مانڌل شر: هڪ آدرشي ڪردار
”ڳچي ڳانا لوه جا“ ڪامريڊ مانڌل شر جي جيل ڊائري بلڪ هڪ لحاظ کان سندس آتم ڪهاڻي آهي. اها هڪ اهڙي شخص جي اتساه ڏيندڙ ڪهاڻي آهي جنهن جي لاء زندگي ۾ ڪجھ به سازگار نه هو. اتر سنڌ ۾ ڏهرڪي جي هڪ ڳوٺ سان واسطو رکندڙ سندس خاندان نسلن کان رڍن پالڻ ۽ چارڻ جو ڪم ڪندو هو. اتان جي زمين ٿاريلي هئي، پاڻي نه هو ۽ اهڙي ريت ڪابه پوک ممڪن نه هئي. تعليم جو حصول انهن جي لاء بيڪار ۽ وقت جو ضياع هو. رڍ ون چارڻ ئي روزگار جو اهم وسيلو هوندو هو. ڳوٺ جا ڇوڪرا رڍن سان صبوح سوير نڪري ويندا هئا ۽ شام جو موٽندا هئا ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته سندن موٽڻ ۾ ڪيترا ڏينهن ٿي ويندا هئا. ڪڏهين ويجھڙائي ۾ گاه نه هجڻ ڪري اهي رڍن سان پنجاب تائين به هليا ويندا هئا.
هڪ ڏينهن ويجھي اسڪول جو ماستر سندن ڳوٺ آيو ۽ ڳوٺاڻن کي پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاء چيائين. ڪو به ان لاء راضي نه ٿيو پر ماندل گھٽ عمر هئڻ باوجود پڙهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. اسڪول ڳوٺ کان ڇه ميل پري هو. هن اتان پنج درجا پاس ڪيا ۽ پوء ٻه درجا ٻي اسڪول مان ڪيا جيڪو اڃا ٻه ميل پرتي هو. هو پنڌ ئي اسڪول ايندو ويندو هو. پوء هن فائنل ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ٿي ڇاهي. پر سندس پي سندس خرچ بند ڪري ڇڏيو. سندس ڇوڻ هو ته ايتري تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. اسان غريبن کي ڪو نوڪري وٺي نه ڏيندو ۽ ٻي ڳاله ته مون وٽ رڍن ڇارڻ لاء به ڪو ماڻهو ناهي.
پير پاڳاري وارا سندس خاندان جا مرشد هئا ۽ غريب شاگردن جي وظيفي وغيره سان مدد به ڪندا هئا. هن پير جو ڳوٺ پهچي انهن کان وظيفو وٺي پنهنجي پڙهائي جاري رکي . پوء هن سانگھڙ جي جوڻيجا زميندارن وٽ پهرين ڪراچي ۽ پوء سانگھڙ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ان دوران 1965 جي جنگ ۾ حر مجاهد جي طور به خدمتون انجام ڏنائين.
جوڻيجا زميندارن وٽ رهندي کيس زرعي سڌارن کي ويجھڙائي سان ڏسڻ جو موقعو ملي هن ڏٺو ته اهي سڌارا ته رڳو نالي ۾ هئا. رڳو کاتا تبديل ٿيا جڏهين ته زمين زميندار جي ملڪيت ئي رهي. ان جو مشاهدو ڀٽو جي زرعي سڌارن جي حوالي سان مون کي به سڪرنڊ ۾ هڪ سروي دوران ٿيو هو. هو ان متعلق مهراڻ اخبار ۾ باقاعدگي سان لکڻ لڳو. انهن لکڻين جي ڪري هاري ڪاميٽي جي عبدالقادر انڍڙ ساڻس رابطو ڪيو. سياسي طرح هڪ سجاڳ ذهن هئڻ ڪري هو سانگھڙ ۾ ون يونٽ خلاف جلوس ۾ شريڪ ٿئي ٿو ۽ گرفتار ٿي ٿاڻي پهچي ٿو ۽ پوليس جي مار کائي ٿو. اها سندس پهرين گرفتاري ۽ ڄڻ سياسي ميدان ۾ سندس شروعات هئي.
