قصو هڪ کوه کوٽڻ جو
اورهان پامڪ جو ڏهون ناول The Red Haired Woman ان استنبول جي ڪهاڻي آهي جڏهين اهو اڃا پراڻي دور مان نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو هو. شهر جو ايڏو ڦهلاء به نه ٿيو هو ۽ مختلف معاملن ۾ نئين ٽيڪنالوجي جو استعمال به ايڏو عام نه ٿيو هو. اها هڪ اهڙي نوجوان ڪيم جي ڪهاڻي آهي جنهن جو پي هڪ ميڊيڪل اسٽور هلائي ٿو پر هو اڪثر گھر مان غائب رهي ٿو. خبر نه ٿي پئي ته هو پنهنجي ليکي پنهنجي گھر ۽ زال کان تنگ ٿي ڪٿي هليو وڃي ٿو يا کاٻي ڌر جي سياست سان واسطو رکڻ ڪري رياستي ادارا کيس غائب ڪن ٿا. معاشي ڏکيائين ۽ غير مستحڪم زندگي جي ڪري ڪيم جي ماء کيس وٺي شهر کان ٻاهر ڪنهن مائٽ جي گھر وڃي رهي ٿي. ان وقت تائين اڃا پاڻي جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاء روايتي طريقن سان ئي کوه کوٽيا ويندا هئا ۽ مشنيري جو استعمال گھڻو نه هو. ڪيم کي پڙهائي سان گڏوگڏ ڪنهن روزگار جي گھرج به هجي ٿي. سندس مائٽ جيتوڻيڪ کيس ٿوري اجوري تي پنهنجي باغ وغيره جي سنڀال جو ڪم ڏئي ٿو پر ان نوجوان جي دلچسپي پاسي واري گھر ۾ هلندڙ کوه کوٽڻ جي ڪم ۾ پيدا ٿئي ٿي. کوه کوٽڻ وارو ماستر محمود سندس ان دلچسپي کي ڏسندي کيس شهر کان ٻاهر پنهنجي نئين ڪم ۾ شامل ٿيڻ لاء چئي ٿو. اهو ڪنهن ڪارخاني لاء پاڻي جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاء کوه کوٽڻ جو ڪم هجي ٿو ۽ مالڪ کين پاڻي ملڻ جي صورت ۾ اجوري سان گڏ وڏي انعام جي به آڇ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سندس ماء ان لاء وڏي مشڪل سان راضي ٿئي ٿي پر هو کيس يقين ڏياري ٿو ته اها ٿوري وقت جي ڳالهہ آهي ۽ ان سان سندس پڙهائي جو به ڪو حرج نه ٿيندو ۽ کيس چڱو پئسو به ملي پوندو. اهڙي ريت هو ۽ هڪ ٻيو همراه ماستر محمود سان گڏ پنهنجي ڪم لاء روانا ٿي وڃن ٿا.
کوه کوٽڻ جو اهو ڪم سخت هجي ٿو پر ماستر محمود جي رهنمائي ۽ شفقت ۽ محبت جي ڪري هو اتي رهڻ لاء تيار هجي ٿو. کيس پنهنجي استاد مان اهو پي جو احساس ٿئي ٿو جيڪو کيس پنهنجي سڳي پي مان نه ملي سگھيو هو. گھڻي کوٽائي کانپوء به پاڻي نه ٿو ملي ته ساڻن گڏ آيل ٻيو همراه واپس هليو وڃي ٿو. پر ماستر محمود کي اهو يقين هجي ٿو ته پاڻي ضرور ملندو ۽ اهڙي ريت هو پنهنجي ڪم کي جاري رکڻ چاهي ٿو. صورتحال ان حد تائين به پهچي ٿي ته ڪارخاني جو مالڪ به مايوس ٿي وڃي ٿو ۽ هو کين خرچ پکي لاء پئسا وغيره ڏيڻ به بند ڪري ڇڏي ٿو. پر ماستر محمود پنهنجي ڪم کي جاري رکي ٿو ۽ پنهنجي شاگرد کي اهو يقين ڏياري ٿو ته پاڻي ضرور ملندو.
اهي همراه پنهنجي روزمره جي ضرورت جو سامان ڀر واري آبادي مان وٺن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء شهر ويندي کين خبر پئي ٿي ته اتي هڪ ٿئيٽر ڪمپني آئي آهي. واٽ تي کين ڪجھ ماڻهن سان گڏ هڪ ڳاڙهن وارن واري عورت نظر اچي ٿي. ڪيم ان عورت ڏانهن مائل ٿئي ٿو ۽ کيس ڏسڻ ۽ ساڻس ملڻ جا بهانا ڳولهي ٿو. اها عورت دراصل ان ٿئيٽر ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ اهو محسوس ڪري ٿي ته اهو نوجوان منجھس دلچسپي وٺي ٿو. ان ٿئيٽر ڪمپني جي ئي هڪ ملازم جي مدد سان ڪيم ٿئيٽر ڪمپني جو سڄو ڊرامو مفت ۾ ڏسي ٿو. گڏوگڏ ان عورت سان سندس راه ورسم وڌي ٿي ۽ هڪ ڀيري جڏهين ان عورت جو مڙس ڪٿي ويل هجي ٿو ته ان سان رات گذاري ٿو.
ان دوران کوه جي کوٽائي جو ڪم هلندو رهي ٿو پر پاڻي نه ٿو ملي. هڪ ڀيري ماستر محمود رسي ۾ ٻڌل بالٽي وسيلي کوه ۾ لهي ٿو . پر ڪيم جي هٿ مان رسي ڇڏائجي وڃي ٿي ۽ بالٿي سڌو وڃي هيٺ ڪري ٿي. هو پريشان ٿي وڃي ٿو. هڪ ته پاڻي نه ملڻ ڪري هو ڪم مان بيزار هجي ٿو ۽ گھر موٽڻ چاهي ٿو مٿان اهو مسئلو کيس صفا بيحال ڪري ڇڏين ٿا. هو سمجھي ٿو ته ماستر محمود مري ويوهو ۽ اتان ڀڄڻ چاهي ٿو. جڏهين شهر اچي ٿو ته جيئن ڳاڙهن وارن واري عورت سان ملاقات ڪري سگھي ته کيس خبر پئي ٿي ته اها ٿئيٽر ڪمپني اتان ڪنهن ٻئي شهر وڃي چڪي هئي. هو پنهنجي اندر ۾ اهو ڏوه جو احساس کڻي شهر موٽي اچي ٿو ۽ پنهنجي پڙهائي ٻيهر شروع ڪري ٿو. کيس اها خبر به پئي ٿي ته هاڻي سندس پي هڪ ٻي عورت سان رهي رهيو هو. کيس هر وقت اهو خيال رهي ٿو ته ماستر محمود کي مارڻ جو ڏوه ظاهر ٿي پوندو ۽ هو گرفتار ٿي ويندو. پر اهڙي ڪا ڳالهہ نه ٿي ٿئي. هو پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري پنهنجي پسند جي هڪ ڇوڪري عائشه سان شادي ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ ڪنسٽرڪشن جو ڪم شروع ڪري ٿو. ان ڪم ۾ جيتوڻيڪ هو گھڻو اڳتي وڌي ٿو پر کيس ڪو اولاد نه ٿو ٿئي. کيس ان ڳالهہ جي پريشاني هجي ٿي ته سندس ان ملڪيت جو وارث ڪير هونڌو. هو پنهنجي زال سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي ٿو. سندس دلچسپي رستم سهراب ۽ اوڊيپس جي قصن جيان انهن تصويرن ۽ شين ۾ هجي ٿي جن ۾ پي پٽ جي تضاد کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
استنبول ڦهلبو وڃي ٿو ۽ ڪيم به روز مختلف علائقن ۾ زمينون وٺي نوان پروجيڪٽ شروع ڪري ٿو ۽ سندس ڪاروبار تيزي سان ترقي ڪري ٿو. اشتهارن واري ڪمپني پاران کيس صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو ٽي وي ۽ اخبارن ۾ هلندڙ اشتهارن ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي تصوير به ڏي. اها تصوير سندس زندگي ۾ هڪ نئون موڙ بڻجي وڃي ٿي. کيس انور نالي هڪ همراه جو نياپو ملي ٿو ته هو سندس پٽ آهي ۽ ساڻس فوري طور ملڻ چاهي ٿو. اها ڳاله کيس پريشان ڪري ڇڏي ٿي. هو سمجھي ٿو ته اهو سڀ سندس ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پر گھڻي ڇنڊ ڇاڻ کانپوء کيس اها خبر پئي ٿي ته هي همراه ان ڳاڙهي وارن واري عورت جو پٽ آهي جنهن سان هن گھڻو اڳ هڪ رات گذاري هئي. وڪيل وغيره کيس اها صلاح ڏين ٿا ته جيڪڏهين واقعي ائين آهي ۽ ڊي اين اي جي ٽيسٽ وغيره ذريعي هو ڇوڪرو تنهنجو پٽ ثابت ٿئي ٿو ته پوء عدالت وغيره ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي پر کيس ڳالهہ ٻولهہ وسيلي ان مسئلي کي حل ڪرڻ گھرجي.
