طارق اشرف
طارق اشرف جي سڃاڻپ هڪ ليکڪ ۽ خاص طور سهڻي رسالي جي حوالي سان آهي. سهڻي هڪ عام ادبي رسالو نه هو پر سنڌي ادب ۾ ان جي خاص اهميت ۽ حيثيت آهي. هڪ ته ان گھڻن سنڌي ليکڪن کي متعارف ڪرايو ۽ ٻيو سنڌي ادب ۾ قوم پرست ۽ طبقاتي لاڙن کي مضبوط ڪيو. طارق بنيادي طور هڪ وطن دوست ماڻهو هو. جيتوڻيڪ سندس ذاتي واسطا سنڌ جي گھڻن سياسي اڳواڻن ۽ اديبن سان هونڌا هئا پرهو ڪنهن به سياسي ڌر سان تنظيمي طور لاڳاپيل نه هو. ان جي باوجود کيس پنهنجين لکڻين ۽ ٻين اديبن جي لکڻين ڇاپڻ جي ڏوه ۾ سختين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترا ڀيرا جيل ڀوڳڻا پيا.
سندس جيل متعلق لکيل ٻه ڪتاب ”جيل گھاريم جن سين“ ۽ ”هٿين هٿ ڪڙول“ آهن. پهريون ڪتاب ته هن جيل ۾ جن شخصيتن جهڙوڪ شير محمد مري، رسول بخش پليجو، شاه نواز جوڻيجو ِ۽ شاه محمد شاه وغيره سان جيڪو وقت گذاريو هو انهن متعلق ذاتي تاثر ۽ جيل ۾ انهن جي عادتن ۽ ورتاء متعلق آهي. هو جيتوڻيڪ گھڻن سنڌين جيان اها خواهش ته رکي ٿو ته سنڌ جي ڀلائي لاء مختلف سياسي جماعتون ۽ اڳواڻ پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪن پر هو انهن مان ڪنهن سان به سندن نظرين، سياست ۽ اختلافن وغيره متعلق بحث نه ٿو ڪري. هڪ لحاظ کان ان ڪتاب مان انهن اڳواڻن جي مختلف ذاتي پاسن ۽ روين وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي.
کيس رسول بخش پليجو جو ڪتاب ”صبوح ٿيندو“ پنهنجي پريس ۾ ڇاپڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب ضياءالحق جي مارشل لاء کان اڳ جو ڇپيل هو پر سندس گرفتاري مارشل لاء جي قانون تحت ٿي هئي. ان اسيري متعلق لکيل سندس ڪتاب هٿين هٿ ڪڙول سندس پنهنجي زال ڏانهن لکيل خطن ۽ سندس زال جي ڏانهس لکيل خطن تي مشتمل آهي. ان ۾ سندس چوڻ موجب هن گھڻيون ذاتي ڳالهيون حذف ڪري ڇڏيون آهن جڏهين ته ان ۾ جيل جي ماحول اتان جي سياسي ۽ غير سياسي قيدين ۽ عملدارن متعلق گھڻي ڀاڱي ذاتي مشاهدا آهن. خاص طور هن حيدرآباد جي دائود پٺاڻ سان جيڪو وقت گذاريو ان جو نهايت سٺي نموني ذڪر ڪيو اٿائين. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ ڪنهن تي به نظرياتي ۽ سياسي حوالي سان ڪا تيڪا ٽپڻي ۽ تنقيد ناهي.
طارق پنهنجي سڀاء ۽ طور طريقن ۾ هڪ نفيس ماڻهو هو، جيڪو هميشه پنهنجي ۽ پنهنجي اوسي پاسي جي صفائي سٿرائي جو خيال رکندو هو ۽ کيس ٻين جون به خراب عادتون نه وڻنديون هيون. حيرت ان ڳاله تي ٿئي ٿي ته پاڻ تي ڪک نه سهڻ واري ماڻهو ايڏيون جيل وغيره جون سختيون ڪيئن سٺيون ۽ ڪنهن ڪمپرومائز وغيره لاء تيار نه ٿيو جڏهين ته سندس ڪنهن به سياسي ڌر وغيره سان به ڪو واسطو نه هو. جيل ۾ گھڻن دوستن سندس سهائتا ڪئي پر هن ساڳي وقت ڪجھ پنهنجن ويجھن دوستن، خاص طور نيو فيلڊس واري فيروز جنهن سان سندس ويجھو ذاتي ناتو هو ۽ امر جليل، جنهن جي لاء هن سهڻي جو خاص نمبر ڪڍيو هو ۽ جنهن جي ڪهاڻي سرد لاش جو سفر ڇپڻ جي ڪري کيس گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو، جي شڪايت پڻ ڪئي آهي جن ان ڏکئي وقت ۾ سندس ڪا سار نه لڌي.
سنڌي ۾ جيل متعلق جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن انهن ۾ انهن ڪتابن جي هڪ منفرد ۽ اهم حيثيت آهي.