ورهاڱي کانپوء
ورهاڱي جي نتيجي ۾ سرحد جي ٻنهي پاسي جي سنڌين ۾ سماجي، ثقافتي ۽ ٻولي جي حوالي سان وڏيون خاصيتي تبديليون واقع ٿيون آهن جن سندن وچ ۾ هڪ نامياتي تعلق کي ڪمزور ڪري رڳو ان کي هڪ رسمي شڪل ڏيئي ڇڏي آهي. ڀارت جي سنڌين لاء ٻولي جو اهم مسئلو هو. پر ان سلسلي ۾ ائين ٿيو ته سنڌي کي اسڪولن ۾ رائج ته ڪيو ويو پر حڪومت جي ويجھو ڪجھ سنڌين پاڻ کي وڻائڻ لاء ديوناگري لپي کي لاڳو ڪرايو جيڪا ڳالهہ ٻولي جي لاء هاڃيڪار ۽ گھڻن سنڌي ليکڪن وغيره لاء قبولڻ جوڳي نه هئي. جيتوڻيڪ پوء احتجاج وغيره جي ڪري حڪومت پاران عربي فارسي لپي کي به لاڳو ڪيو ويو پر ظاهر ڳاله آهي ته ترجيح پوء به ديونا گري لپي کي ئي حاصل هئي ۽ ان جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ جي سنڌين ۽ ڀارت جي سنڌين ۾ ٻولي جي حوالي سان هڪ فاصلو پيدا ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ٻولي ۾ عربي ۽ فارسي جي استعمال ۽ ڀارت ۾ سنسڪرت، هندي ۽ ڀارت جي ٻين ٻولين جي استعمال ان فاصلي کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي.
سنڌين جي لاء اها ڳالهہ پريشاني جوڳي رهي آهي ته ڀارت ۾ بنگالين ۽ پنجابين جيان اهڙو ڪو علائقو ناهي جنهن کي هو پنهنجو چئي سگھن ۽ اتي پنهنجن طورطريقن ۽ ثقافت مطابق رهي سگھن. پنهنجي ان خواهش کي پوري ڪرڻ لاء انهن ڪڇ جي راجا کان زمين وٺي اتي گانڌي دهم جهڙو شهر به قائم ڪيو آهي جتي سنڌين جو وڏو تعداد رهي ٿو ۽ گھڻا تعليمي ۽ ٻيا ادارا آهن جتي سنڌي ٻولي جو استعمال ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي سرحد جي ويجھو آهي پر مک شهري مرڪزن کان پري ۽ رڻ ۾ هئڻ جي ڪري گھڻا سنڌي اتي رهڻ پسند نه ٿا ڪن.
اها ڳالهہ واقعي سوچڻ جوڳي آهي ته ڀارت ۾ سنڌي معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان گھڻو اڳتي آهن پر ان جي باوجود اهي نفسياتي ۽ ذهني طور ڀارت جي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ احساس ڪمتري ۾ ورتل آهن. گھڻائي پنهنجن ٻارن کي سنڌي ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ گھرن ۾ انهن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ کي پسند نه ڪندي آهي. ساڳي ريت ٻار پنهنجن دوستن وغيره کي اهو نه ٻڌائيندا آهن ته اهي سنڌي آهن. ان جو هڪ مک ڪارڻ اهو آهي ته جيڪي سنڌي خاص طور گجرات ۽ راجستان وغيره ۾ آباد ٿيا جتي ذات پات جو هڪ مضبوط نظام آهي انهن کي مقامي ماڻهن پاران وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌين جي لباس، کاڌ خوراڪ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ڪري چيو ويندو هو ته انهن جي هلت چلت سڄي مسلمانن جيان آهي. ان ڪري ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته ساڻن گھٽ ۾ گھٽ سماجي تعلق رکجي. ان جو هڪ اثر اهو ٿيو ته پاڻ کي مقامي رسم و رواج ۽ ڪلچر ۾ ضم ڪرڻ لاء سنڌين ماڳيئي پنهنجي سنڌيت تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو ۽ ٻي اهم ڳاله ته پاڻ کي هندن کان وڌيڪ هندو ثابت ڪرڻ لاء انهن مان گھڻا آر ايس ايس جهڙين جماعتن ۾ سرگرم ٿي ويا. سنڌ جي صوفي هندن ڀارت ۽ خاص طور گجرات جي هندو مسلم فسادن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايل ڪي آڏواڻي ته رڳو ان جو هڪ سمبل آهي جڏهين ته گجرات ۾ سنڌين جو فسادن ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهي مودي جي لاء نهايت اهميت جا حامل رهيا آهن.
