بي آر امبيدڪر
بي آر امبيدڪر آزادي جي اڳواڻن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. آزادي کانپوء آزاد ملڪ جي آئين ٺاهڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. سندس خاص ڳالهہ اها هئي تہ هن ڀارت ۾ اڇوتن سان امتيازي ورتاء خلاف سخت جدوجهد ڪئي. سندس پنهنجو اڇوتن جي مهر ذات سان واسطو هو. ان ورتاء خلاف احتجاج ڪندي هن هندو مذهب کي ترڪ ڪري پنهنجن گھڻن ساٿين سان ٻڌ مذهب اختيار ڪيو.
علمي سطح تي هن هندو مذهب ۾ ذات پات جي مسئلي کي سمجھڻ لاء گھڻو ڪم ڪيو. ان حوالي سان سندس ڪتاب The Untouchables: Who were They and Why They Became Untouchables هڪ اهم ڪم سمجھيو وڃي ٿو.
هو ٻڌائي ٿو ته ناپاڪ ۽ گندن ماڻهن ۽ انهن کي سماج کان ڌارڪري رکڻ جو تصور رڳو هندن تائين محدود ناهي پر اهو مختلف سماجن ۾ رهيو آهي. مثال طور ماهواري يا ويم دوران عورت کي ڌار ڪيو ويندو هو. ساڳي ريت موت جي صورت ۾ ان فرد جي ويجھن مائٽن ۽ انهن ماڻهن جيڪي ان ميت جي ويجھو ويا انهن سان تعلق ختم ڪيو ويندو هو. پر اهو سڀڪجھ مستقل نه پر هڪ خاص وقت لاء هوندو هو جڏهين ته هندن ۾ ماڻهن جي ڪنهن گروه کي جيڪڏهين ناپاڪ ۽ آلودو قرار ڏنو ويندو آهي ته اها ڪيفيت مستقل هوندي آهي ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندي آهي.
اهي ماڻهو ڳوٺن کان ٻاهر ڇو رهندا آهن. ان سوال جو جائزو وٺندي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته قبائلي نظام ۾ مختلف قبيلن وچ ۾ جنگون ۽ جھيڙا هڪ عام ڳاله هوندي هئي. ڳوٺ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن جو واسطو هڪ ته هارايل قبيلن جي ماڻهن سان هوندو هو ۽ ٻيا اهي ماڻهو هوندا هئا جيڪي پنهنجن قبيلن کان ٽٽي ۽ ڌار ٿي اتي پهچندا هئا. انهن ماڻهن کان هڪ ته زراعت جي ڪم ۾ مدد ورتي ويندي هئي ۽ ٻيو اهي هيٺين سطح جا اهي ڪم ڪندا هئا جيڪي ان ڳوٺ جا ماڻهو نه ڪندا هئا. اهي ماڻهو ڏينهن ۾ ته ڳوٺ ۾ رهي سگھيا ٿي جڏهين ته رات ۾ کين ڳوٺ کان ٻاهر پنهنجن گھرن ڏانهن وڃڻو هوندو هو. ليکڪ پنهنجي ذات مهر جي ماڻهن، جن جي گھڻي آبادي مهاراشٽر ۾ رهي ٿي، جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته انهن کي هڪ ته کاڌو ڳوٺ وارا ڏيندا آهن، ٻيو انهن کي پنهنجي پوک مان حصو ڏيندا آهن ۽ ٽيون ته جيڪو جانور مري ويندو آهي اهو انهن کي ڏيندا آهن. انهن جو ٻيو ڪم ٻاهرين حملي آورن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي حفاظت ڪرڻ هوندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اهڙا مثال ٻين ملڪن جهڙوڪ ويلش ۽ آئرلينڊ جا به ملن ٿا جتي قبيلن کان ٻاهر جا ماڻهو ڳوٺ کان ٻاهر رهندا هئا پر وقت سان گڏوگڏ اهو سلسلو اتي ختم ٿي ويو پر ڀارت ۾ ائين نه ٿي سگھيو.