شهر جي ڦهلجڻ جي ڪري اهو علائقو جت ان کوه کوٽيو هو ۽ جيڪو ان وقت شهر کان ٻاهر ليکيو ويندو هو هاڻي شهر جو حصو بڻجي چڪو هو ۽ اتي ڪيم پنهنجو هڪ تعميراتي پروجيڪٽ شروع ڪري ٿو. هو ان علائقي ۾ وڃي ٿو ۽ مختلف ماڻهن سان ملي ٿو. انهن وٽان کيس اهو پتو پئي ٿو ته ماستر محمود مئو نه هو پر کيس ڪنهن ريت کوه کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو ۽ هن کوه تي پنهنجو ڪم به جاري رکيو هو ۽ کيس نيٺ ڪاميابي نصيب ٿي هئي ۽ کوه مان پاڻي نڪتو هو. ڪافي عرصو جيئرو رهڻ کانپوء هو فطري موت مري ويو هو. اتي سندس ڳاڙهن وارن واري عورت سان پڻ ملاقات ٿئي ٿي جيڪا کيس اهو ٻڌائي ٿي ته کاٻي ڌر جيِ سياست ۽ ٿئيٽر سان واسطو هئڻ ڪري سندس پي جو به ساڻس واسطو رهيو هو. اهي هڪٻئي سان محبت ڪندا هئا ۽ هن ڪجھ وقت هن سان گڏ گذاريو هو. هو پنهنجي پروجيڪٽ کي متعارف ڪرائڻ لاء ان علائقي ۾ ڪا تقريب منعقد ڪرڻ چاهي ٿو. ان تقريب ۾ اها ڳاڙهن وارن واري عورت کيس هڪ نوجوان سان متعارف ڪرائي ٿي پر سندس اصليت نه ٿي ٻڌائي ۽ رڳو اهو ٻڌائي ٿي ته هو منهنجي پٽ جو دوست آهي. ان نوجوان سان ڳالهيون ڪندي اهي ٻيئي ان کوه کي ڏسڻ هليا وڃن ٿا جتي هن ماستر محمود سان ڪم ڪيو هو. اتي کيس اهو شڪ ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته اهو نوجوان ئي سندس پٽ هجي ۽ کيس کوه ۾ ڪيرائي مارڻ جي ڪوشش ڪري ان ڪري کيس اتان هليو وڃڻ کپي. پر هو اتان وڃي نه ٿو. اهو نوجوان ڳالهين ڪندي نيٺ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪندي ڪري ٿو. هو ڪيم کان پستول کسي ٿو ۽ سندس اک جو نشانو بڻائي ٿو. پر ٻنهي ۾ پستول هٿ ڪرڻ لاء ڇڪتاڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ نيٺ اهو نوجوان کيس گولي هڻي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو.
جيل ۾ سندس ماء ساڻس ملڻ اچي ٿي ۽ کيس تسلي ڏيندي چئي ٿي ته تون واقعي قيد ۾ ڏکين حالتن ۾ رهي رهيو آهين پر منهنجا پٽ پريشان نه ٿي، انهن حالتن کي منهن ڏي ۽ ڪاغذ ۽ قلم کڻي پنهنجي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪر. هن ناول جي خاص ڳالھہ اها آهي ته ان ۾ ليکڪ ڳاڙهن واري عورت جو نالو ظاهر نه ڪيو آهي ۽ ان کي آخر تائين راز ۾ رکيو آهي.