ان دوران گڊو بيراج جي زمينن جو نيلام شروع ٿئي ٿو ۽ گھڻيون زمينون وڏن زميندارن ۽ پنجابي آبادڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن ٿيون. هاري ڪاميٽي پاران ان جي مزاحمت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاء هو اتي پهچي ٿو. ان تحريڪ ۾ شموليت، مختلف ضلعي وڏن ڪامورن سان ٽڪراء، گرفتاري ۽ بک هڙتال وغيره جي ڪري ڄڻ سندس هاري تحريڪ سان هڪ مستقل تعلق جڙي وڃي ٿو. ٿوري وقت کانپوء سڪرنڊ ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ سندس ملاقات اعزاز نذير، محمود الحق عثماني ۽ غلام محمد لغاري سان ٿئي ٿي. هو اعزاز نذير سان خاص طور گھڻو ويجھو رهيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
ڪامريڊ ان وقت هاري ڪاميٽي ۾ اندروني ڇڪتاڻ ڏانهن ڪجھ اشارا ڪري ٿو. ان وقت ڪامريڊ غلام حسين هاري ڪاميٽي جو صدر هو پرليکڪ چواڻي ته سندس ڪم اطمينان جوڳو نه هو ۽ اهڙي ريت کيس عهدو ڇڏڻ لاء چيو ويو. سندس انڪار ڪرڻ تي ماندل شر کي ڄام ساقي پاران هاري ڪاميٽي جو آرگنائزر مقرر ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هاري ڪاميٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ان سڄي اختلاف جا ڪي سياسي ڪارڻ به هوندا پر ليکڪ ڪي وڌيڪ تفصيل نه ٿو ٻڌائي. اهو به ممڪن آهي ته ڪميونسٽ پارٽي ان اهم پليٽ فارم تي پنهنجي ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻهو کي آڻي ان تي پنهنجي ضابطي کي مضبوط ڪرڻ چاهيندي هجي. اھو ان ڪري به ممڪن لڳي ٿو ته ان وقت ڪميونسٽ پارٽي انڊر گرائونڊ هئي ۽ سندس زور کليل ادبي، طبقاتي ۽ سياسي پليٽ فارمن تي هوندو هو ته جيئن پنهنجو ڪم به ڪري سگھجي ۽ ماڻهن سان رابطو به رهي.
ان دوران ايف آئي يو پاران کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاء پهرين مقامي مرڪز ۽ پوء ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو ويو. اتي کيس نظيرعباسي نظر اچي ٿو ۽ کيس گارڊ کان خبر پيئي ٿي ته ڪجھ ٻيا پارٽي جا ڪارڪن به هتي ڪجھ وقت گذاري چڪا هئا. نظير سان کيس ڳالهائڻ جي اجازت ته نه ٿي هجي پر اهي ٻيئي هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا ۽ نذير ساڻس لڪل لفظن ۾ راڳ ۽ شاعري وسيلي ڳالهائي ۽ پنهنجو نياپو پهچائي ٿو. نظير کي ڪجھ عرصي کانپوء اتان منتقل ڪيو وڃي ٿو. گھڻي ايذاء، تڪليف ۽ ڪوڙن گواهن آڻڻ باوجود هو پنهنجي زبان نه ٿو کولي.
آزاد ٿيڻ کانپوء هو نظير سان پارٽي سيل وغيره ۾ به رهي ٿو. 1983 جي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سندس گرفتاري ۽ سکر، مڇ ۽ ڪراچي جيل ۾ رهڻ جو احوال هو ڏئي ٿو جتي سندس مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون.
هتي سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي فعال ۽ متحرڪ نه هئڻ متعلق ڪجھ سوال پڇي سگھجن ٿا. زمينن جي نيلام واري تحريڪ کانپوء ليکڪ جي هاري ڪاميٽي جي حوالي سان ڪا خاص چرپر نظر نه ٿي اچي. ليکڪ جو هاري ڪاميٽي جي آرگنائزر مقرر ٿيڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوء هاري ڪاميٽي جي حوالي سان ڪردارپسمنظر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ سندس هڪ پارٽي ڪارڪن وارو ڪردار وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. ڇا اها ڳاله درست هئي ته هاري ڪاميٽي کي بجائي هڪ آزاد حيثيت ڏيڻ ۽ طبقاتي پليٽ فارم جي طور هلائڻ جي پارٽي جي کليل پليٽ فارم طور هلائجي. حيدربخش جتوئي جا ڪميونسٽ پارٽي سان جيڪي اختلاف هئا ان جو هڪ مک ڪارڻ اهو به هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جي ٻين مختلف سياسي جماعتن به پنهنجا پنهنجا هاري محاذ ٺاهيا جنهن جي نتيجي ۾ هاري تحريڪ ورهائجي ويئي ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو ڪردار گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو.