اسپين مان مسلمانن جي نيڪالي
مسلمانن لاء اسپين، جنهن کي اهي ال اندلس بہ چون ٿا، هاڻي هڪ ڊيڄاريندڙ خواب ٿي پيو آهي. ليکڪ L.P.Harvey پنهنجي ڪتاب Muslims in Spain 1500-1614 ۾ مسلمانن جي اسپين مان نيڪالي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ليکڪ پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب ۾ ان کان اڳ جي دور، جڏهين مسلمان اقتدار ۾ هئا، کي پڻ بيان ڪيو آهي.
مسلمان هتي 711 عيسوي ۾ قابض ٿيا ۽ ست سو سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوء 1492 عيسوي ۾ آخري شهر گريناڊا بہ سندن هٿن مان نڪري ويو. ان کانپوء به اهي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين هتي رهيا ۽ نيٺ 1614 عيسوي۾ کين مڪمل طور هتان نيڪالي ڏني ويئي. اسپين جي لوڪ ڪهاڻين، قصن ۽ گيتن ۾ شاعر ۽ قصه گو تاريخ جي ان المئي تي ڳوڙها ڳاڙيندي غدار ڪائونٽ جولين کي ننديندا رهيا آهن جنهن ان قومي دشمن کي اتر آفريڪا مان اسپين کي فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
مڪمل فتح حاصل ڪرڻ کانپوء به عيسائين کي مسلمانن جي اسپين ۾ هئڻ تي اطمينان نه هو. ان دور۾ دنيا ۾ مذهب کي هڪ فيصلي ڪن عنصر جي حيثيت حاصل هئي. اهڙي ريت هڪ ته کين هڪ مذهب واري رياست گھربل هئي ۽ ٻيو ته انهن اهو نه ٿي چاهيو ته اسپين رستي اسلام يورپ ۾ اثر رسوخ حاصل ڪري. هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جي پاليسي ۾ هڪ مونجھارو هو. پرتگال جي شهزادي مينوئل اسپين جي شهزادي ازابيل سان شادي ڪرڻ پئي چاهي. پر ان سلسلي ۾ ازابيل جو اهم شرط اهو هو ته پرتگال مان يهودين ۽ مسلمانن کي نيڪالي ڏني وڃي. پرتگال پاران يهودين کي ته اڳ ئي نيڪالي ڏني پيئي ويئي پر مسلمانن، جيڪي اتي سوين سالن کان رهيل هئا ۽ مذهب وغيره جي حوالي سان انهن سان ڪو خاص مسئلو به نه هو، لاء اها نئين ڳالهہ هئي. ٻي ڳالهہ ته يهودي ۽ مسلمان پرتگال ۾ معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ هڪ اهم حيثيت رکندا هئا. بهرحال يهودين ۽ مسلمانن ۾ اها تفريق ڪئي ويئي ته يهودين کي پنهنجن ننڍن ٻارن وٺي وڃڻ جي اجازت نه هئي جڏهين ته مسلمانن کي اهڙي اجازت ڏني ويئي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته يهودين جي ان وقت دنيا ۾ ڪا رياست ۽ ملڪ نه هو جنهن جي کين حمايت حاصل هجي ۽ جيڪا ان جي بدلي وٺڻ لاء پنهنجي ملڪ جي عيسائين خلاف ساڳيا قدم کڻي سگھي. جڏهين ته مسلمانن جا گھڻا ملڪ هئا ۽ پرتگال کي اهو خدشو هو ته اهي پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ عيسائين خلاف ساڳيا قدم کڻي سگھن ٿا. مسلمانن کي سامونڊي ۽ زميني رستي کان ملڪ مان وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. حيرت جي ڳالهہ اها هئي ته انهن مان گھڻا مسلمان سرحد پار ڪري اسپين هليا ويا جتي باقاعدي سندن رهائش وغيره جو بندوبست ڪيو ويو هو.
پنهنجي ملڪ کي مسلمانن جي قبصي مان ڇڏائڻ کانپوء ٻيو اهم ڪم ان کي مڪمل طور هڪ عيسائي مملڪت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ يهودي ۽ مسلمانن کي عيسائي ڪرڻ هو. ان جي لاء پڇا ڳاڇا ڪندڙ مرڪز قائم ڪيا ويا. اهڙن ماڻهن، جيڪي تازو پنهنجو مذهب بدلائي عيسائي مان مسلمان ٿيا هئا انهن کان خاص طور اها پڇا ڪئي ويئي ته کين زوري ته مسلمان نه ڪيو ويو هو. خاص طور اهڙين عورتن جن مسلمانن سان شادي ڪرڻ لاء عيسائيت ڇڏي اسلام اختيار ڪيو هو انهن کي پنهنجن مڙسن کان ڌار ڪري پڇيو ويو ته مٿن مذهب تبديل ڪرڻ لاء ڪا زور زبردستي ته نه ڪئي ويئي هئي. مسلمانن پاران اهڙي ورتاء تي اعتراض ڪيا ويا پر انهن کي خاطر ۾ نه آندو ويو.
