تاشقند ٺاه ۽ لال بهادر شاستري
جواهر لال نهرو جي وزيراعظم طور حيثيت پارٽي ۾ غيرمتنازعه هئي. اهو عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙن اڳواڻن جي وفات کانپوء پارٽي اندر مختلف گروهن ۾ اقتدار لاء ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي. ساڳي ريت ڪانگريس ۾ به نهرو جي ديهانت کانپوء مختلف گروه سامهون آيا ۽ وزيراعظم جي عهدي لاء هڪ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي. ان وقت اندراگانڌي سياسي لحاظ کان گھڻي تجربيڪار نه هئي ۽ نه ئي پارٽي ۾ ان ڪو اثر رسوخ ٿي رکيو. گھڻي ڏي وٺ کانپوء لال بهادر شاستري کي ڀارت جو وزير اعظم نامزد ڪيو ويو. شاستري هيٺئين وچولي طبقي جو شخص هو جنهن جو پنهنجو گھر به نه هو ۽ نه ئي سندس شخصيت ۾ ايڏي ڇڪ هئي جيڪا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري سگھي. سندس بنيادي خاصيت پارٽي جو هڪ وفادار ڪارڪن هئڻ ۽ لاڳيتو ان لاء ڪم ڪرڻ هو. هو مهاتما گانڌي جو ساٿي ۽ سندس پوئلڳ هو. هو آزادي جي تحريڪِ ۽ خاص طور انگريز سرڪار سان سهڪار نه ڪرڻ واري تحريڪ ۾ گانڌي سان گڏ رهيو هو ۽ گھڻا ڀيرا جيل به وڃي چڪو هو. آزادي کانپوء هو مختلف موقعن تي يوپي جي اسمبلي جو رڪن ۽ وزير رهيو. پوء 1952 ۾ لوڪ سڀا جو رڪن ۽ ريلوي ۽ ٽرانسپورٽ جو وزير ٿيو. 1961 ۾ هو نهرو جي ڪابينا ۾ گھرو معاملن جو وزير ۽ نهرو جي آخري سالن ۾ وزير بي محڪمه جي عهدي تي به رهي چڪو هو.
اندرا گانڌي کيس خاص طور ناپسند ڪندي هئي. ڪلديپ نير هڪ واقعو ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڀيري وزيراعظم جي رهائشگاه تين مورتي ويو ته اتي شاستري کي وزيراعظم جي سيڪريٽري وٽ ويٺل ڏٺائين جيڪو اتي نهرو جي طبيعت پڇڻ آيو هو. هن سيڪريٽري کي چيو ته کيس اندر موڪل ته ان جو جواب هو ته اندرا گانڌي جيڪا ان وقت نهرو وٽ موجود هئي کيس موڪلڻ کان منع ڪئي آهي.
1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ٻنهي ملڪن جي ناتن جي حوالي سان هڪ اهم واقعو آهي. اها جنگ سترنهن ڏينهن هلي ۽ گڏيل قومن جي اپيل تي ختم ٿي. ٻنهي ملڪن پاران سوويت يونين جي ثالثي جي آڇ کي قبوليندي تاشقند ۾ ڳاله ٻوله ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان جي وفد جو اڳواڻ صدر ايوب خان هو جڏهين ته ڀارت جي وفد جي اڳواڻي وزير اعظم لال بهادر شاستري ٿي ڪئي. . گھڻن لاهن چاڙهن کان پوء ٻنهي ملڪن ۾ اهو ٺاه ٿيو هو. هڪ مرحلي تي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڳاله ٻوله ناڪام ٿي چڪي هئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن واپس موٽڻ جي تياري پئي ڪئي. سوويت وزيراعظم ڪوسيگن جي ڪوششن سان اها ڳاله ٻوله وري جاري ٿي سگھي ۽ نيٺ اهي ٺاه تي راضي ٿيا.
ان ٺاه جي هڪ اهم حيثيت آهي. ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته 25 فيبروري 1966 تائين ٻنهي ملڪن جون فوجون آگسٽ کان اڳ وارين سرحدن تي موٽي وينديون، ٻيئي ملڪ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا، معاشي ۽ سفارتي ناتن کي بحال ڪيو ويندو، هڪٻئي جي جنگي قيدين کي منظم نموني واپس ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ باهمي ناتن کي سڌارڻ لاء ڪم ڪندا. ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وزيرن وغيره جون ڪجھ گڏجاڻيون به ٿيون پر ڪشمير جي معاملي تي اختلافن جي ڪري گھڻي پيش رفت نه ٿي سگھي.