سرحد جي ٻئي پاسي مسلمان سنڌين لاء به صورتحال ائين نه هئي جيئن انهن سمجھيو ٿي. هڪ ته هندن جون ڇڏيل ملڪيتون گھڻو ڪري ڪليمن جي عيوض ڀارت مان آيل مهاجرن کي مليون ۽ ٻيو وڏن زميندارن ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري زمينن تي قبضو ڪيو ۽ انهن هارين کي بيدخل ڪيو جن انهن ٻنين کي کيڙيو ٿي ۽ جن سمجھيو ٿي ته اهي ٻنيون کين ملنديون. ساڳي ريت مسلم ليگ سان لاڳاپيل سنڌي سياستدانن کي به ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيو. مرڪزي ڪابينا، جنهن ۾ پنجاب جي گھڻائي هئي، ۾ رڳو محمد ايوب کهڙو کي وزارت جي آڇ ڏني ويئي. پر هو جيئن ته ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو ۽ هن اهو عهدو نه ٿي ڇڏڻ چاهيو ان ڪري ان کي قبول نه ڪيو. اهڙي ريت ان ڪابينا ۾ ڪو به سنڌي وزير نه هو. پوء گھڻي احتجاج کانپوء مرڪزي ڪابينا ۾ سنڌ مان هڪ وزير کنيو ويو.
ان وقت ڪراچي مرڪز ۽ سنڌ ٻنهي جي گادي جو هنڌ هو. ڪجھ وقت کانپوء اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد منتقل ڪيو وڃي ۽ ڪراچي مرڪز جي ضابطي هيٺ هجي. ان جي لاء جواز اهو ڏنو ويو ته ورهاڱي کانپوء مهاجرن جي وڏي پئماني تي ڪراچي ۾ اچڻ کانپوء اهو هاڻي سنڌي گھڻائي وارو شهر نه رهيو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب ان جو مک ڪارڻ سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙو ۽ پاڪستان جي وزيراعظم لياقت علي خان جا اختلاف هئا ۽ لياقت علي خان اهو چاهيو ٿي ته کهڙو کانئس پري ئي رهي. پر ان سلسلي ۾ سنڌ اسمبلي ۽ وڏو وزير کهڙو گادي جي هنڌ کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاء راضي نه هئا. ان جو هڪ ڪارڻ ته ڪراچي جي سنڌ لاء تاريخي اهميت هئي ۽ ٻي ڳاله ته ڪراچي پنهنجي بندرگاه ۽ ٻين معاشي وسيلن جي ڪري سنڌ حڪومت لاء آمدني جو هڪ اهم ذريعو هو. سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طور شاگردن پاران به مرڪز جي ان فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو. پر مرڪزي حڪومت ان سڀڪجھ کي ڪا اهميت نه ڏيندي ايوب کهڙو کي وڏ وزارت تان لاهي پير الاهي بخش کي سندس جاء تي آندو جنهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪرايو ۽ ان وقت جي سنڌ جي گورنر غلام حسين هدايت الله ان جي منظوري ڏني.
ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻولي جي گھڻي اهميت هئي. مختلف شعبن ۾ گھڻو ڪم ٿي رهيو هو. جيئن ته اهو ڪم ڪندڙ گھڻو ڪري هندو هئا ان ڪري انهن جي ڀارت لڏي وڃڻ جي ڪري اهو ڪم رڪجي ويو. ٻي اهم ڳالهہ اها هئي ته سنڌي بولي کي جيڪا سرڪاري سرپرستي حاصل هئي اها ختم ٿي ويئي. ايوب خان جي دور ۾ اسڪولن مان هڪ لازمي مضمون طور سنڌي کي ختم ڪيو ويو. اڳ سنڌي بازار ۽ شهرن جي ٻولي هئي اها هاڻي نه رهي هئي. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته هندن جي ئي شهرن ۾ گھڻائي هوندي هئي ۽ اهي ئي سنڌ جو وچولو طبقو هئا. انهن جي لڏي وڃڻ کانپوء شهرن ۾ سنڌين جي حيثيت نه هئڻ برابر وڃي رهي هئي.
سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪٻئي جي مذهب ۽ طور طريقن لاء عام طور جيڪا سهپ ۽ عزت هوندي هئي ورهاڱي کانپوء اها ٻنهي پاسن جي سخت گير، انتها پسند ۽ اسهپ وارن روين ۾ بدلجي ويئي. سنڌ جي ماڻهن جي جنهن صوفي مزاج جا مثال ڏنا ويندا هئا اهو سڀڪجھ ماضي جي ڳالهہ بڻجي ويو.
اهڙي ريت هڪ ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن لاء جيڪي نتيجا نڪتا اهي سندن توقع مطابق نه هئا ۽ ٻي ڳالهہ ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڏيون ۽ بنيادي تبديليون آيون جن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن سان ٺهڪي هلڻ لاء سنڌ جا ماڻهو اڃا تائين جاکوڙ ڪري رهيا آهن.