مسلمانن کي اها چونڊ ڏني ويئي ته اهي يا ته پنهنجو مذهب تبديل ڪن ۽ ٻي صورت ۾ ملڪ ڇڏي وڃن. ملڪ ڇڏي وڃڻ گھڻن لاء ايڏي سولي ڳالهہ نه هئي ۽ ان ڪري گھڻن مذهب تبديل ڪرڻ کي ترجيح ڏني. ان ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. هڪ ته اهي هئا جن پنهنجن فائدن حاصل ڪرڻ لاء واقعي عيسائيت اختيار ڪئي جڏهين ته ٻيا اهڙا ماڻهو هئا جن بظاهر ته پنهنجو مذهب تبديل ڪيو پر اصل ۾ پنهنجي اصل مذهب سان ئي لاڳاپيل رهيا. مذهب تبديل ڪندڙن ۽ عيسائين ۾ ضم ٿيڻ وارن ۾ شاهوڪار ۽ اهڙن ماڻهن جي گھڻائي هئي جيڪي ماضي ۾ مسلمان حڪمرانن جي درٻار جو حصو هئا. انهن جو هڪ مقصد ته پنهنجي مال دولت کي بچائڻ ۽ ٻيو مسلمانن يا نون ٿيندڙ عيسائين جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هو. انهن مان گھڻن کي نئين حڪومت ۾ وڏا عهدا به ڏنا ويا.
گھڻا جيڪي بظاهر عيسائي ٿي ويا هئا پرلڪ ڇپ ۽ پنهنجن گھرن ۾ پنهنجي پراڻي مذهب جي عبادت ڪندا هئا. ائين ڪندي جيڪڏهين اهي پڪڙجي پوندا هئا يا ڪير سندن ائين ڪرڻ جي اطلاع اختيارين کي ڏيندو هو ته کين احتسابي عدالتن آڏو پيش ٿيڻو پوندو هو ۽ کين ڏيهہ نيڪالي، ملڪيت جي ضبطي وغيره جهڙيون سخت سزائون ڏنيون ويندون هيون.
اسلام ۾ اهو حڪم آهي ته جيڪڏهين ڪنهن ملڪ ۾ غير مسلم حڪومت آهي ۽ اسلام تي عمل ڪرڻ تي پابندي آهي يا ان ۾ ڪي رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون ته اتي رهندڙ مسلمانن تي اهو ملڪ ڇڏڻ لازمي ٿيو پوي. اسپين جي مسلمانن جي صورتحال گھڻي منجھيل هئي. انهن لاء ملڪ ڇڏڻ ايترو سولو نه هو. ان سلسلي ۾ مخلتف عالمن پاران اجتهاد جي واٽ اختيار ڪئي ويئي. ان حوالي سان اوون جي مفتي احمد جمع جو فتوو جيڪو اوون جي فتوي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو خاص اهميت رکي ٿو. ان فتوا ۾ مسلمانن لاء تمام گھڻي گنجائش رکيل آهي. اهي اشارن ۽ هر لحاظ کان لڪل ۽ اهڙي ريت عبادت ڪري سگھيا ٿي جنهن سان ڪنهن کي سندن مسلمان هئڻ جو شڪ نه پئي.
پر انهن مان ڪو به طريقو مڪمل طور ڪامياب ۽ عيسائي حڪمرانن کي مطمئن نه ڪري سگھيو ۽ انهن وڌيڪ سختيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان وقت عيسائي وهنجڻ ۽ صفائي سٿرائي کي مذهب جي خلاف سمجھندا هئا. ان ڪري مسلمانن جا جيڪي عام حمام هئا انهن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ اهو حڪم جاري ڪيو ويو ته مسلمان پنهنجي موجوده لباس جي استعمال کانپوء آئنده مسلماني ڪپڙا نه پائيندا. مسجدن تي تالا هنيا ويا. اسپين ۾ مسلمانن جون جيڪي شاهڪار عمارتون هيون انهن ۾ الحمرا جي خاص حيثيت رهي آهي. ان کي عيسائين پاران ان ڪري نقصان نه پهچايو ويو ته ان کي عيسائي حڪمرانن پنهنجي شان ۽ شوڪت لاء استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي.
