ڀارت ۾ ٻولي جو مسئلو
ڀارت گھڻين ٻولين ۽ ثقافتن جو ملڪ آهي. جڏهين آزادي کانپوءِ نهرو حڪومت پاران رڳو هندي کي انگريزي سان گڏ ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪرڻ جي تجويز رکي ويئي هئي ته ان جي خاص طور ڏکڻ هندوستان جي ماڻهن سخت مزاحمت ڪئي هئي. سندن چوڻ هو ته هندو هئڻ جو مطلب هندي ٻولي کي اختيار ڪرڻ ناهي ۽ ٻي ڳالهہ ته ڀارت جا سڀ ماڻهو هندي نه ٿا ڳالهائين. ان مزاحمت جي ڪري ان ڳالهہ کي ان وقت ملتوي ڪرڻو پيو هو. پر هن وقت بي جي پي جي حڪومت اچڻ کانپوء خاص طور ان جي بااثر گھرو وزير اميت شاه جي اها ڪوشش رهي آهي ته ڀارت کي هڪ ٻولي هندي ۽ هڪ مذهب هندو ڌرم جو ملڪ ڪري پيش ڪيو وڃِي. ان مقصد لاء هن پنجاه کن اهڙين ڌار ٻولين کي هندي جو حصو ڪري پيش ڪيو آهي جن جو هندي سان ڪو واسطو ناهي. ان سلسلي ۾ خاص طور بيجاپوري ٻولي جو مثال ڏنو وڃي ٿو جنهن جا پنج ڪروڙ ڳالهائيندڙ آهن ۽ ان جا الڳ اخبار، سينيما وغيره پڻ آهن. ان سلسلي ۾ اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته ان سان ملڪ جو اتحاد مضبوط ٿيندو. پر ملڪ ۾ اهڙا گھڻا ماڻهو موجود آهن جيڪي ان ڳاله کي ائين قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن ۽ اهي اها ڳالهہ سمجھن ٿا ته ملڪ جي بقاء ۽ سونهن ان ۾ آهي ته ان جي مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ مذهبن عقيدن وغيره کي برقرار رکيو وڃي ۽ انهن کي ترقي ڏياري وڃي. مادري ٻولي جو هڪ حساس معاملو آهي. اها پنهنجي ڳالهائيندڙ کي دنيا متعلق هڪ نڪته نظر ڏيئي ٿي ۽ هڪ منظر پيش ڪري ٿي. ان جي ختم ٿيڻ سان اهو نڪته نظر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ منظر مٽجي وڃي ٿو. ڪنهن جي به مادري ٻولي سان هٿ چراند جا منفي اثر ٿي سگھن ٿا جنهن جا مثال ننڍي کنڊ ۾ سڀني جي آڏو آهن.
ان سلسلي ۾ گنيش نارائن ديوي هڪ اهڙو شخص آهي جنهن ڪنهن سرڪاري مدد کانسواء ڀارت ۾ ٻولين جي حوالي سان نهايت اهم ڪم ڪيو آهي. هو 1950 ۾ مهاراشٽر رياست جي هڪ ڳوٺ بور ۾ پيدا ٿيو. والد جي وفات کانپوء هن نهايت ڏکين حالتن ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي. سندس تحقيق هڪ لحاظ کان بي جي پي جي هڪ ٻولي هڪ مذهب واري مهم لاء هڪ وقتائتو جواب آهي. سندس چوڻ آهي ته هن وقت تاريخ کي شاگردن ۾ هڪ جنونيت۽ انتها پسندي پيدا ڪرڻ لاء پڙهايو پيو وڃي. هن ننڍي کنڊ جي تاريخ تي غيرمعمولي ڪم ڪيو آهي. ان مقصد لاء هن دنيا جي اسي تاريخدانن کي پنهنجي ان ڪم ۾ شامل ڪيو آهي. سندس تحقيقي ۽ عالمانه مضمون مختلف تحقيقي جنرلز وغيره ۾ شائع ٿيندا رهيا آهن. سندس ڪتاب The Origins of Indian Civilization and Histories of India ان سلسلي جو اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ هن برف جي آخري دور جي ختم ٿيڻ کان پوء سڄي ننڍي کنڊ جي ٻارنهن هزار سالن جي تاريخ جو جائزو ورتو آهي. هيستائين سندس تحقيق پنجاه جلدن ۾ ڇپي آهي جيڪا اڳتي هلي سو جلدن تائين پهچندي.
