ٻڌ مت ۽ برهمڻ ازم
شروع ۾ برهمڻ ڪا ذات نه هئي ۽ نه ئي اهو ڪو خانداني ورثو هوندو هو بلڪ اهو هڪ پيشو هوندو هو. برهمڻ اهو فرد هوندو هو جنهن کي مذهبي ڪتابن ۽ تعليم وغيره جي ڄاڻ هوندي هئي ۽ هو قرباني ۽ ٻيون مذهبي رسمون وغيره ادا ڪري سگھندو هو. اهو ڪو به ماڻهو ٿي سگھيو ٿي. ساڳي ريت ذات پات جي بنياد تي ورهاست ٿيل نه هئي. جيڪڏهين ڪنهن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي ته اهي کشتري، ويڙهاڪ ۽ حڪمران طبقو هوندو هو. گوتم ٻڌ پاڻ برهمڻن تي کشترين کي اهميت ڏني هئي. پنهنجي ان مذهبي ڄاڻ واري حيثيت کي استعمال ڪندي برهمڻن پاڻ کي وقت سان گڏوگڏ هڪ موروثي حيثيت ڏيئي ڇڏي ۽ ذات پات جي نظام کي متعارف ڪرايو جنهن مطابق فرد جي حيثيت سندس ڪم ۽ اخلاق نه پر سندس خانداني پس منظر ڪري مقرر ٿئي ٿي. ٻڌ جي تعليم ان جي ابتڙ اها هئي ته فرد جي حيثيت سندس خاندان يا ذات جي بنياد تي نه پر سندس اخلاق ۽ ورتاء جي بنياد تي طئي ٿئي ٿي.
گوٿم سڌارٿ کي اها خبر هئي ته سندس وفات کانپوء سندس پوئلڳ مختلف فرقن ۾ ورهائجي ويندا. هن اهو چيو هو ته دنيا هڪ جاء تي بيٺل ناهي ۽ اها هر وقت تبديل ٿي رهي آهي. سندس ان اڳڪٿي موجب سندس وفات کانپوء ٻڌ ڌرم ۾ ٽي وڏا فرقا ٿراويدا، وجرايانا ۽ ماهايانا وجود ۾ آيا.
هڪ ڊگھي عرصي تائين ٻڌ مت هندوستان جو هڪ حاوي ۽ وڏو مذهب رهيو.ان ڪري ان دور جي هندوستان کي هندو انڊيا، جيئن عام طور چيو وڃي ٿو، جي بجائي ٻڌ انڊيا چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. موريا خاندان ۾ چندر گپت موريا جي هڪ اهم حيثيت آهي جڏهين ته سندس جانشين اشوڪا گھڻين جنگين ۽ رتوڇاڻ کانپوء ٻڌمت اختيار ڪيو هو ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي پرچار لاء ٻڌ جي تعليم تي ٻڌل ڪتبا ۽ ٻڌ جا مجسما نصب ڪرايا هئا. پر موجوده دور جا هندوستان جا ڪجھ تاريخدان اهو چون ٿا ته اشوڪا بڌ ڌرم اختيار نه ڪيو هو پر هن رڳو ان جي اخلاقي تعليم کي عام ڪرڻ چاهيو ٿي جنهن جي لاء هن پرچار جا مختلف طريقا اختيار ڪيا. اها ڳاله پنهنجي ليکي اهم آهي ته چندر گپت، اشوڪا ۽ هندوستان جي مختلف علائقن جي ٻين جين ۽ ٻڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ حڪمرانن جي دور ۾ برهمڻ ۽ ٻئي ڪنهن به مذهب جي عبادت وغيره تي پابندي نه هئي. ٻڌ ڌرم جو گھڻو زور ملڪ جي انهن علائقن ۾ هو جيڪي هن وقت پاڪستان جو حصو آهن. سنڌ جي حوالي سان اها ڳاله آهي ته عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت جيتوڻيڪ حڪومت هندن جي هئي پر هتي آبادي جي گھڻائي ٻڌ مذهب جي هئي. اهڙي ريت ٽيڪسيلا ٻڌ مت جو وڏو مرڪز رهيو آهي ۽ سوات ۽ خيبر پختون خواه جي ٻين علائقن ۽ ويندي افغانستان ۾ ان جو وڏو اثر رهيو آهي.