جيتوڻيڪ مسلمانن جي اسپين جي ڪنهن بہ علائقي ۾ حڪومت نه رهي هئي پر پنهنجي جان مال ۽ عقيدي جي بچاء لاء انهن جي مزاحمت رهندي ٿي آئي. 1568 کان 1570 عيسوي تائين گريناڊا جي بغاوت ان سلسلي جي آخري وڏي بغاوت هئي. ان ۾ باغين سان گڏ هزارين بي گناه مرد، عورتن ۽ ٻارن کي ڪٺو ويو ۽ نيٺ عيسائي حڪمران ان بعاوت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان وقت مسلمانن جون ٻه وڏيون رياستون مصر ۾ مملوڪ ۽ ترڪي ۾ خلافت عثمانيه هيون. جيتوڻيڪ اسپين جي مسلمانن پاران انهن کي مدد لاء گھڻيون درخواستون ڪيون ويون ۽ وفد موڪليا ويا پر مملوڪن ڪو مثبت جواب نه ڏنو جڏهين ته ترڪن جو اسپين ۾ اهو مفاد هو ته ان ريت کين يورپ ۾ داخل ٿيڻ جي واٽ ملي ٿي. ترڪي جا گھڻا ماڻهو اتر آفريڪا مان اسپين ۾ ويڙه ۾ شامل ٿيڻ لاء داخل ٿيندا هئا. انهن جو مقصد معاملن کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ هوندو هو. ظاهر آهي اها ڳالهہ عيسائي حڪمرانن لاء تشويش جو باعث هوندي هئي ۽ اهي ان کي هر طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
ان بغاوت کي ختم ڪرڻ کانپوء اهو سوال هو ته مسلمانن جي ان مسئلي مان ڪيئن جان ڇڏائجي. ان جو حل اهو ٿي نظر آيو ته کين ملڪ مان نيڪالي ڏجي. پر سوال اهو هو ته کين ڪٿي موڪلجي. ڪهڙا مسلمان ملڪ کين قبول ڪرڻ لاء تيار هوندا. ان مقصد لاء بين الاقوامي حالتون اسپين جي فائدي ۾ هيون. ان وقت تائين اسپين عڪ عالمي قوت بڻجي چڪو هو ۽ عالمي منظر نامي تي ان جي وڏي اهميت هئي. مختلف ملڪن ۽ خاص طور نيدر لينڊ سان ڪيل ٻارنهن سالن جي ٺاه ان جي مسلمانن جي ڏيه نيڪالي واري ارادي کي اڃا مضبوط ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪجھ پادرين پاران هڪ تجويز اها آئي ته مسلمانن کي نئين دريافت ٿيل آمريڪا موڪليو وڃي جتي اهي پاڻ ئي نامساعد حالتن جو شڪار ٿي مري کپي ويندا. بهرحال ست لک کان وڌيڪ مسلمانن کي سمنڊ جي رستي اتر آفريڪا جي ملڪن مراڪش، تيونس ۽ الجزائر اماڻيو ويو.
انهن مان ڪي پنهنجي منزل تي پهتا ۽ گھڻا سمنڊ ۾ حادثن جو شڪار ٿي مري ويا. گھڻا اهڙا ماڻهو هئا جيڪي يورپ جي ماحول ۾ پليا وڏا ٿيا هئا اهي انهن عرب ملڪن جي ڪلچر ۽ ماحول ۾ ٺهڪي نه سگھيا ۽ انهن واپس اسپين موٽڻ جي ڪوشش ڪئي. گھڻا ان ۾ ڪامياب به ٿيا ۽ گھڻن کي واپس ڪيو ويو.
مسلمانن جو ملڪ جي معيشت ۽ ٻين مختلف معاملن ۾ اهم ڪردار هو. خاص طور زراعت ۾ انهن جو اهم حصو هو. انهن جا عيسائي زميندارن ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن سان سٺا ۽ خوشگوار ناتا هوندا هئا. گھڻن سندن گھڻگرن پاران اها ڪوشش به ڪئي ويئي ته انهن کي نيڪالي نه ڏني وڃي. مسلمانن جي لڏي وڃڻ سان اسپين جي معيشت ۽ زراعت وغيره تي جيڪي اثر پيا ان متعلق يقين سان ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي.
مسلمانن کي نيڪالي ڏيڻ کانپوء عيسائي محققن ۽ پادرين کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۽ غارن وغيره مان مختلف شين تي لکيل دستاويز مليا جن تي يورپ وغيره جي ملڪن ۽ ويٽيڪن ۾ تحقيق ڪئي ويئي جنهن مان اها خبر پيئي ٿي ته انهن عيسائيت ۽ اسلام وغيره کي گڏي ڪنهن نئين عقيدي کي متعارف ڪرائڻ چاهيو ٿي. هڪ لحاظ کان انهن دستاويزن مسلمانن، جن کي اڳ عيسائي ڄٽ ڪري ليکيندا هئا، متعلق سندن نڪته نظر کي بدلائي ڇڏيو.
اهڙي ريت مسلمانن، جيڪي اسپين جي آبادي جو ننڍڙو حصو يعني پنج سيڪڙو مس هئا، جي حڪمراني جو دور ختم ٿيو.