ان جنگ کانپوء ناتن ۾ ابتري آئي ۽ اهي وقت سان گڏ لاڳيتو وڌيڪ ابتر ئي ٿيندا ويا آهن. بنهي ملڪن جا ماڻهو ان ٺاه سان پوري ريت مطمئن نه هئا. سندن ليکي سندن اڳواڻ ان مان پنهنجي ملڪ لاء گھڻو ڪجھ حاصل نه ڪري سگھيا هئا. ڀارت جا ماڻهو ان ڳاله تي ڪاوڙيل هئا ته هڪ ته ڀارت قبضي ڪيل علائقا واپس ڪرڻ لاء تيار ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته پاڪستان سان جنگ نه ڪرڻ جو ٺاه ۽ ڪشمير ۾ گوريلا جنگ کي نه ڪرڻ جو ڪم پڻ نه ٿي سگھيو هو. ساڳي ريت پاڪستان جو صدر ايوب خان به تاشقند مان موٽڻ کانپوء ان ٺاه متعلق ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ بجائي لاتعلق ٿي اڪيلائي ۾ هليو ويو. ٺاه متعلق اختلافن ڪري پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو جنهن پنهنجي ڌار سياسي جماعت ٺاهي ۽ تاشقند ٺاه سندس ايجنڊا جو اهم حصو بڻجي ويو. اهڙي ريت ان ٺاه ٻنهي ملڪن ۾ هڪ نئين صورتحال کي جنم ڏنو.
ان ٺاه کي ان لحاظ کان به ياد رکيوويندو ته ٺاه ٿيڻ کانپوء ٻئي ڏينهن جڏهين ٻنهي ملڪن جا وفد پنهنجن ملڪن لاء روانا ٿيڻ وارا هئا ته ڀارت جي وزيراعظم شاستري جو دل جي دوري ڪري ديهانت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرذوالفقار علي ڀٽو، جيڪو ان وفد ۾ شامل هو، جا اهي ڪمينٽ گھڻو مشهور ٿي ويا ۽ ليکڪ پڻ ان جو حوالو ڏنو آهي ته جڏهين پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد کيس نالو کڻڻ کانسواء ٻڌايو ته بس هو هلي پيو ته ڀٽو جو فوري اهو جواب هو ته ٻنهي مان ڪهڙو حرامي هلي پيو هو.
بهرحال شاستري جو ديهانت سندس خاندان ۽ ملڪ لاء وڏو صدمو هو. هن رات سمهڻ کان اڳ پنهنجن گھر وارن سان ڳالهايو هو. واپسي ۾ کيس ڪابل مان ٿي دهلي وڃڻو هو.
شاستري جي اوچتي ديهانت کانپوء اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون هيون ته کيس زهر ڏنو ويو هو. شاستري جي کاڌي ۾ احتياط جي ڪري سندس ماني سوويت يونين ۾ ڀارت جي سفير جي گھران تيار ٿي ايندي هئي. ان ڪري سڌو شڪ ان ڏانهن ٿي ويو. اهو ان ڪري به هو ته ان سفير جا اندرا گانڌي سان لاڳاپا هئا ۽ گھڻن کي اهو شڪ هو ته هن اندرا جي چوڻ تي اهو ڪم ڪيو هو. بهرحل لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانسواء ڀارت اماڻيو ويو. شاستري جي زال ۽ خاندان جا ٻيا فرد ان موت کي فطري مڃڻ لاء تيار نه هئا. سندن ان احتجاج جي ڪري انڪوائري ته ڪرائي ويئي پر ان انڪوائري جي رپورٽ ان بنياد تي عام نه ڪئي ويئي ته ان سان هڪ ته پرڏيهي ناتا خراب ٿيندا، ٻيو ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿيندو ۽ اها پارلياماني حقن جي ڀڃڪڙي به ٿيندي.
شاستري جي پنهنجي ڪا ذاتي ملڪيت ۽ ايستائين ته رهڻ لاء ذاتي گھر به نه هو. ان ڪري سوال اهو هو ته سندس زال ۽ خاندان جو ڇا ٿيندو. ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين سندس زال جيئري آهي اها سرڪاري گھر ۾ رهندي ۽ کيس گذاري لاء سرڪار پاران هڪ خاص الائونس ملندو رهندو.
شاستري جي ديهانت کانپوء اندرا گانڌي ڀارت جي ٽين وزيراعظم ٿي.