ٻولي جو سوال سندس لاء هميشه کان اهم رهيو آهي. سندس نظر مان جڏهين 1971 ۾ ڪيل ٻولين تي ڪيل سينسس گذريو، جنهن ۾ ڀارت ۾ 108 ٻولين کي مادري ٻولي طور ڄاڻايو ويو هو ۽ ان جي پڇاڙي ۾ 109 نمبر تي لکيل هو ٻيون سڀ ٻوليون. هن اهو سوال اٿاريو ته اهي ٻيون سڀ ڇا آهي ۽ اهي گھڻيون ۽ ڪهڙيون ٻوليون آهن. سندس ٽيم، جنهن ۾ 3500 ٻولي جا ماهر، عالم ۽ ان موضوع سان دلچسپي رکندڙ سيکڙاٽ شامل آهن، پاران جڏهين تحقيق ڪئي ويئي ته کين 780 اهڙيون ٻوليون مليون جيڪي هن وقت ملڪ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون جڏهين ته ان کانسواء سوين ٻيون ٻوليون به آهن. 2011 جو سرڪاري سينسس اهڙين 121 وڏين ٻولين جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جا ملڪ ۾ ڏه هزار يا ان کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ آهن جڏهين ته ڀارت جي آئين ۾ رڳو 22 ٻوليون آهن. سندس چوڻ آهي ته آزادي کانپوء اٽڪل 300 ٻوليون ختم ٿي ويون آهن ۽ ٻيون گھڻيون اهڙيون آهن، جن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڏه هزار کان گھٽجي ويو آهي، ختم ٿيڻ جي ويجھو آهن. سندس چوڻ آهي ته ماڻهن جي ٻولين جو سروي ڪندي کيس لڳو ته هو اهڙي قبرستان ۾ هلي رهيو آهي جيڪو لاشن سان ڀريل آهي. هن پنهنجي ان تحقيق جي سلسلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ جو سفر ڪيو آهي. هماليه جي جبلن، جتي هن سمجھيو ته ٿڌ کيس ماري ڇڏيندي، ۽ جھنگلن ۾ ويو آهي. آديواسين ۽ مختلف قبائلي ماڻهن سان له وچڙه ۾ آيو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته انڊيمان ٻيٽن جي بوئا قبيلي جي کيس اهڙي اڪيلي عورت ملي جنهن سان ڪير ڳالهائڻ وارو نه هو ۽ اها پکين سان ڳالهائيندي هئي. اها عورت 2010 ۾ وفات ڪري ويئي.
هن پنهنجي تحقيق جي دوران گھڻين قبائلي لڪل ٻولين کي دريافت ڪيو آهي. اهڙيون ٻوليون جيڪي اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ جن کي ٻيو ڪوغير ماڻهو سمجھي نه سگھندو آهي. هن ڀارت جي سامونڊي ڪناري جي گھڻن ڳوٺن ۾ پورچوگيزي ٻولي جو هڪ قسم دريافت ڪيو جيڪو اتي ڳالهايو وڃي ٿو. هماليه جي هماچل پرديش رياست ۾ سورنهن اهڙيون ٻوليون آهن جن ۾ گڏيل طور برف لاء ٻه سو لفظ آهن ۽ اهو به ته جڏهين چنڊ اڀريل هجي ۽ برف ڪرندي هجي.
سندس تحقيق جو مرڪزي نڪتو ڀارت جي آديواسي ماڻهن جون ٻوليون آهن. جھنگل ۾ رهندڙ مختلف قبيلن ۽ ٻولين سان واسطو رکندڙ انهن ماڻهن کي آديواسي سڏيو وڃي ٿو جن جو ڪل تعداد اٽڪل ڏه ڪروڙ آهي. اهي مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا جن مان گھڻيون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن. انهن ماڻهن جو وڏو تعداد ڀارت جي رياست گجرات ۾ آهي. ان ڪري سورنهن سال يونيورسٽي سطح تي انگريزي پڙهائڻ کانپوء ديوي 1996 ۾ گجرات جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻولين تي تحقيق لاء آديواسي اڪيڊمي قائم ڪئي. ان اڪيڊمي ۾ گھڻين ٻولين جو اسڪول، هڪ صحت جو مرڪز ۽ اٽڪل سٺ هزار ڪتابن جي لائبريري آهي جنهن ۾ قبائلي آرڪائيز پڻ شامل آهن.
گڏوگڏ ديوي سماجي انصاف جي حوالي سان پڻ سرگرم رهيو آهي. تازو هن بي جي پي حڪومت جي شهريت متعلق لاڳو ڪيل قانون خلاف مظاهرن وغيره جو انتظام ڪيو. سندس چوڻ آهي ته اهو قانون مذهب جي بنياد تي امتياز ڪري ٿو ۽ ملڪ جي سيڪيولر بنيادن کي نقصان پهچائي ٿو. اهڙي ريت اهو ملڪ جي آئين جي خلاف آهي. 2015 ۾ بت پرستي جي هڪ نقاد ۽ مسلمانن تي حملن جي مخالفت ڪندڙ ماديشپا ميديولپا ڪالبرگي جي هندو انتها پسندن هٿان قتل خلاف سڄي ملڪ جي ليکڪن ۽ فنڪارن وغيره احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا. ديوي ان بنياد تي 1992 ۾ کيس نيشنل اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سندس ڪتاب After Amnesia تي مليل ملڪ جو اعلا ترين ادبي ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو ته اڪيڊمي ان قتل جي نندا نه ڪئي هئي ۽ ان خلاف احتجاج نه ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته آئون ماٺ ڪري نه ويهندس پوء ڀلي مون کي ماري ڇڏين.
سندس ان سڀني سرگرمين جي باوجود به سندس اصل ڪم ٻولين تي تحقيق آهي ۽ هو ڀارت جي هڪ گھڻ ثقافتي ۽ گھڻن ٻولين واري ملڪ واري حيثيت کي برقرار رکڻ چاهي ٿو.