جلائي جان جند جاني جدا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
خوديءَ ۾ خوبرو خود ئي خدا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
جهڪايم جت جَبين پنهنجو، صمد سان گڏ صنم سامهون،
خدا هڪ کي ڪيل سجدو قضا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
عُشاقن التجائون اڄ پُنيون دربار دلبر ۾،
تنين دلدار جو درشن عطا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
دُکيا جي دود ٿي دمدم، برهه ۾ باهه ڀڙڪايئون،
لڪايم لوڪ کان ليڪن لکا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
قتل ڪاڪُل ڪيوڪل جڳ، نهوڙيو نوڪ نظرن جي،
ورهين جو وڍ وري ويتر وبا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
نڀائي نينهن جو ناتو، وصل جو جنهن وچن ورتو،
مَٽائي محب مُنهن تنهن کان خفا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
چُڪي هڪ چاق ڪِيو چاڪن، پيتم جو پرت پيالي مان،
دلِ بيمار جو دارو دوا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
وصالي وچن جو ورقو، پرينءَ پويان پڙهان ٿو پر،
وساري سو وفا کي، بيوفا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
سمنڊ سڪ سوز جو ڪوئي ڪنارو يا ڪَپر ڪونهي،
انهي تِک تار ۾ طالب تبا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
رکي آسون عجيبن در ادب سان اڄ هليو ”شورو“
نصيبن جو نموني نئين نِيا ٿي ويو ته شڪ ناهي.
***
(3 جنوري 1980ع مسڻ وڏي)