سماجيات جي ماهرن ان مسئلي کي گھڻي اهميت نه ڏني آهي ۽ ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو آهي. اها کوجنا نه ڪئي ويئي آهي ته اهي ڪهڙي نسل جا ماڻهو آهن. ليکڪ جو چوڻ اهي ته اهي ماڻهو دراوڙ ناهن جن کي آريائن اچي غلام بڻايو هو پر اهي اهڙا ماڻهو ٿي سگھن ٿا جن کي دراوڙن غلام بڻايو هو. آريا پاڻ هڪ نسل، ٻولي، مذهب يا قبيلي جا ماڻهو نه هئا بلڪ اهي پاڻ مختلف حصن ۾ ورهاايل هئا.
ليکڪ ڀارت جي مختلف علائقن جي مختلف ذاتين جي هندن جي جسماني جزن جي سائنسي تحقيق جي بنياد تي اها ڳالهہ ڪري ٿو ته يوپي جي برهمڻ ۽ پنجاب جي گھٽ ذات سان واسطو رکندڙ مليڇ جي جسماني ساخت ۾ گھڻي هڪجهڙائي آهي ۽ منجھن ڪو گھڻو فرق ناهي. ان بنياد تي هو چئي ٿو جيڪڏهين ائين چئجي برهمڻ آريا نسل جا آهن ته پوء اچوتن جي به ساڳي نسل آهي ۽ جيڪڏهين چئجي ته اڇوتن جو واسطو دراوڙ نسل سان آهي ته پوء برهمڻ به ساڳي نسل جا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته دراوڙ لفظ سنسڪرت جو آهي جڏهين ته انهن لاء اصل لفظ تامل آهي. ٻي ڳاله ته دراوڙ بجائي نسل جي ٻولي لاء استعمال ٿيندو هو جيڪا ڪنهن وقت ۾ اتر ڏکڻ مطلب ته سڄي هندوستان ۾ ڳالهائي ويندي هئي. آريائن جي هندوستان ۾ اچڻ ۽ انهن سان تعلق جي ڪري اتر هندوستان وارن ته پنهنجي ٻولي ڇڏي ڏني جڏهين ته ڏکڻ وارن ان کي برقرار رکيو.
ذات پات جي ان فرق جي باوجود انهن سڀني کي هندو ئي ليکيو ويندو هو. 1910 ۾ هندوستان جي آدم شماري ۾ ان فرق کي واضح ڪيو ويو. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته مسلم ليگ جي سر آغا خان انگريز سرڪار کي سرڪاري ادارن ۾ مسلمانن جي حصي وڌائڻ لاء درخواست ڪئي هئي ۽ گڏوگڏ اهو به چيو هو ته هندن کي جيڪو هڪ اڪائي ڪري ورتو وڃي ٿو ائين ناهي بلڪ اهي پنهنجن عقيدن ۽ رسم و رواج وغيره جي لحاظ کان مختلف فرقن ۽ حصن ۾ ورهايل آهن. خاص طور اڇوت جيڪي ڳئون جي گوشت کائڻ، پنهنجن مذهبي معاملن ۾ برهمڻ کي شامل نه ڪرڻ ۽ اوچي ذات وارن جي مندر ۾ نه وڃڻ جي ڪري انهن کان بلڪل الڳ ٿلڳ آهن.
