انقلاب کانپوءِ
انقلاب جي ڪاميابي کانپوء به سڀڪجھ چڱو ناهي هوندو. ان کانپوء اڳواڻي ڪندڙن کي هڪ بلڪل مختلف صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. خاص طور ويٽنام، جنهن ٻن وڏين طاقتن فرانس ۽ پوء آمريڪا کي شڪست ڏني هئي، هڪ ٻئي مخمصي ۾ پئجي ويو هو. ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد، جن انقلابي جنگ ۾ بهرو ورتو هو، فارغ ٿي ويا هئا. حڪومت وٽ ايترا وسيلا نه هئا ته انهن سڀني جي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻي ۽ انهن کي ڪو باعزت روزگار مهيا ڪري. ان صورتحال ۾ برادر سوشلسٽ ملڪن جو هڪ آسرو هو. اهڙي ريت ويٽنام جي گھڻي افرادي قوت کي باندي پورهيتن جي طور سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن جي ڪارخانن وغيره ۾ ڪم ڪرڻ لاء اماڻيو ويو.
اوڀر جرمني جي سوشلسٽ ملڪ هئڻ جو اهو مطلب نه هو ته اتي سڀ نسلي ۽ مذهبي تضاد وغيرہ ختم ٿي ويا هئا. انهن جون هتان جي سماج ۽ سياست ۾ مضبوط پاڙون هيون ۽ گھڻا ماڻهو اڃا به پرڏيهين وغيره کان ساڳي ريت نفرت ڪندا هئا ۽ انهن کي پنهنجن معاشي مسئلن وغيره جو ذميوار ڪري ليکيندا هئا. هڪ ڀيري واٽ ويندي ولادي ۽ سندس زال ڏسن ٿا ته ٽي چار جرمن نوجوان هڪ ويٽنامي باندي پورهيت کي پڪڙي مار ڏيئي ان کي کسي ڪرڻ وارا هجن ٿا ته ولادي جي اچي وچ ۾ پوڻ تي ڀڄي وڃن ٿا ۽ ان پورهيت جي جان ڇٽي ٿي. ان جو ڏوه اهو هجي ٿو ته ان جو هڪ جرمن عورت سان پيار ٿئي ٿو جنهن کي اهي نوجوان پسند نه ٿا ڪن ۽ ان پورهيت، جنهن جو نالو سائو هجي ٿو، کي ان جي سزا ڏيڻ چاهين ٿا. هو ولادي ۽ سندس زال جو گھڻو ٿورائتو ٿئي ٿو ۽ سندن هڪ مستقل ناتو جڙي وڃي ٿو. هو کين ٻڌائي ٿو ته هن آمريڪا خلاف ويٽنام جي جنگ ۾ حصو ورتو هو ۽ جنگ ختم ٿيڻ کان پوء اهي آدرش ۽ زندگي جون اهي سهولتون حاصل نه ٿي سگھيون جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو هو. کيس پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجي محبوب زال ۽ ٻار کي ڇڏي هڪ باندي پورهيت طور هتي اچڻو پيو. کيس اوڀر جرمني موڪليو ويو جڏهين ته ٻين گھڻن کي سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن ۾ موڪليو ويو.
انهن ملڪن مان سوشلزم ۽ سوشلسٽ حڪومتن جي ختم ٿيڻ کانپوء انهن پرڏيهي ماڻهن لاء به نيون واٽون کلي ويون. اهي مختلف قانوني ۽ غير قانوني ڪمن ۾ گھڙي پيا. سائو جڏهين هڪ ڊگھي عرصي کانپوء ولادي سان ملي ٿو ته هو بلڪل هڪ ٻيو ماڻهو هجي ٿو. هڪ آسودو، وڏين هوٽلن ۾ رهڻ ۽ اعلا ڪپڙا پائڻ وارو شخص. هو ولادي کي ٻڌائي ٿو ته هن فرانس جي هڪ عورت سان شادي ڪئي آهي جنهن مان کيس هڪ پٽ به آهي پر هو کيس ڇڏي آمريڪا هلي ويئي آهي. ان جي باوجود هو کيس پورو خرچ پهچائيندو آهي. سندس اها شان شوڪت ڏسي ولادي سمجھي ٿو ته هو ضرور منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي ۽ هن سان اهڙو اظهار به ڪري ٿو. پر هو کيس ٻڌائي ٿو ته ائين ناهي بلڪ هو هٿيارن جو ڪاروبار ڪندو آهي ۽ مختلف ملڪ سندس ڪلائنٽ آهن. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هن شروع ۾ ڪيئن روس ۾ رهندي پنهنجن ويٽنامي دوستن جو هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو هو. اهي اتي سرڪاري افسرن جي سهڪار سان روس ۽ ٻين اڳوڻين سوويت رياستن جي عورتن کي جنسي مقصدن لاء دنيا جي مختلف علائقن ۾ موڪليندا هئا. سندس دوست اڃا به ماسڪو ۾ موجود آهن ۽ سندس ساڻن رابطو آهي.
