به ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي ان انهن جي مثبت پاسن کي ئي سامهون آندو آهي. ڪنهن جي منفي پاسن کي سامهون ناهي آندو. جيڪڏهين هو ائين ڪري ها ته پڙهندڙ کي انهن ماڻهن جي مڪمل تصوير ملي سگھي ها. پر شايد سندس انهن ماڻهن لاء محبت کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو هو.
ان ڪتاب مان ئي خبر پئي ٿي ته ليکڪ نه رڳو ادبي پر سياسي لحاظ کان به هڪ ڀرپور زندگي گذاري. پر هو ڪٿي به پنهنجي ساراه نه ٿو ڪري ۽ نه پاڻ کي پڏائي ٿو. جيتوڻيڪ هو سنڌي جي وڏن ليکڪن ۾ آهي پر هن خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪيو ۽ پاڻ کي سامهون گھٽ آندائين.