ليکڪ ٻڌائي ٿو ته جتي هڪ پاسي اوچي ذات وارا هندو اڇوتن کي ناپاڪ ۽ آلودو سمجھن ٿا ۽ کين پنهنجن علائقن ۾ اچڻ نه ٿا ڏين اتي اڇوت به برهمڻن ۽ ٻين اوچي ذات وارن جي پنهنجن علائقن ۾ اچڻ کي پسند نه ٿا ڪن. ائين به ٿيو آهي ته جيڪڏهين ڪو برهمڻ اڇوتن جي گھٽي مان لنگھيو ته سڀ ڄڻا پنهنجن گھرن مان نڪري ايندا ۽ ان کي ايتري مار ڪڍندا جو هو مرڻينگ ٿي ويندو يا ماڳيئي مري ويندو. اهي برهمڻن جي پنهنجي علائقي ۾ اچڻ کي بدقسمتي جي علامت ڪري سمجھن ٿا. ساڳي ريت جيڪڏهين ٻي ڪنهن اوچي ذات سان واسطو رکندڙ ماڻهو به سندن گھر ايندو ته ان کي پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا ۽ در تان ئي موٽائي ڇڏيندا.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهين اهي ساڳي نسل جا ماڻهو آهن ته پوء انهن سان اهو فرق ڇو روا رکيو ويو آهي. کين ڳوٺ کان ٻاهر ڇو رهايو ويو ۽ سماجي لحاظ کان هڪ گھٽ حيثيت ڏني ويئي. ان جو هڪ مک ڪارڻ ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته انهن ماڻهن جو تعلق ٻڌ مذهب سان هو جنهن کي برهمڻ سخت ناپسند ڪندا هئا ۽ ان جي مخالفت ڪندا هئا. ٻيو اهم ڪارڻ اهو آهي ته اهي ماڻهو ڳئون جو گوشت کائيندا آهن. ان حوالي سان هندن ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪ ته اهي آهن جيڪي ماڳيئي ڪنهن به قسم جو گوشت، پوء ڀلي اهو ڪهڙي به جانور جو هجي، نه ٿا کائين ۽ رڳو ڀاڄيون کائين ٿا. جڏهين ته ٻيا اهي آهن جيڪي ڳئون جي گوشت کانسواء ٻين جانورن جو گوشت کائين ٿا. ٽيون قسم انهن مانهن جو آهي جيڪي ڳئون جو گوشت به کائين ٿا. پهرين ٻن قسمن جي ماڻهن سان ته هندن ۽ خاص طور برهمڻن جو ڪو عناد ناهي جڏهين ته انهن جو اصل مسئلو ٽئين قسم جي ماڻهن سان آهي جيڪي ڳئون جو گوشت کائين ٿا. هتي ليکڪ اهو سوال اٿاري ٿو ته ڇا اهو هميشه ائين هو ۽ هندو ڳئون جو گوشت نه واپرائيندا هئا.
ليکڪ ان جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي ۽ تاريخي ۽ مّذهبي لحاظ کان ان ڳاله کي ثابت ڪيو آهي ته هميشه کان ائين نه هو ۽ ڳئون ۽ ڍڳي جي گوشت کي هڪ خاص ڊش طور استعمال ڪيو ويندو هو. ان کيِ خاص موقعن تي معزز مهمانن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو هو. ويدن ۾ ڪجھ جاين تي کير ڏيندڙ ڳئون کي ڪهڻ کان منع ڪيل آهي جنهن کي پوء هڪ عام اصول طور اختيار ڪيو ويو.جڏهين ته ٻڌ ڳئون جو گوشت استعمال ڪندا آهن.
ليکڪ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته اڇوت دراصل ٻڌ اهن. هندن ۽ خاص طور برهمڻن جي انهن سان تضاد جي ڪري انهن کي زير ڪرڻ کان پوء انهن کي سڀ کان هيٺئين درجي ۾ اڇوتن جي حيثيت ڏني ويئي.
امبيدڪر جي سچي سياسي ۽ علمي زندگي ڀارت ۾ اڇوتن سان امتيازي ورتاء ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي گذري. ان ڪري ڀارت جي آئين ٺاهڻ جو ڪم کيس ڏنو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو ورتاء مڪمل طور تي اڃا ختم نه ٿي سگھيو آهي پر هن وقت اڇوتن کي ڀارت ۾ جيڪي آئيني ۽ سياسي حق حاصل آهن ان ۾ امبيدڪر جي جدوجهد جو وڏو حصو آهي.