اشوڪا جي دور ختم ٿيڻ کانپوء هندوستان ۾ ٻڌمت جو زوال شروع ٿيو. ان جا گھڻا ڪارڻ آهن. ٻڌ راهب پنهنجين خانقاهن تائين محدود ٿي ويا هئا. ايستائين ته ٻڌ مت جي پوئلڳن جا روزمره جا مسئلا به برهمڻ حل ڪندا هئا. هندو مذهب جو احياء گپتا دور ۾ ٿيو پران جو مهندار ۽ شروعات ڪندڙ اشوڪا جي سلطنت جي هڪ پرڳڻي جو گورنر پشيا مترا هو جنهن ٻڌ مت جي پوئلڳن تي سختي ڪرڻ شروع ڪئي. ان دور ۾ منو سمرتي به لکي ويئي جنهن ۾ زندگي گذارڻ جا طريقا ۽ اصول وغيره ڄاڻايل آهن. امبيدڪر ان دور کي رد انقلاب قرار ڏئي ٿو. ساڳي وقت برهمڻن هندو مذهب ۾ سڌارا آڻڻ ۽ ان کي نئون روپ ڏيڻ شروع ڪيو..شيوا، جيڪو مختلف روپ بدلائي ٿو، ۽ وشنو، جنهن جا مختلف اوتار آهن، کي سامهون آندو ويو. برهمڻن ٻڌمت کي هڪ ڌار مذهب طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ گوتم سڌارٿ کي وشنو جو نائون اوتار ڪري پيش ڪيو.
تاريخ دان ڊي ڊي ڪوسمبي جو چوڻ آهي ته ٻڌمت جو اهنسا ۽ ماڻهن کي مهذب ڪرڻ وارو ڪم، جنهن کي سڄي دنيا جيڪڏهين ان تي عمل نه ٿي به ڪيو ته مڃيو ضرور ٿي، ستين صدي عيسوي تائين ختم ٿي چڪو هو. ويدن وارين قربانين کي ماڻهو ترڪ ڪري چڪا هئا. اصل ڏکيو ڪم ڳوٺاڻن ۾ عدم تشدد کي طاقت جي استعمال کانسواء مروج ڪرڻ هو جيڪو ڪم مذهب ڪيو پر ٻڌ ڌرم نه ڪيو.
ان سلسلي ۾ ستين صدي عيسوي هرشا جي دور ۾ ٻڌ مت جي مختلف پاسن ۽ مجموعي صورتحال کي ڏسن لاء چيني سياح سان سنگ هندوستان آيو. اهو ان دور جي تاريخ جي حوالي سان هڪ اهم ذريعو آهي. هن ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هن اهي نتيجا ڪڍيا ته ان وقت ٻڌمت زوال پذير هو. خانقاهون زبون حالت ۾ هيون ۽ گھڻن علائقن ۾ ماڻهن جي گھڻائي ٻڌمت ڇڏي چڪي هئي.
برهمڻن نهايت سرگرمي ۽ اڳرائي وارا طريقا اختيار ڪندي پنهنجا ڪم شروع ڪيا هئا. ان سان گڏوگڏ سنڪارا ادارن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. ڳوٺن ۾ طبقاتي بنيادن تي هارين ۽ قديم قبائلي ماڻهن جي ذات جي بنياد تي نئين سر تنظيم ٿيڻ لڳي هئي جنهن کي ٻڌ مت رد ڪيو ٿي. اهي ماڻهو گھڻو ڪري عبادتن ۽ مذهبي رسمن کي پسند ڪندا هئا جنهن جي ٻڌ راهبن لاء منع ٿيل هئي. اهڙي ريت انهن رسمن تي هڪ لحاظ کان برهمڻن جي هڪ هٽي هئي. برهمڻن کي ان لحاظ کان به فوقيت حاصل هئي ۽ انهن اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو ٿي ته انهن کي ڪم جي ڪيلينڊر ۽ موسمن وغيره جي ڄاڻ هئي ۽ اهي اهو ٻڌائي سگھيا ٿي ته ڪڏهين هر ڏجي، ڪڏهين ٻج پوکجي ۽ ڪڏهين پوک لڻجي. ساڳي وقت کين نين پوکن ۽ واپار جي امڪانن متعلق پڻ ڄاڻ حاصل هئي. اهڙي ريت اهي پيداواري طبقن تي ائين هڪ بار نه هئا جيئن سندن رڳو قرباني جون رسمون اداڪندڙ ابا ڏاڏا يا ٻڌ مذهب جون وڏيون خانقاهون هيون. ساڳي وقت انهن گوتم سڌارٿ کي وشنو جو نائون اوتار ٺاهي پنهنجي مذهب جو حصو ڪري ٻڌ ڌرم سان هڪ ٺاه ڪري ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ انهن مختلف قبيلن ۽ آديواسين جي ديوي ديوتائن کي رد ڪرڻ جي بجائي انهن کي وشنو جي اوتارن جي حيثيت ڏيئي پنهنجي مذهب جو حصو ٺاهي ڇڏيو.