مھمان ڇوڪري
انور ابڙو جو ناول هڪ مهمان ڇوڪري هينئر پڙهي پورو ڪيو آهي. انور سان پنهنجي تعلق کي آئون وقت جي حساب سان نه ٿو ڳڻي سگھان. احساسن جي هڪ هم آهنگي آهي جيڪا اسان کي گڏ رکيو ٿي اچي. ساڻس ملاقات کي شايد سال گذري ويا آهن ۽ فون تي ڳالهائيندي شايد مهينا ٿي ويا آهن کيس منهنجي خبر هجي يا نه هجي پر مون کي هميشه سندس خبر هوندي آهي. هو پنهنجو هر نئون ڪتاب مون کي موڪليندو آهي. سندس گھڻن ڪتابن تي مون ڪجھ لکيو به آهي. هڪ دوست، هڪ سياسي ڪارڪن، هڪ صحافي ۽ هڪ ليکڪ طور منهنجي ساڻس واقفيت هئي. آئون سندس جذباتي زندگي کان گھڻو واقف نه هوس. سندس ڪتاب ڀڳل رانديڪو ان حوالي سان منهنجو شايد سندس زندگي جي ان پاسي سان وڌيڪ تعارف هو. ان دوران ڪالمن ۽ مضمونن جو ڪتاب اڌ صدي جو اوجاڳو آيو پر مون کي سندس ڪهاڻين جي مجموعي پهرين جنوري ۾ شامل ڪهاڻي روشن قبر ڇرڪائي وڌو هو. ساڳي وقت ان مجموعي ۾ ڪجھ ڪهاڻين مان ائين لڳو ٿي ته انور موٽ کاڌي آهي ۽ ان ڪيفيت مان نڪري آيو آهي.
هي تازو ناول هڪ نئين عشق جي شروعات ۽ پڄاڻي آهي. اهو ناول جيتوڻيڪ اتي پورو ٿي وڃي ٿو جتي سوڍي جي رٽئرمنٽ ٿئي ٿي ۽ اڳتي رسمي خدا حافظ جي ضرورت نه هئي. جيتوڻيڪ هن ناول کي ڀڳل رانديڪو ۽ روشن قبر جو هڪ تسلسل ته چئي سگھجي ٿو پر ان جي ڪيفيت بلڪل ئي مختلف آهي. ان مان لڳي ٿو ته هو ماضي مان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ چاهي ٿو پر اڃا شايد کيس ڪن جذباتي تجربن مان گذرڻو پوي.