کيس اها ڄاڻ هجي ٿي ته ولادي کي نوڪري ناهي ۽ هو هن وقت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيو آهي پر هو پنهنجن انقلابي آدرشن کي ڇڏڻ لاء تيار ناهي. هو کيس پنهنجو مثال ڏيئي ٿو ته هن ڪيئن بدليل حالتن سان پاڻ کي ٺهڪايو آهي. ساڳي وقت هو کيس چئي ٿو ته هو ڪڏهين به سندس ڪيل ٿورو نه ٿو لاهي سگھي ۽ انهن حالتن ۾ سندس هر قسم جي مدد ڪرڻ لاء تيار آهي، رڳو سندس حڪم جي دير آهي. پر ولادي کيس منع ڪري ڇڏي ٿو. ڪجھ عرصي کانپوء هو ولادي کي چئي ٿو ته هو هڪ پبلشنگ هائوس قائم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن کي تون سنڀاليندين. پر ولادي ان لاء به راضي نه ٿو ٿئي.
ولادي کي پنهنجي پي متعلق جيڪو تجسس هجي ٿو ۽ جڏهين کيس ان متعلق پنهنجي ماء جي ٻڌايل ڳالهين تي اعتبار نه ٿو رهي ته هو ان سلسلي ۾ سائو جي مدد وٺڻ چاهي ٿو. سائو کيس چئي ٿو ته اڄڪله ماسڪو ۾ هر شي پئسي تي دستياب آهي ۽ اهي فائل هٿ ڪرڻ ته سندس لاء ڪو مسئلو ئي ناهي.
هو جڏهين ان ڪم لاء ماسڪو پهچي ٿو ۽ پنهنجي ٺڪاڻي تي وڃي ٿو ته اتي کيس پنهنجن ساٿين جا لاش ملن ٿا جيڪي ساڻس گڏ ڪم ڪندا هئا. هو مختلف ماڻهن سان ملي ٿو. کيس ان متعلق پوليس ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين وغيره جو ٻڌايو وڃي ٿو پر هو ان مان مطمئن نه ٿو ٿئي. جن ماڻهن سان سندس ڏي وٺ هجي ٿي انهن کي هو چئي ٿو ته هو اوستائين سک سان نه ويهندو جيستائين اصل قاتلن کي سندس آڏو نه ٿو آندو وڃي. گھڻي ڀڄ ڍڪ کانپوء کيس خبر پئي ٿي ته ان ۾ روس جي مقامي گينگ جا ماڻهو شامل آهن جيڪي ساڳيو عورتن کي اسمگل ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا ۽ کين ان ويٽنامي گروه جي ڪري پنهنجو ڪاروبار خطري ۾ ٿي نظر آيو.
بهرحال سائو اها کوجنا ڪرڻ کانپوء ولادي جي ڪم لاء روس جي جاسوسي کاتي ۾ رابطا ڪري ٿو ۽ ولادي جي ماء ۽ لڊوگ جا فائل هٿ ڪري ٿو جيڪي هو برلن ۾ ولادي جي حوالي ڪري ٿو.
اهو ضروري ناهي ته هڪ نظرئي ۽ سياسي واٽ سان لاڳاپيل ماڻهو بحرانن ۽ نظرياتي ۽ سياسي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران ساڳي واٽ اختيار ڪن. ان صورتحال ۾ تنظيمي ۽ نظرياتي پابندي ختم ٿي ويندي آهي ۽ مختلف ماڻهو پنهنجي صوابديد موجب مختلف واٽون اختيار ڪندا آهن. اها صورتحال خاص طور سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سوشلزم جي بحران کانپوء وڌيڪ واضح صورت ۾ سامهون آئي آهي ان جا گھڻا مثال پاڪستان سميت ٻين گھڻن ملڪن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. پارٽين ۾ ٽوڙ ڦوڙ، نفسياتي مسئلا ۽ نظرئي وغيره تان هٿ کڻي وڃڻ عام ڳالهيون آهن. تبديلي جو هڪ عمل آهي جنهن ۾ مختلف ماڻهو مختلف نموني سان پنهنجو ردعمل ڏيکارين ٿا. ولادي ۽ سائو ان جا ٻه مثال آهن جيڪي اڳتي هلي تبديل ٿيل سماج جو هڪ حصو بڻجي ويندا.